ادا جُتي سنڌي مون توهان جي واتان ٻڌي آهي.
جيڪڏهن ڪٿان مليوَ ته ضرور اطلاع ڏجو.
ادا ملندي ته ڪون پر آڊر تي ٺهرائڻي پوندي منهنجو ڪلاس فيلو هو ان جو والد آڊر تي جتيون ٺاهيندو آهي پڇا ڪيان ٿو جي ٺاهي ٿو ته ان جو نمبر توهان ڏانهن موڪليندس
اهڙيون جُتيون ته لاهور جي انارڪلي بازار ۾ مون ڏٺيون آهن، ائين ٻيو ٽنڊوآدم جي سوچي گلي ۾.
ادا لاڙڪاڻي شهر ۾ شاهي بازار ۾ به هڪ دڪان آهي ، اتان اوهانکي ملي سگهي ٿي!السلام عليڪم
اصل سنڌي جُتي هينئر ڪٿي مِلندي ؟ يا ٺهي ٿي ؟
معلومات هجي ته شيئر ڪريو .
ادا لاڙڪاڻي شهر ۾ شاهي بازار ۾ به هڪ دڪان آهي ، اتان اوهانکي ملي سگهي ٿي!
ادا اڄ کان 15 سال پهريان جي ڳالھ آهي ، انکانپوءِ مان ان دڪان تي ناهيان ويو ، توهان جاچ ڪرايو اميد آ ته ملي وينديٻڌائڻ جي مهرباني.
ادا خالص سنڌي ؟؟؟ جنهن تي ڀَرت ڀريل ناهي هوندو.
سنڌي جُتي جي نشاني آهي ته ان کي منهن ۾ هڪ ڏوري ٻڌل هوندي آهي جيڪا جُتي جي مٿئين حصي تائين جُتي سان لڳيل هُجي ٿي ۽ پنجابي جُتي مُنهن کان وريل هوندي آهي.
جيڪڏهن سنڌي جُتي اتي موجود آهي ته ضرور ويندس وٺڻ لا.
ڪراچي ۾ انهن ثقافتي جتين کي خصا سڏن ٿا ۽ صدر کان علاوه مختلف مارڪيٽن ۾ پڻ ملن ٿا ... اهي خصا دريائي سنڌ تي وسندڙ سڀ قومون پائن ٿيون، جهڙوڪ ڪشميري، پنجابي، سرائڪي، بلوچ ۽ سنڌي وغيره ....
ادا توهان کي سنڌي جتي ڍورونارو ۾ ملي ويندي وڌيڪ توهان هن نمبر تي رابطو ڪري معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا 03473655856 عيدل نهڙي سان توهان کي سڀ ڏس پتو ٻڌائيندو