اتر وزيرستان آپريشن ۽ سنڌ ۾ ڌارين خلاف قومپرستن جا ڌرڻا

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اتر وزيرستان آپريشن ۽ سنڌ ۾ ڌارين خلاف قومپرستن جا ڌرڻا
    اقبال ملاح

    سنڌ بچايو ڪميٽي طرفان اڄ اتر وزيرستان مان سنڌ ايندڙ آءِ ڊي پيز خلاف سنڌ جي ٻن سرحدي دنگن اوٻاوڙو ۽ ڊيرا موڙ ڪشمور وٽ ڌرڻا هڻي رستا روڪ ڪرڻ جو اعلان ٿيل آهي، قومپرست اڳواڻ اوٻاوڙو ۽ ڪشمور ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن، جتي اڄ صبح کان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ ڌارين جي رستا روڪ ٿيڻي آهي، هو سنڌ کان ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ ٽرانسپورٽ کي نه روڪيندا، ٻنهي هنڌن تي هن قومي احتجاج ذريعي سنڌ ايندڙ مسافر گاڏيون داخل ٿيڻ نه ڏنيون وينديون، هي احتجاج اڄ شروع ٿيو آهي ۽ 15هين جولاءِ تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جاري رهندو، قومپرست اڳواڻ هن احتجاج ذريعي سڄي دنيا کي هي نياپو ڏيڻ چاهين ٿا ته سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي لکين ڌاريا اچي چڪا آهن ۽ اتر وزيرستان ۾ عسڪريت پسندن خلاف هلندڙ آپريشن دوران سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ ڌارين جي وڌيڪ آبادڪاري ٿي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڌرتي ڌڻين جي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا خطرا وڌي ويا آهن، جنهن ڏينهن سنڌ بچايو ڪميٽي کي ٻيهر بحال ڪري آءِ ڊي پيز خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو هو، ان ڏينهن ئي مون پنهنجي تجزيي ۾ آپريشن ضرب عضب، هن خطي ۾ دهشتگردي خلاف هلندڙ جنگ، ڌارين جي آبادڪاريءَ ۽ بنياد پرستيءَ جي نتيجي ۾ سنڌ کي پيش ايندڙ خدشن جو تفصيل سان ذڪر ڪندي مٿين مسئلن جي ڪيترن ئي رخن جو جائزو ورتو هو، جيئن ته هن خطي ۽ پاڪستان جي موجود سياسي صورتحال ۾ قومپرست پارٽين جي هيءَ تحريڪ غير معمولي حيثيت رکندڙ آهن، تنهن ڪري آءِ ڊي پيز جي سنڌ ۾ اچڻ ۽ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ قومي ردعمل جو جائزو وٺبو ته جيئن صورتحال جا مختلف رخ سامهون اچي سگهن.

    عسڪريت پسندي يا بنياد پرستي هاڻ فقط ڪنهن علائقي جو مسئلو ناهي رهيو، وڌندڙ بنياد پرستيءَ واري هيءَ لهر عرب ۽ ايشيا جي ملڪن کي شديد متاثر ڪندي هاڻ سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي، سنڌ جي قومپرست تحريڪ کي آءِ ڊي پيز جي سنڌ ۾ آمد ۽ بنياد پرستن خلاف آپريشن کي ٻن الڳ رخن سان ڏسڻو پوندو، ضرب عضب آپريشن جي حمايتي نظرياتي حلقن جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ۾ رڳو عسڪريت پسند يا بنياد پرست ناهن، بنياد پرست قوتون ملڪ جي ٻين حصن جيان سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ موجود آهن ۽ هو جڏهن چاهين سنڌ جي سيڪيولر سوچ ۽ تصوف کي نشانو بنائي سگهن ٿيون، تنهن ڪري پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جيان سنڌ جي قومپرستن کي بنياد پرستن ۽ عسڪريت پسندن خلاف هلندڙ آپريشن جي نه رڳو حمايت ڪرڻ گهرجي، پر وفاقي ۽ سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ جتي به هٿياربند بنياد پرست قوتون موجود آهن، تن خلاف ائين ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جيئن ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿي رهي آهي، جيئن ته اتر وزيرستان جي پهاڙي سلسلن ۾ عسڪريت پسندن مڪمل قبضو ڪري پنهنجا ٺڪاڻا ٺاهي ورتا هئا ته انهن خلاف آپريشن ان نوعيت جو ٿي رهيو آهي، سنڌ جي ميداني سرسبز علائقن ۾ ظاهري طرح اهڙي صورتحال نظر نٿي اچي، پر جڏهن بدين جي سامونڊي پٽيءَ ۾ موسيقي تي بندش جون خبرون اينديون هجن ۽ سنڌ جي شهرن تي قبضا ڪري اتي پنهنجن آبادين ۾ اتر وزيرستان جهڙو نظام لاڳو ڪيو ويو هجي اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند ڌرين کي سڌو ٿي سامهون اچڻ گهرجي، اها ڳالهه يقينن سمجهڻ جوڳي آهي ته ضياءَ الحق جي آمريت وارن ڏينهن ۾ پاڪستان جي رياست طالبانائيزيشن واري صنعت پاڻ هنئين ۽ اتان پيدا ٿيندڙ ويڙهاڪن کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو هو تبديل ٿيندڙ حالتن موجب هيءَ رياست پنهنجي ماضيءَ واري پاليسي تبديل ڪري رهي آهي، سياسي مبصرن چواڻي ته هاڻ پاڪستان جي رياست ئي طالبانائيزيشن کي ختم ڪرڻ گهري ٿي، سنڌ سدائين بنياد پرستيءَ خلاف رهي آهي، تنهن ڪري سنڌ کي رياست جي تبديل ٿيندڙ نقطه نظر بابت مختلف رخن سان سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وڌندڙ بنياد پرستي سنڌ کي اتر وزيرستان جهڙو بڻائي سگهي ٿي.

    آءِ ڊي پيز خلاف سنڌ بچايو ڪميٽي جو نقطه نظر سنڌ جي حق ۾ وڃي ٿو، سن ۾ سائين جي ايم سيد جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ قومي اتحاد جي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي قومي اتفاق راءِ ٿيو هو ته 1954 کان پوءِ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ ڌاريا سمجهيا ويندا، سنڌي قوم سان ظلم اهو ٿيو آهي ته سنڌ اندر پارلياماني سياست ڪندڙ وفاق پرست جماعتن جي اقتدار ۾ اچڻ ڪري هو ڌاري آبادڪاريءَ واري قومي مسئلي تي چٽا ناهن، اسيمبلي يا اسيمبلي کان ٻاهر فقط ڳالهيون ٿين ٿيون، سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ ڌاريا اچن ٿا ڪوڙا ڊوميسائل ٺهرائين ٿا، نادرا کين سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏئي ٿي ۽ هو غير قانوني مان قانوني ٿي پاڪستان جا شهري بڻجي وڃن ٿا، پر اڄ تائين فقط هي خبرون ئي اينديون رهيون آهن ته ڌارين جي رجسٽريشن ڪئي ويندي ۽ غير قانوني طور سنڌ ايندڙ ڌارين کي سنڌ مان بيدخل ڪيو ويندو، جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجا ٿورا به فرض نڀائي ها ته اڄ ڪراچي ۽ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌاريا سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري نه سگهن ها، قومپرستن اتر وزيرستان مان سنڌ ايندڙ آءِ ڊي پيز خلاف جڏهن سنڌ جا دنگ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت جي ڪنهن به ذميوار ماڻهوءَ سنڌ بچايو ڪميٽي سان ڪو رابطو نه ڪيو ۽ نه ئي قوم آڏو هيءَ وضاحت ڪئي ته سنڌ ۾ ايندڙ ڌاريا هتي مستقل آباد ٿي نه سگهندا ۽ جڏهن آپريشن پورو ٿيندو ته کين ٻيهر واپس اتر وزيرستان موڪليو ويندو، سنڌ حڪومت جي ڪا هڪڙي اهڙي ڪيمپ ناهي، جتي اتر وزيرستان مان هڪ لک کان وڌيڪ آيل آءِ ڊي پيز کي ترسايو ويو هجي ته جيئن کين ٻيهر واپس موڪلي سگهجي، تنهن ڪري وفاق، پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ ۽ وفاق پرست جماعتن کي قومپرستن جي هن تحريڪ کي نج سنڌ جي قومي ردعمل طور ڏسڻ گهرجي، گڏوگڏ قومپرست جماعتن کي به احتجاج پرامن رکڻ گهرجي، ڪنهن به مسافر کي تشدد جو نشانو بنائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، احتجاج باوقار ۽ مثالي هجڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي قومي تحريڪ تي ڪنهن کي اجائي آڱر کڻڻ جو موقعو ملي نه سگهي.

    پنهنجي لکڻين ۾ آءُ لاڳيتو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندو رهيو آهيان ته سنڌ جي صوفياڻي مزاج واري سماج ۾ مسلسل بنياد پرستي پنهنجو ديرو ڄمائي رهي آهي، بنياد پرستيءَ کي رڳو احتجاجن ذريعي نٿو روڪي سگهجي، جيڪڏهن سنڌ ان جو نوٽيس نه ورتو ته ايندڙ ڏهاڪو سالن ۾ سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر، جمهوري روايتن ۽ صوفياڻي مزاج جا سڀ دڳ بند ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري رڳو رياست جي ردعمل يا آپريشن تي ڀاڙڻ بجاءِ ”بزم صوفيائي سنڌ“ جهڙي پليٽ فارم کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ سماج جون سڀ ڌريون شامل هجن، جشن لطيف، صوفي شاهه عنايت جي ڏهاڙن سان گڏ اياز جي گيتن، ثقافتي سرگرمين ذريعي سنڌ جي سيڪيولر ۽ صوفياڻي سوچ ۽ سماج کي بچائي سگهجي ٿو، سنڌ بچايو ڪميٽي سميت ڪميٽي ۾ شامل ۽ ان کان ٻاهر قومپرست ۽ ترقي پسند جماعتن جو ان ڪم ۾ غير معمولي ڪردار بڻجي ٿو.

    سنڌ بچايو ڪميٽي ۾ ترقي پسند پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جهڙين ٻن قومپرست جماعتن جو نه هجڻ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪا سٺي خبر ناهي، ترقي پسند پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جا هن ڪميٽي ۾ شامل نه ٿيڻ بابت اعتراض ”عوامي آواز“ ۾ رپورٽ ٿي چڪا آهن، سيد جلال محمود شاهه سمورين ڌرين کي گڏ کڻي هلڻ وارو قومپرست اڳواڻ آهي، جيڪڏهن ٻيهر ٻنهي وڏين قومپرست جماعتن جي اڳواڻن ڏانهن هو لڙي ويندو ته آءُ نٿو سمجهان ته کين مانائتي موٽ نه ملي، اڄ جون حالتون ٻڌائين ٿيون ته هي وقت ڇڙوڇڙ ٿي ويهڻ بجاءِ گڏجي ويهڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ وارو وقت آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سلام آهي سڀني سنڌ دوست ڌرين کي جن هي فيصلو ڪيو آهي. هن ڪم لاء اتحاد جي صرورت آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو