• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون ۽ مان هڪ ڪيئن ٿيون ۔۔ ؟

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
تون ۽ مان هڪ ڪيئن ٿيون ۔۔ ؟
حميده گل

تون ۽ مان
هڪ ڪيئن ٿيون ۔۔ ؟
تنهنجا سپنا تو لئه آهن
منهنجا خواب سڀن لئه ساڳيا ،
تون رات جي پهرين پهر جو باسي
مان پرھ ڦٽيءَ جي ڳولائو
سوچ جي دنيا جا ٻه ڪنارا
وچ ۾ رات ۽ ڏينهنءَ جو پنڌ آ
مان جيسين پُڄنديس
تون گم ٿي ويندين ،
اُونداهين ۾ سَپجي ويندين ،
منهنجو پنَڌ صبُح ستارا
آسَ ، ڀنڀوري ، باکَ ڪِنارا
 
Back
Top