دبئي (ع آ نيوز) دبئي جي هڪ شاپنگ مال ۾ هڪ صفائي ڪندڙ عورت جنهن جو نالو تسليمه حسن علي ٻڌايو پيو وڃي کي هڪ پرس ۾ پيل هڪ لک درهم مليا پر هن بيحد ايمانداري جو مظاهرو ڪندي اها اطلاع پوليس کي ڏني ته کيس صفائي دوران هڪ لک درهم مليا آهن ۽ هن سڄو سامان پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن تي هوٽل انتظاميا هن کي انعام به ڏنو. ان موقعي تسليمه جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ امن قائم رکڻ لاءِ ماڻهن کي هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ گهرجي.