• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بابا ٻڌاءِ روزو ڇاهي؟

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
10389183_697269816976560_8128970273672596732_n.jpg
*هر ان انسان کان سوال جيڪو روزن جو احتمام وڏي شانائتي انداز ۾ ڪري ٿو*
نينگر نيڻ کڻي نماڻا،
بابل کان هي سوال پڇيو آ،
بابا ٻڌاءِ روزو ڇاهي؟
بابل پنهنجا لڙڪ لڪائي،
ٻچڙي کي ڇاتي سان لائي،
پيار منجھان ٿو سمجھائي،
ڏينهن سمورو ان ۽ پاڻي چکبو ناهي،
ان کي روزو چئبو آهي،
نينگر هڪ دم ڪجھ سوچي ٿو،
۽ پوءِ ٻاتا ٻول ٻولي ٿو،
بابا پوءِ ته پنهنجو هر هڪ ڏينهن به ڄڻ ته روزو آهي،
هي ته هڪڙو ماه رکن ٿا،
اسين ڇو پورو سال رکون ٿا؟؟؟
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
تو وٽ خوب خوشيون عيدون عيش وهان، منهنجا ماروئڙا روزا روز رکن.
ادا اهيو سوال اسان جي وڏيري، سرمائيدار، ۽ راشي ڪاموري کان ڪيو.شايد ان جو جواب اهي ڏئي سگهن ڇو جو انهيء ٽنهيء ماڻهن هن غريب جا حق کاڌا آهن. پر وڌيڪ افسوس ته هن ڳالهه جو آهي ته اسان جو ماڻهون راشي ڪاموري توڙي هيٺئين ملازم ( رشوت وٺڻ ۽ ٻئي جو حق کائڻ واري عمل تي ) کي ننديندا ته ناهن مگر اڃان به انهن جي تعريف ڪندا آهن ته فلاڻي کي ته الله سڃاتو آهي ۽ واهه جو ٿو ڪمائي.افـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــسوس.
 
Back
Top