تو تائين پهتا منهنجي نيڻن جا سارا ٿَڪ لهي ويا !

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
وائي

اياز گل

تو تائين پهتا
منهنجي نيڻن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تنهنجو نانءُ لکي ڏٺم
منهنجي هٿڙن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تون جو آئين شهر ۾
سڀني رستن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

ساڀيائن جي ديس ۾
ساڻن سپنن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تنهنجي چُنريءَ ۾ اچي
راڻي ! رنگن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

هڪڙي ڀاڪر ساڻ ئي
وسريل واعدن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !





 
Back
Top