متان اتر ڊاهي اسان کي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اترين علائقن ۾ طالبان سان ٻه ٻول ٻولندي جيڪا گوليءَ جي ٻولي شروع ٿي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو نقل مڪاني ۽ ڀاڄ جو سلسلو شروع ٿيو آهي، ان جي نظر ۾ هاڻي سنڌ جو ڏکڻ ۽ ڏکن جي هير ئي آهي. اڌ صديءَ کان وٺي سنڌ واسين کان شهر کسڻ ۽ کين اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي جيڪا منظم تحريڪ هلندي پئي اچي.اتر کان ايندڙ ۽ نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهو انهيءَ تحريڪ جو اٽوٽ حصو بڻجي پوندا ۽ سماجي سياسي خواهه جاگرافيائي طور ان جا منفي اثر اسان لاءِ ڪاپاري ڌڪ ثابت ٿيندا. سنڌ ڏانهن ڌوڪي ايندڙ ماڻهن جو هي سيلاب ملڪي ۽ بين الاقوامي سياسي مفادن ۽ تضادن جي درياهه جي بندن ٽٽڻ جو نتيجو آهي. اهي بند حادثاتي طور ڪونه ٽٽا آهن، پر گهڻن مقصدن ۽ منصوبن جو نچوڙ آهن. بين الاقوامي طور تي سئنر ڪئنال جي بند ٿيڻ جي نتيجي ۾ روس ۽ چين لاءِ سمنڊ تائين پهچڻ ۽ آبي رستن استعمال ڪرڻ جو واحد رستو اهو ئي رهي پيو، جنهن تي گولين، بمن ۽ ميزائلن جي بارش ٿي رهي آهي. ڪميونسٽ بلاڪ جي انهيءَ رستي روڪ لاءِ افغانستان کان بلوچستان تائين باهه کي ڀڙڪايو ويو. غير ڪميونسٽ، بلڪه ڪميونسٽ-دشمن بلاڪ آمريڪا جي اڳواڻي ۾ افغانستان ۾ رڻ ٻاري پوءِ جڏهن هٿ هلڪو رکڻ شروع ڪيو ۽ اسامه بن لادن جو خاتمو آندو، ته ان وقت سپورنجن سمجھي ورتو هئو ته جنگ جي ميدان ۾ ڪا تبديلي اچڻ واري آهي. اترين علائقن ۾ جهڙيءَ ريت طالباني ۽ ويڙهاڪ گروهن لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيا ويا آهن، ان جا هونءَ ته ڪيترائي مثبت خواهه منفي اثر نڪرندا، پر ويڙهاندي گروهن کي ويڙهاهند ماڳن ۽ حڪمت عملين تبديل ڪرڻ جو وجهه پڻ ملي ويندو. جن ويڙهاڪ گروهن جي واڳ بين الاقوامي سامراجي قوتن جي هٿ ۾ آهي. انهن کي جهڙوڪ راهه داري ملي وئي ته هو هاڻي پنهنجي مالڪن جي وڌيڪ رضامندي ۽ خوش نودي حاصل ڪرڻ لاءِ انهيءَ محاذ تي رپورٽ ڪن، جتي ڪا فيصلا ڪن ۽ ڇتي ويڙهه ويڙهڻي آهي. بين الاقوامي سياسي ۽ سامراجي تناظر ۾، هاڻي سنڌ جي ڏکڻ، بلڪه ڪراچيءَ ۾ وڏي ڌماچوڪڙي مچڻ جون حالتون پيدا ٿي رهيون آهن. هنن حالت ۾ سنڌ واسي جيڪڏهن سجاڳ نه ٿياسين ته تاريخ پنهنجا پڙهايل سبق وري پڙهائيندي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اتر کان جنهن به حملو ڪيو، ان جو اثر گهڻي وقت تائين نه هليو. پر ڏکڻ کان جيڪا تبديلي آئي، ان اسان جي مذهب، سياست ۽ سماج ۾ وڏي اٿل پٿل آندي. محمدي بن قاسم آيو ته ملڪ جو مذهب ئي مٽجي ويو، انگريز آيا ته اسان جي سياست ئي بدلجي وئي ۽ پوءِ جڏهن اسان عظيم ميزبانن جا هندستاني ڀائر آيا ته ٻولي ۽ ثقافت اسان لاءِ اوپريون ڳالهيون بڻجي ويون. 1947ع کان ڪراچي ۽ ان سان گڏ ڏکڻ سنڌ اندر گرائونڊ تحريڪن جي نتيجن ۾ اسان جي پيرن هيٺان کسڪڻ شروع ڪيو آهي. بن قاسم ۽ گوادر بندر جو ٺهڻ، ذوالفقار آباد جي آبادي ۽ ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي سياڻن لاءِ وڏا اشارا آهن ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪو وڏو ممڻ مچڻ وارو آهي. هاڻي اتر کان ايندڙ ماڻهن جي نالي ۽ پناهه ۾ ويڙهاندي گروهن ۽ ڪرائي جي قاتلن جاهر اول دستا، سنڌ ۾د اخل ٿيندا. نتيجي ۾ مچ ڪراچيءَ ۾ ٻرندو ۽ ٽانڊا سموري سنڌ ۾ دکڻ شروع ٿيندا. ڪَر کڻي ايندڙ ڀيانڪ صورتحال جو اسان جي مدبرن ۽ دانشورن تي اثر ڪونه ٿيندو. انهن جا دڳ ۽ پيچرا ئي الڳ آهن. هنن کي پنهنجو بت بڻائڻو آهي ۽ مال ڪمائڻو آهي. سالن کان وٺي سندن منهن عملن ۽ روين جي حوالي سان عوام بدران ٻئي طرف رهيو آهي. اسان جي اپر ڪلاس جي ايوانن ۽ اوطاقن جا فيصلا چاڪي جي ڏاند وانگر پنهنجي مفادن جي گهاڻي چوڌاري پئي ڦريا آهن. هاڻي ته نام نهاد مُبلغن جي ڪمي ڪانه رهي آهي. ٽي وي چئنل به پنهنجا، اخبارون به پنهجون ڳالهائڻ وارا به اهي ته لکڻ وارا به اُهي. اسان عوام جي اهڙي ته نظرياتي ۽ معلوماتي رستي روڪ ڪئي وئي آهي ۽ اهڙا ته بند ٻڌا ويا آهن جو سوچڻ ۽ لوچڻ جي سگهه به موڪلائيندي پئي وڃي. انهيءَ صورتحال ۾ جيڪا ويڌن اڳ ۾ اسان سان ٿي، اها ياد ناهي، جيڪو هاڻي ٿي رهيو آهي. ان جي پاڻ کي خبر ناهي ۽ جيڪو مستقبل ۾ ٿيندو ان جو اونو وري ڪهڙو ڪنداسين. پر اسان کي ماضي، حال ۽ مستقبل لاءِ سوچڻ گهرجي، هاڻي اتر طرف کان جيڪو باهه جو طوفان اچي رهيو آهي. ان کي معمولي ڳالهه ڪري وٺڻ نه گهرجي، سوچڻو عوام کي آهي ۽ لوچڻو به عوام کي آهي… روزاني عوامي آواز، اربع 9 جولاءِ 2014ع؛ 10 رمضان المبارڪ 1435هه