• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

طالبان مذهبي جنونيت جو هڪ ڀيانڪ روپ آهن!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
طالبان مذهبي جنونيت جو هڪ ڀيانڪ روپ آهن!
Amar Jallel
”رب نه عرش تي آهي، نه فرش آهي، رب نه مسجد ۾ آهي، نه مندر ۾ آهي. رب انسان جي اَندر ۾ آهي. ڪل جڳ ۾ وڳوڙ تڏهن پيدا ٿيو جڏهن هڪ انيڪ روپ ڏيئي ماڻهن هڪ کي وساري ڇڏيو. پنهنجي پنهنجي خدا جي برتريءَ لاءِ ماڻهن رت جا درياهه وهائي ڇڏيا. قدرتي آفتن، زلزلن، آتش فشائن، سونامين ۽ سمنڊن جي اُٿلڻ سان ايتري قدر وڏي تعداد ۾ ماڻهو نه مئا آهن ۽ نه دربدر ٿيا آهن. سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ شعور ۾ بي انتها اوسر جي باوجود مذهبن جي نالي ۾ وحشتناڪ ڪاروايون ختم ٿي نه سگهيون آهن. اُٽلندو انهن ڪارروائين ۾ اضافو ٿيو آهي. طالبان مذهبي جنونيت جو هڪ ڀيانڪ روپ آهن.“
 
Back
Top