مون ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌ سلامت برائوزر ٺاهي چڏيو هيو.پر توهان سان شيئر ڪرڻ ۾ ڊير لڳي.ان جو سبب بجلي گهٽ هجڻ.لوڊشيڊنگ.ٻيا به کوڙ سارا مسئلا هيا.پر اڄ توهان سان اهو برائوزر ونڊيا پيو. مون پهريان پي سي لا هڪ سمپل برائوزر ٺاهيو هيو پر ان ۾ ڪجھ غلطين ڪري اهو ڊليٽ ڪري چڏيم.پو سوچيم ته اينڊرائيڊ لا ڪو سادو برائوزر ٺاهجي.پو اهو برائوزر کي ٺاهيم.بنا ڪنهن ڪوڊنگ جي. ايپ گيزر جي ذريعي اهو برائوزر ٺاهيو آ.توهان به ٺاهي سگهو ٿا.ان جي سکيا توهان کي ويڊيو ۾ جلد شئر ڪندس. برائوزر کي سنڌ سلامت جو نالو ڏنو ويو آهي. هي هڪ سادو برائوزر آهي. هن ۾ سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ ۽ آئڪن به آهي. هن فيس بوڪ،گوگل ۽ ٽوئيٽر ويب سائيٽون ايڊ ڪيون ويون آهن هي اينڊرائيڊ جي سڀني ورزن تي سپورٽيڊ آهي. هي برائوزر ايڇ ٽي ايم ايل 5 سپورٽيڊ آ. ته پو اهو برائوزر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ پنهنجا قيمتي رايا ڏيڻ نه وساريندا. اميد ته برائوزر کي پسند ڪندا. سنڌ سلامت برائوزر
محنت سُٺي آهي يا تمام سُٺي ! ان بابت برائوزر استعمال ڪرڻ کان پو تبصرو ڪندس. في الحال ايترو ئي چوان ٿو ته ڪوشش سٺي ڪئي اٿوَ. پر جيڪڏهن اهو برائوزر سڀئي ويبسائٽ سپورٽ ڪندڙ هُجي ها ۽ سنڌسلامت جو نان ڏِجي ها ته وڌيڪ ڀلو ٿئي ها. ۽ اهو برائوزر جيڪڏهن ڪِيو، سامسنگ يا ٻيا اهڙا سيٽ جيڪي ايندروائيڊ سپورٽ ناهن انهن جي لا به ٺاهين ته پو واه واه ٿي ويندي. ٻي ڳالهه ڪجهه مهينا اڳ توهان هڪ ڳالهه ڪئي هُئي ته ”انپيج سنڌي ٺاهڻ جي تياري ۾ آهيان.“ اُن جو ڇا ٿيو ؟
ادا برائوزر کي سنڌ سلامت جو نالو ڏنو ويو آهي..۽ هي سڀني سيٽم مثلن سامسنگ،ڪيو،وائيس وغيره تي سپورٽيڊ آ. پهريان توهان استعمال ڪري ڏسو،پو ڪمينٽ ڏيو. مهرباني