سنڌ پيرن مرشدن جي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ڪامران خان ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2014۔

  1. ڪامران خان ڪورائي

    ڪامران خان ڪورائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جولائي 2014
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    دادو،حيدرآباد
    سنڌ سدائين پوري دنيا ۾ پيرن فقيرن جي نگري طور سڄاتي وڃي ٿي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تي نظر وجهڻ سان هر شهر ڳوٺ ۾ پير مرشدن جي درگاهه آساني سان مليو وڃي جتي درگاهه نه هجي ته ان ڳوٺ ويڙهي ۾ سوين عقيدتمند ۽ مريد ضرور ملندا، جيڪي پنهجي مرادن پهچائڻ جي آس ڪري مرشدن تائين مختلف ريتن رسمن سان پنڌ پيري ته ڪي دهلن شرنائين سان هجهو ڪري جهمرن سان حاضري ڀرن ٿا. اهڙي طرح دادو ضلعي جي تعلقي مرحوم اديب ڊاڪٽر قربان جهتيال جي پيدائش واري شهر ڦلجي ۾ واقع قديم درگاهه عاليه “پير ترهو شريف“ آهي جيڪا دادو شهر کان موندر ناڪه مڇي موري رستي وٽان 30 کان 40 مينٽن جي مفاصلي تي آهي. اتي پير تهو سان گڏ هڪ ٻي درگاهه پن موجود آهي جيڪا بزرگ محمد اسماعيل جي آهي جيڪو پنهجي دور کان هاڻ تائين “ملا سائين“ جي نالي سان مشهور آهي .
    ان ڳوٺ جا ماڻهون خاص ڪري درگاهه پير ترهو شريف جو گادي نشين پير غلام حسين پيرزادو سنڌ جي ثقافت کي برقرار رکندي پنهجي دل ۽ شوق سان مريدن ۽ عقيدت مندن جي خيال سنڀال لاءِ درگاهه جي ويجهو هڪ سنڌي پيهي (ڇپر) جيڪا پراڻي دور جي ٺهيل آهي اتي باهه جي مچ سان ڪچهري رچائي گرم چانهه جي پيالن سان آيل مهمانن کي پنهجو سمورو وقت ڏئي درگاهه بابت ڳالهن ڄاڻ ڏئي ٿو مبهجو سنڌآءِ مئگزين جي ٽيم ۽ سنڌآءِ ڦلجي جي رپورٽر محبوب کهرو جو آڌر ڀاءُ ڪندي درگاهه جي گاد نشين ۽ سندس فرزند سائين پير شمس الدين پيرزادو ٻڌايو ته پير ترهو شريف جو اصل خاندان قريش آهي .
    ۽ سائين جن قريش خاندان سان واسطو رکندڙ آهن وڌيڪ ٻڌايو ته پير صاحب اتان اچ شريف ۾ قيام ڪيو جنهن بعد مٺياڻي جي لڳ رهائش پزير ٿيا. ان کان پوءِ ڪجهه ڄاڻ مطابق ڪجهه خلافتي سبب پنهجي ئي ڪنهن گهر جي فرد هٿان شهيد ڪيا ويا ٻڌڻ وٽان ڳالهه ڪئي وئي جنهن تي غور ٿيو ته پير ترهو شريف شهادت بعد پنهجو سر مبارڪ “سسي“ تري تي کڻي اڏامڻ لڳا ان سفر دوران مٺياڻي کان ڪجهه ميل اڳتي اولهه طرف هڪ کوهه تي عورتون پاڻي ڀري رهيو هيون ته انهن مٿان اچانڪ سان رت جا ڦڙا برسات جئيان وسن لڳا تنهن تي ان ڳوٺ جي عورتن پنهجي ڳوٺ ۾ رهندڙ نيڪ بزرگ محمد اسماعيل عرف ملا سائين کي سڏ ڪري ٻڌايو ته اڄ آسمان مان رت جي برسات وسي پئي جنهن بعد ملا سائين آسمان ڏانهن نظر ڦيرائي ته سندن جي اکين شهيد پير ترهو کي ڏٺو، جنهن ج فوري بعد ملا سائين ان سان هم ڪلام ٿيا جنهن تي جواب ۾ پير ترهو شريف وراڻيون ته آءُ مديني پاڪ وڃي رهيو آهيان جنهن تي ملا سائين ساڻس فرمايو ته توهان اسان وٽ اسان جي ڳوٺ ۾ قيام ڪريو اسان اوهان کي مديني پاڪ جو ديدار اتي ئي ڪرايون ٿا. ۽ اڄ کانپوءِ هي علائقو اوهان جي نالي سان سڏيو ويندو ۽ هر شئي جيڪا مون وٽ آهي سا توهان وٽ هوندي گادي نشين وٽان ٻڌي ڳالهه جڏهن بزرگ ملا سائين جي مزار تي وياسين ته اها شهيد پير ترهو شريف جي مزار کان ڏکڻ طرف تي آمهون سامهون موجود هئي پير ترهو جي مزار جي قيام بعد بزرگ ملا سائين پنهجي زبان مبارڪ سان پنهجي مريدي پير ترهو شريف حوالي ڪئي.
    جهنگلي چتوئين جي ٻولين سان جهونگاريندڙ پکين جي آواز ڪئي پراڻا وڻ ڳالهه جو نسورو ثبوت ڏئي رهيا آهن ته هن درگاهه جو قيام ڪئي ورهه اڳ جو آهي درگاهه جي مرمت لاءِ آيل راضي ان ڳالهه جو چئي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي خاطري گهري ته درگاهه ۾ استعمال ٿيندڙ سرون هاڻوڪي سرن جي ڀيٽ ۾ هزار ڀيرا مظبوط آهن اسان ٻيهر اهڙو مظبوط روضو نه جوڙي سگهنداسين پراڻي دور ڀارت جون سرون استعمال ٿيل روضي کي صرف رنگ روپ جو هين ڪم ڪرايو ويو.
    عام درگاهن تي ماهه پهريون جمعو ٿيندو آهي پر پير ترهو شريف تي ماهه پهريون سومر ڏينهن ملاهيو ويندو آهي اڄ به پوري سنڌ ۽ بلوچستان سمئيت ڪئن ئي علائقن جا ماڻهون اتي وڏي پيماني تي خير خيراتون ڪن ٿا، پنهجي عقيدي موجب نيڪ مرادو کڻي ايندڙ کالي جهوليون ڀريو وڃن ٿا.
    سپير ترهو شريف جي روضي اڳيان فقيربزرگ جلال کٽي جي آخري آرمگاهه موجود آهي فقير بزرگ جلال کٽي
    پنهجي دور جو وڏو عظيم سگھڙ ۽ شاعر پڻ رهيو جنهن فقير لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جو معجزو آهي ته ان فقير پنهجي ذڪر فڪر ۾ مسجد شريف جو نقشو ٺاهيو جيڪا اڄ به انڊيا ۾ موجود آهي درگاهه پير ترهو شريف جي اڱڻ تي اڄ به قديمي کوهه موجود آهي جنهن جي پاڻي سان عقيدتمند جي بيماري دور ٿي وڃي ٿي . جلال کٽي جا ڪئي ڏور ۽ بيت آهن جن مان هي به هڪ آهي
    “ڪنهن وٽان ويهي شل نه وڃن سپرين“
    سا جدائي ”جلال“ چئي جهورائي جهڙي
    پرين پر ڏيهي قادر نه ڪنهن جا ڪري
    گادي نشين جي فرزند پير شمس الدين اها خواهش ڏيکاري ته درگاهه کي اوقاف کاتو ڀل پنهجي تحويل ۾ وٺي ۽ قديمي آثار برقرار رکڻ لاءِ رهيل مرمت ڪرائي وڃي جئين اڳتي به درگاهه قديمي جڳهيون دائم ۽ قائم رهن
    Email:Korai.kamran@gmail.com
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 جولائي 2014
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا ڪامران ان موضوع ۾ جيڪڏهن درگاه جون تصويرون ايڊ ڪجن ته موضوع سهڻو لڳندو..
    وڌيڪ اوهان جي مرضي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي ڄاڻ
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ملان ۽ مجاور ڳالهه مڙئي هڪڙي.....شاه رح
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    ادا منهنجي خيال ۾ معجزو نبين۽ پيغمبرن جو هوندو آهي ۽ الله جي ولين جي ( عام حالت ۾ اڻ ٿيندڙ عملن کي ) ان عمل کي ڪرامت چئبو آهي نه ڪي معجزو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ڄاڻ ونڊڻ لاءِ لک قرب
     
  7. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ڪامران ڪورائي صاحب معجزا نبين کان ظاھر ٿيندا آھن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو