مان اعتراف ٿو ڪريان ته ”سنڌ سنواريون“ نالي ٺاهيل تنظيم مان هٿ ڪڍڻ منهنجي وڏي غلطي هئي. مان ۽ ڪجهه دوستن 1987ع ۾ پهرين مرحلي تي ٺٽي ضلعي جي حد تائين ”سنڌ سنواريون“ نالي هڪ تنظيم ٺاهي هئي جنهن جو مقصد نياڻين جي تعليم کي ڦهلائڻ هو. اڳتي هلي ان تنطيم کي پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي سڄي سنڌ ۾ ڦهلائڻو هو. ان تنظيم جو مقصد اهو هو ته شهرن جي ماسترياڻين کي قائل ڪجي ته اهي ڳوٺن ۾ وڃي پڙهائن ۽ تيستائين پڙهائن جيستائين ان ڳوٺ مان پنهنجي ڪا ماسترياڻي نٿي ٿئي. ايئن اهو سلسلو سٺي نموني هلي پيو ۽ ڪيتريون ئي ماسترياڻيون رضاڪاراڻي نموني پنهنجون بدليون ڪرائي ڳوٺن ڏانهن ويون. ۽ انهن جي وڃڻ سان 21 ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جي تعليم شروع ٿي، ڪيترائي ڇوڪرين جا اسڪول وري کلي ويا پر ٻن سببن جي ڪري اهو سلسلو اڳتي هلي بند ٿي ويو. هڪ ته مونکي السر جي بيماري ٿي، ٻيو ته نياڻين جي تعليم جي دشمنن رنڊڪون وڌيون. نتيجي ۾ اسان مايوس ٿي ويهي رهياسين ۽ هڪ انتهائي اهم ڪم مان هٿ ڪڍيوسين. سو مان اعتراف ٿو ڪريان ته اهو تنظيمي ڪم ڇڏڻ غلط هو، تعليم دشمنن سان مقابلو ڪرڻ گهربو هو. جيڪڏهن اها تنظيم هلي ها ۽ ان جو دائرو سنڌ تائين ڦهلجي وڃي ها ته سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان قابل قدر ڪم ٿي چڪو هجي ها.
جيڪڏهن اها تنظيم هلي ها ۽ ان جو دائرو سنڌ تائين ڦهلجي وڃي ها ته سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان قابل قدر ڪم ٿي چڪو هجي ها. پنهنجي غلطي جي پاڻ نشاندهي ڪرڻ به جرعت ڀريو عمل آهي پر اها غلطي سڌارڻ انتهائي جرعت ۽ عزت ڀريو عمل آهي!