وٺو ته ٿر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مصور عالم طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2014۔

  1. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    7 جون جي عوامي آواز ۾ ڇپيل ڪالم لنڪ:
    http://awamiawaz.com/وٺو-ته-ٿر-انجنيئر-جانِ-عالم-سومرو/
    وٺو ته ٿر
    انجنيئر جانِ عالم سومرو
    وارياسن پٽن تي آباد نه ڄاڻ ڪيترائي ريگستاني روح هيل به ابر آسري اڀ ۾ اکيون کپائي ويٺا آهن. ته ڪڏهن ٿو ڪن فيڪون جو قول ٿئي ۽ ڪڏهن ٿي ٿر جي پياسي ڌرتي ڪنوار جو روپ بڻجي. قدرت سان ڪلهو ملائڻ اسان انسانن جي وس ڪٿي آهي؟ پر تاڙي جي تنوار سان گڏ هڪ آهه ۽ پڪار ڏيهان ڏور ٿيل ناري لاڙ پٽن تي لابارو ڪندي پڻ ڪئي هوندي ته ”والي وسائج دردونديءَ جو ديس“. پنهنجا پکا ڇڏي پرديس ۾ پيٽ پوڄا خاطر پنڌ ڪري ويل پانڌيئڙا مينهن جي مامن جيان برسات بعد ئي وطن جا وڻ پسڻ لاءِ موٽ کائي سگهن ٿا.هونئن ته ڀٽائي چواڻي ته ”جنهن ويل وسي، تنهن ويل وس، مند مڙوئي مينهن جي.“ پر قدرتي آبهوا، گهم ۽ موسم جي ساري حال احوال کي سهيڙي موسميات کاتو اڳڪٿيون ڪندو رهندو آهي، هن دفعي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين اڳڪٿي ڪئي آهي ته هيل سڄي سنڌ ۾ گهٽ برساتون پونديون. جنهن سبب ميداني ۽ وارياسين علائقن ۾ ڏڪار جي صورتحال پيش اچي سگهي ٿي. اهو اعلان کڻي سڀني جي لاءِ هڪ اعلان ئي ڇو نه هجي. پر ٿر جي هر دل ان چتاءُ بعد سوڳ ۾ ساڻي نظر ٿي اچي. پروڪي ڏڪار سبب جيڪي ڪجهه ڀوڳيو سو برداشت جون حدون پار ڪري چڪو هو. مال مرڻ ته معمولي ڳالهه پر املهه انسانن جو موت ڪيڏو نه سستو ٿي پيو هو. اڃان انهيءَ ئي غم ۾ سوڳوار ٿرواسين اڃان ته تڏو ويڙهيو ئي نه هو. جو ڪجهه ڏينهن اڳ 10 ٻين جانين جو سول اسپتال مٺي ۾ فوتگيءَ جو انڪشاف ٻڌي ڪيترا ڏيل ڏريا هوندا. ڦرڻين ڪرسين جي ڪنن تائين اهو درد کڻي نه به پهتو هجي پر هڪ دردوندي دل مان دانهن ضرور نڪتي هوندي ته ”اڳتي الائي ته ڇا ٿيندو.“ بدترين ڏڪار جي سنگين حالتن کي منهن ڏيندڙ ٿر جي ماڻهن جي مک تان مرڪون ختم ٿي ڇڪيون آهن. ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ آس جو ڏيئو هاڻ ساهو جهڪو ڪري چڪو آهي. پر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ جن جي وس ڪجهه به ناهي اهي سوچيندا ٿا رهن ته انهن آس وندين اکين جي اميدن تي پاڻي ڦيرن بجاءِ اميدن کي پاڻي ڏجي. باقي جن جي وس ۾ سڀ ڪجهه آهي انهن وٽ سوچڻ جيترو وقت ڪونهي.

    شهر شهر جي موسم جو احوال ڏيندڙ هڪ ويب سائيٽ تي ڳولا ڪيم ته پتو پيو ته جولاءِ جي مهيني ۾ صرف 5 ڏينهن برساتن جو امڪان آهي. جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ 14 ملي ميٽر برسات پوڻ جو امڪان آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته برساتون اگر پيون به سهي ته به آگسٽ جي مهيني ۾ پونديون. ۽ اهو ته اڳ ئي واضح آهي ته ٿر ۾ اگر 15 آگسٽ تائين مناسب برساتون نه پيون ته علائقي ۾ ڏڪار جي صورتحال ٿيندي، ڇو ته ان بعد جون برساتون ٿر جي فائدي ۾ ناهن.

    تازو گذريل هڪ هفتو کن تيز هوائن پوري ٿر کي لپيٽ ۾ آندو. واري اڏامڻ لڳي هئي. روڊ، رستا واري سان ڀرجڻ سبب گاڏين هلڻ ۾ به دشواري پيش آئي. هڪ محفل ۾ ويٺي ڳالهه نڪتي هيلوڪي مٽي جي طوفان جي ته چند اهم ڳالهيون سامهون آيون. ته هيلوڪين هوائن جتي زندگي جي ڪاروهنوار کي متاثر ڪيو اتي مال متاع به بک مئو. دراصل حقيقت اها آهي ته جون جو مهينو ٿر ۾ چوپائي مال لاءِ ان ڪري به فائديمند آهي جو ان وقت ٿر جي ڄارين ۾ پيرون پچندا آهن. جن کي ٿر جي عوام ڏاڍي شوق سان کائيندي آهي. اهي پيرون هلڪين هوائن ۽ اُس سبب سڪي ڄار مان ڇڻندا آهن ته ان کي ڪوڪڙ چون. ڪوڪڙ مال شوق سان کائيندو آهي. ۽ ان ۾ تمام گهڻي طاقت پڻ آهي. ٿر جو ٻيو وڻ ڪنڊي هن مند ۾ سڱر جهليندي آهي. سڱر سڄي ٿر ۾ ڀاڄيءَ طور عام جام استعمال ڪيو ويندو آهي. سڱر جڏهن سڪندو آهي ته ان کي کوکا چون. کوکا جڏهن وڻ مان ڇڻندا آهن ته اهي به چوپائي مال لاءِ طاقتور کاڌو هوندا آهن. هيلوڪين هوائن سبب پيرون ۽ سڱر جيڪي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ئي ڇڻي پيا. مٿان وري تيز هوائن سبب انهن تي واري جو تهه چڙهي ويو جنهن سبب چوپائي مال جي کائڻ جي قابل نه رهيو. ۽ ٻيو ته تيز هوائن سبب لٽجي ويل ٻوٽن جهڙوڪ ٻُوهه وغيره مان اگر ڪنهن مال ڪجهه کاڌو ٿي ته ان کي به مُڙ جي بيماري ٿي پئي ٿي. ان ڪري جيڪڏهن چئجي ته هي مٽي جو طوفان مارن لاءِ مصيبت بڻجي آيو ته غلط نه ٿيندو.

    هڪ پاسي عالم اهو آ ته انسانيت بُک ۽ بدحالي جي بدترين بستر تي سڪرات جا ساهه کڻي رهي آهي. انسان بيوسيءَ جو موت مري رهيا آهن. مزدور طبقو ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهي ته ٻئي پاسي پڙهيل لکيل طبقو نوڪرين جي بکيا پنڻ لاءِ سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن جا در پيو کڙڪائي پر سفارش ڪلچر ۽ پنهنجا نواز پاليسي سندن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڏنل سند کي مات ڏيئي ڇڏي آهي. ٽئين پاسي وري غير سرڪاري تنظيمون آهن جن کي قومي ۽ بين الاقوامي ڊونرز طرفان اربين رپين جا فنڊ ڏيئي ٿر جي عوام کي ڏڪار جي صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ ٽاسڪ ڏنو ويو هو. انهن ٿر جي پروجيڪٽ تي ٻاهريان ماڻهو ڀرتي ڪيا. ڪجي ته ڇا ڪجي؟ ڪنهن در ڏجي دانهڙي!!!!

    دردن جي سيج تي ستل ٿرواسي جن کي سک جا ساگر پلئه ئي ناهن پيا. هڪ پاسي ٿر جي ڪوئلي سبب اندروني پريشاني ۽ ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا مارو اندر ئي اندر ۾ کامي رهيا آهن ته ٻئي پاسي برساتن جي گهٽتائي جو امڪان ۽ تيز مٽيءَ جو طوفان سندن جيءَ کي جهير ڏيندو وڃي پيو.ٽئي پاسي پڙهيل لکيل طبقي کي روزگار نه ملڻ سبب سندن اميدن جا ديپ اجهامن پيا. ارباب گروپ جي وفاق جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت آهي، پر رليف جي نالي تي سواءِ 2 انڪم سپورٽ جي قسطن تي ٻيو ڪجهه به انهن اٻوجهه انسانن جي نصيب ئي ناهي ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو