مائيننگ يا موت!؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ اظهار جسڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2014۔

  1. اظهار جسڪاڻي

    اظهار جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مائيننگ انجنيئر
    ماڳ:
    ٽنڊوڄام
    [​IMG]
    مائيننگ يا موت!؟
    اظهار جسڪاڻي
    کاڻين جي حفاظت: خطرن ۽ حادثن کان بچڻ کاڻين ۾ ٿيندڙ حادثن کان اڪثريت بي خبر آهي، ڪنهن کي خبر ئي ڪونه ٿي پئي ته واقعو حادثاتي آهي يا لاپرواهي اسان وٽ اتفاقي حادثا نه، پر لاپرواهي جي ڪري قتل ٿين ٿا. کاڻين ۾ ڪيترائي آفيسر، پورهيت ۽ مزدور موت جو کاڄ بڻجن ٿا. دنيا جي ٻين ملڪن جيان هتي به جديد ريسڪيو سينٽر جوڙي انهن جو تدارڪ ڪرڻ نهايت ئي ضروري آهي.

    کاڻ سازي يا کاڻين جو ڪم/علم (مائيننگ انجنيئرنگ) دنيا جي وڏن ۽ بنيادي علمن مان هڪ آفتابي شعبو آهي، جيڪو ملڪ جي صنعتي ترقي ۽ اقتصادي نشونما لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. مائيننگ اهڙو علم، فن، سائنس يا انجنيئرنگ آهي، جنهن جي مدد سان قيمتي قدرتي وسائل (معدنيات) کي حاصل ڪري، انهن کي خاص قسمن جي ھنري طريقن مان گذاري صاف ڪري استعمال ۾ آندا وڃن ٿا. سنڌ ۾ لوڻ کان وٺي يورينيم تائين تمام گهڻي معدنيات موجود آهي پر انهن جو سرڪاري ڪاغذن ۾ ذڪر ئي ڪونهي. جيڪڏهن قانون موجب ملڪ جي معدنيات کي صحيح طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته اسان جي عوام جو مستقبل ضرور بهتر ٿي سگهي ٿو. بين الاقوامي سروي موجب مائيننگ انتهائي خطرناڪ مشقن مان هڪ آهي، جتي هر وقت ڪا نه ڪا تبديلي اچي ٿي ۽ سدائين حادثن جو امڪان رهي ٿو. هتي اسان کاڻين جي حفاظت سان گڏ خطرن ۽ حادثن کان بچڻ جي طريقن بابت ڳالهائينداسين. پاڪستان ۾ اڄ تائين ڪوئلي جي کاڻين ۾ وڌ کان وڌ حادثا ٿيا آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي مزدورن ۽ انجنيئرن جا ٻچا يتيم ۽ گهر اُجڙيا آهن. ڪنهن به ڌنڌي ڪرڻ سان بيمارين جي ٿيڻ کي پيشيورانه مرض ڪوٺيو ويندو آهي. مائيننگ ۾ به ڪيتريون ئي پيشيورانه بيماريون آهن. مائيننگ ۾ پيشيوراڻي بيمارين ۾ گوڙ جي هئڻ سان ٻڌڻ جي صلاحيت تي اثر، مشينري ڪم ڪار ڪرڻ سان جسم ۾ ڏڪڻي، ساھ ۾ مُنجھ / دم، خارش، ڪرنگهي واري هڏي ۾ تڪليف (spinal disorders)، ڦڦڙن جو ڪينسر، مثاني جو ڪينسر، ڦٽ ڦرڙي، رسولي (melanoma)، موتيا بند، گڙدن جي بيماري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شامل آهن. ياد رهي ته هي بيماريون هر کاڻ ۾ نه هونديون آهن، پر مختلف حالتن جي ڪري ٿين ٿيون، جنهن تي ضابطو ممڪن آهي.

    کاڻين ۾ حادثن جا ڪيترائي سبب آهن، جنهن ۾ ڇت يا پاسن جو ڪِرڻ، زهريلي ۽ ڌماڪيدار گئس جو ڀرجي وڃڻ، ڊِرل ۽ ڌماڪا، مواد ۽ معدنيات جي آمد و رفت، اليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل شين جو غير فعال ٿيڻ، ڪوئلي جي دز، زيرِ زمين پاڻي جو ڀرجي وڃڻ، مختلف اوزان جو غلط استعمال، خطري واري جڳھ تي بي احتياطي، ڪم ڪرڻ جي طريقي ۾ ٽيڪنيڪل نگراني ۽ معائني ۾ ڪوتاهي، ڪم ۽ عمل جي غلط تنظيم، حادثي جي روڪ ٽوڪ لاءِ مناسب هدايتن ۽ قانون جي پابندي جي گهٽتائي، غير تسلي بخش ساز و سامان جو استعمال ۽ غير معياري مواد جو استعمال، حادثن جو اهم ڪارڻ آهي. حادثن کان بچڻ لاءِ ڪم ڪرڻ وقت صحيح معنى ۾ نگراني ۽ حادثي کان پوءِ تحقيقات تمام لازمي آهي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن سنگين حالتن کان بچي سگهجي. اسان جي ملڪ ۾ هر روز ٿيندڙ کاڻين ۾ ٿيندڙ حادثن کان اڪثريت بي خبر آهي، ڪنهن کي خبر ئي ڪونه ٿي پئي ته واقعو حادثاتي آهي يا لاپرواهي تحت پيش آيو آهي. ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪير ڪوشش ئي نٿو ڪري ۽ کاڻين ۾ قانون موجب ڪم ڪٿي هلي ئي نه پيو. حڪومت ۾ به جيڪو مائينز ۽ منرل جو نمائندو آهي، ان جو مائيننگ سان ڪو واسطو ناهي، اهو صرف هڪ سياستدان آهي.

    پاڪستان ۾ کاڻين جي قانون (Mines Act 1923) جا ڪجھ اهم سيڪشن هيٺ بيان ڪجن ٿا، جنهن کي توهان پڙهي اهو اندازو لڳائي سگهو ٿا، ته اسان وٽ اتفاقي حادثا نه، پر لاپرواهي جي ڪري قتل ٿين ٿا.

    سيڪشن 6: حادثن جي تحقيقات جي ذميواري مائين انسپيڪٽر کي ڏنل آهي، جيڪو کاڻين جي تمام ماڳن جو دورو، معائنو ۽ جاچ پڙتال ڪري، جمع ٿيل معلومات ۽ تجزئي جي بنياد تي، انهن جي روڪ ٿام لاءِ سفارشون تيار ڪري ٿو. بچاءُ لاءِ موثر قيادت، موت مار ۽ انتهائي زخم رسائيندڙ شين کي منظم ڪرڻ ۽ نقصان جي روڪٿام جي اعداد و شمار لاءِ توجهه ڏيڻ ضروري آهي.

    سيڪشن 16: کاڻ جي مالڪ، ايجنٽ ۽ مئنيجر جي ذميواري آهي، ته ان ڳالھ جي تصديق ڪن، ته ڇا کاڻ اندر هلندڙ ڪم قانون مطابق ٿي رهيو آهي يا نه. جيڪڏهن ٽنهي مان ڪوبه پنهنجي ذميواري نه نڀائيندو، ته ان جي انڪوائري ۽ جاچ پڙتال يا پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.

    سيڪشن 18: هر کاڻ لاءِ ايمبولينس، اسٽريچر (مريضن کي کڻڻ لاءِ)، اسپلنٽ، (Splint) بينڊيجز ۽ ٻيون ضروري دوائون ڪنهن مخصوص جڳھ تي حاضر حالت (Serviceable order) ۾ موجود هئڻ گهرجي. هن سيڪشن تحت فرسٽ ايڊ لاءِ ڪمرو ۽ ان ۾ انچارج نرس يا ڪمپائونڊر موجود هئڻ گهرجي.

    سيڪشڻ 20: هر حادثي يا گِڙ ٻڙ جهڙوڪ ڌماڪي، موت يا زخم، پاڻي جي اچڻ، زهريلين گئسن جو پيدا ٿيڻ، يا اهڙي قسم جي ڪا به ڳالھ، توڙي پيشيورانه بيماري جو نوٽيس موڪلڻ کاڻ جي مالڪ، ايجنٽ يا مينيجر جو فرض آهي.

    ڪنهن به قسم جي حادثي کان پوءِ ان جي سبب جي سڃاڻپ، قابل، ذميوار ۽ تجرباتي ماڻهو کي ذميواري اَرپڻ، انتظامي ۽ قانوني نظام يا طريقن جي بهتري لاءِ صلاح مشورو، خصوصي توجهه سان سطح ۽ زيرِزمين کاڻين جو معائنو ڪري، حادثن ۽ خطرن کان بچڻ لاءِ صحيح حڪمتِ عملي جوڙڻ لازمي آهي. کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مڙني عملي جي تربيت ۽ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام ڪوٺائڻ به بهتر مئنيجمينٽ انتظاميه جو ڪم آهي، ته جيئن انهن کي خطرن جي نشاندهي جي صلاحيت، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ، پاڻ کي ۽ ٻين کي محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ، ڪم ۽ پيداوار جي فروغ کي برقرار رکي، هڪ شاندار حفاظتي ثقافت جوڙي وڃي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ اهڙي ڪنهن به شيءَ کي ترجيح ناهي ۽ آئي ڏينهن کاڻين ۾ ڪيترائي آفيسر، پورهيت ۽ مزدور موت جو کاڄ بڻجن ٿا. دنيا جي ٻين ملڪن جيان هتي به جديد ريسڪيو سينٽر جوڙي انهن جو تدارڪ ڪرڻ نهايت ئي ضروري آهي.

    سنڌ ۾ تازا ٻه لاڳيتا واقعا پيش آيا آهن. جهمپير جي ڪنهن کاڻ ۾ ڇت ڪرڻ سبب ٻه پورهيت ۽ لاکڙا جي هڪ کاڻ ۾ ٽي پورهيت ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. هونئن ته اتفاق يا حادثا ڪٿي به پيش اچي سگهن ٿا، پر اسان وٽ موجود کاڻين جي حالت ۽ انهن جي مينيجمينٽ کي ڏسي، سڀني کي الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، ته جهڙي حالت آهي، انهي جي ڀيٽ ۾ حادثا اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. اها صرف قسمت آهي، ان کان علاوه ٻيءَ ڪا شي ناهي. هتي جي حالت موجب کاڻ ۾ اندر وڃڻ معني ڏسي وائسي موت کي ڀاڪر پائڻ برابر آهي.​
    [​IMG]
    لاکڙا ۾ پورهيت مرڻ کان بچي پئي سگهيا، جيڪڏهن کاڻ ۾ سٺي قسم جي ۽ مناسب وينٽيليشن هجي ها، جيڪڏهن وينٽيليشن هجي به سهي، پر پورهيت اڻ ڄاڻائي يا غلطي ۾ تڪڙ ڪري کاڻ اندر لٿا ۽ اها حالت پيش آئي، ته اسان انهن کي بچائي پئي سگهياسين. ائين تڙپي تڙپي سورن سان ساھ نه نڪري ها. انهن جو جيڪڏهن صرف ۽ صرف اتي آڪسيجن جو سلينڊر موجود هجي ها. رهي ڳالھ جهمپير جي ته اتي به جيڪڏهن ڇت جي سپورٽ مناسب نه هئي، ته چيڪ ڪيو وڃي ها، وڌيڪ ۽ گهربل سپورٽ مهيا ڪري پئي سگهبي، پر هتي حالت اِها آهي، جو کاڻ ۾ هڪ به مائيننگ انجنئير مقرر ٿيل نه هوندو آهي. جي هوندو به آهي، ته اهو مزور کان به گهٽ پگهار تي رکيو ويندو آهي. حڪومت طرفان هڪ مزور جو گهٽ ۾ گهٽ پگهار يارنهن هزار ماهوار مقرر ڪيل آهي، پر انجنئير جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 16 سال تعليم پرائي انجنيئر ٿئي ٿو، ته ان جي ۽ مزور جي پگهار ۾ فرق نه ٿو رهي. ان ڪري حق ڪنهن کي نه ملندو ته ڪارڪردگي به اهڙي ئي ڏيکاريندو. هڪ ٽرڪ ڊائيور سان ڳالھ ٻولھ ٿي، جيڪو شام جو 6 وڳي ٽنڊوالهيار مان ڀاڄي کڻي ڪراچي ڇڏي، صبح 6 وڳي تائين گهر موٽي ايندو آهي، ان جي چوڻ موجب هو 60 کان 80 هزار ڪمائي وٺي ٿو. هڪ رازو 1000 رپيه ڏهاڙي وٺي ٿو، پر مائيننگ انجنيئر مجبور ٿي صرف 367 رپيه ڏهاڙي تي ڪم ڪري ٿو. سنڌ ۾ هر سال 40 کان 50 مائيننگ انجنيئر يونيورسٽي جي ڊگري حاصل ڪري نڪرن ٿا، پر روزگار سان هر سال وڌ مان وڌ چار ڄڻا لڳن ٿا. سو به اُهي جنهن جي پٺ ڀرائي هوندي آهي. مون جهڙا مسڪين، نوڪري جي آسري ۾ ويهي، يا ته زندگي جي جنگ هارائي ويهندا آهن، يا وري پنهنجي ڊگري کي صرف شو پيس ڪري رکي ڇڏيندا آهن. سنڌ جي صرف هڪ يونيورسٽي ۾ مائيننگ جو شعبو آهي، جيڪو شايد يونيورسٽي لاءِ ڪاروبار ۽ ڪمائي جو ذريعو آهي. سنڌ ۾ 50 کان وڌيڪ معدنيات موجود آهن، ڪيترن جي مائيننگ به هلي رهي آهي (قانوني ڪاغذن ۾ نه ئي سهي)، ڪيتريون ئي سيمنٽ فيڪٽريون توڙي ٻيون رليٽيڊ انڊسٽريز هوندي به، يونيورسٽي پنهنجي گريجوئيٽز جي مسقبل، روزگار لاءِ ڪي به اُپا نه ٿي وٺي. ياد رهي ته پاڙي واري صوبي، جنهن ۾ معدني کوٽ هوندي به يونيورسٽي مان هر سال نڪرندڙ سڀئي انجنيئر نوڪرين سان لڳيو وڃن، اسان جي صوبي ۾ به نوڪري لاءِ ترجيحي هُتان جي پڙهيل انجنيئر کي وڌيڪ آهي. ڪير هن ڳالھ تي سوچڻ جهڙو نه آهي، ته هٿ وٺي پنهنجي نوجوانن جو مستقبل تباھ ڪرڻ کان بهتر آهي، يونيورسٽي ۾ مائيننگ جي شعبي کي بند ڪري ڇڏجي.

    يونيورسٽي ۾ شاگرد جي داخلا وقت مائٽ به ڀرپور نموني جي لاپرواهي ۽ بيوقوفي جو مظاهرو ڪن ٿا. ڇوڪري کي انجنيئر ڪرڻ جي شوق ۾ جهڙو شعبو مليو، ان ۾ بغير سوچي سمجهي، داخلا وٺي ڏيندا، مستقبل جو ڪير نه سوچيندو. هي وقت اهڙو آهي، جتي اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ ماڻهو پنهنجين زندگين جو نظرانو به ڏيندا رهن ٿا ۽ پنهنجا عضوا وڪڻي به پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ مجبور آهن، پر اسان جي معاشري ۾ پلاننگ نالي ڪا شي ڪانهي، ڪير مستقبل جو نه ٿو سوچي. جئين جيڪو آيو ڪم کي ڇڪيو رکي. اڳتي هلي سڀ ٿا سورن ۾ پون. ڏٺو وڃي ته حڪومت جي ذميواري آهي، ته هو هڪ کي روزگار ڏئي، پر پنهنجي ملڪ جا حال هر ڪنهن کي ساريل آهن. حڪومت روزگار نه ٿي ڏئي سگهي، ته ايترو ته ڪري، ته ملڪ جي کپت جي حساب سان، هر يونيورسٽي ۾ ان شعبي جو سيٽون، ضرورت جي بنياد تي طئه ڪيون وڃن، ته جئين جيترا به، ان مان گريجوئيٽ ٿين، اوترا روزگار سان به لڳي وڃن.

    حڪومت جون به ڪجھ ذميواريون آهن، ته ڪيئرير ڪائونسلنگ جا ادارا هجڻ گهرجن. جيڪڏهن حڪومت ناڪام ٿي وڃي، ته وس وارا ۽ سماج جا ذميوار فرد، اِها ڊيوٽي نڀائي سگهن ٿا. ڪيريئر ڪائونسلنگ، طالبِ علم کي صرف معلومات فراهم ڪرڻ جو ادارو آهي. جيڪو مستقبل ۽ قومي ترقي جي ڪرادار کي نقطهءِ نظر ۾ رکي، غير جانبدار رهنمائي فراهم ڪري، ڪيرئير جي تعمير لاءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

    خير پاڻ پنهنجي موضوع تان نٿا هٽون، قانون موجب کاڻين جي نگراني لاءِ حڪومت طرفان مائين انسپيڪٽر ۽ چيف انسپيڪٽر مقرر ڪيل آهن، انهن جو ڪم آهي ته کاڻين جو دورو ڪن ۽ جتي قائدي موجب ڪم نه هلي رهيو آهي، ان تي لاڳاپيل ڪاروائي ڪن. اسان وٽ انسپيڪٽر يا ته حادثي واري جڳھ تي پهچندا ئي نه ۽ جي پهچندا به، ته حادثي جي ڏينهن کانپوءِ، کيسو گرم ڪري، تتل اُس ۾ ان گاڏي ۾ چڙهي واپس ويندا آهن، جنهن ۾ ٿڌي مشين ٿڌو ماحول مهيا ڪري ڏي.

    کاڻ مالڪن، مائينز ۽ منرل ڊپارٽمينٽ، مائين انسپيڪٽوريٽ گهري ننڊ ۾ ستل آهن، جنهن کي ڪير به اٿارڻ جي همت نه ٿو رکي. انهن لاءِ ٻيو ڪجھ ته منهنجي وس ۾ نه آهي، پر دعا ڪريون ٿا ته شال انهن کي الله سائين حيا، شرم ۽ حلال ڪمائي جي توفيق عطا فرمائي. وس وارين ڌرين (مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ) کي به اڳواٽ شاباس هجي، جيڪي هن مسئلي تي آواز اٿارڻ جو پليٽ فارم ٺاهيندا. حڪومت ۽ انتظاميا کي گهرجي ته معدنيات جي مالڪي ۽ ان لاءِ ڪم ڪرڻ وارن جي حفاظت جو مڪمل عزم ڪري، قانون مطابق ڪم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، ته جيئن هڪ طرف معدني خزاني سان ملڪ جي معاشي بحران تي قابو پائي سگهجي، ته ٻئي طرف مجموعي معاشي ترقي به ممڪن بڻجي سگهي. ان سان گڏوگڏ عوام کي پنهنجي ڌرتي جو ۽ ان اندر لڪل خزاني جو معاوضو، انهن جي مالڪي ۽ اتي پيدا ٿيندڙ روزگار تي، پهرين انهن جو حق ڏئي، انهن کي خوشحال ڪري سگهجي.

    imjiskani@engineer.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل سچ لکيو اٿو ... اسان وٽ عام حادثن ۾ ئي نه انتظاميه ٿي پهچي نه وري ڪي ان لاء ساز سامان اٿن. ان جا وڏا مثال سانگي وٽ روڊ حادثو ۽ ان مان ماڻهن کي ڪٺڻ ۾ ڪيئي ڪلاڪ لڳا جنهن سبب وڌيڪ موت ٿيا يا وري ايئرپورٽ جي اسٽوريج وارو واقعو جنهن ۾ ٻن ڏينهن ۾ به ماڻهن تائين ڪا پهچ ڪانه ٿي نه وري ڪو سامان هين.

    بلڪل سڄي ملڪ جي حالتن وانگر هنن کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جون حياتيون به هر وقت داء تي لڳل آهن ....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو