• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

” ڌاڙا “

افسوس سان لکڻو پئجي ٿو ته ؛
سنڌ جي سمورين ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن ( ٽي ايم ايز ) ۾ گذريل 6 سالن کان ، شهرين جي ٽيڪسن ، شهرين جي ڊولپمينٽ ۽ اتان جي ملازمن جي کلي عام سرڪاري سطح تي پڙهيل بغير ڪلاشنڪوف جي ڌاڙيلن کي واري وٽيء سان ” ڌاڙا ، هڻڻ لاء مخصوص ڪيو ويو آهي ، جيڪي هر مهيني ڪروڙن ۾ ” ڌاڙا “ هڻي رهيا آهن ۽ شهرن کي کنڊر بڻائيندا پيا وڃن .
پوء به سموريون ڌريون ايئن خاموش ڇو ويٺيون آهن ؟
جڏهن ته ٽي ايم ايز سان هر ماڻهون متاثر ٿي رهيو آهي
ڪٿي اسٽريٽ لائيٽ ناهي ، ڪٿي نالي صاف ناهي ، ڪٿي صفائي ناهي ته ڪٿي مين هول کليو پيو آهي مطلب ته هر انفرا اسٽرڪچر سان انهيء اداري جو واسطو آهي
پوء
اهڙا 200 سيڪڙو ” ڌاڙا “ هڻندڙ
” وائيٽ ڪالر ٽائون ميونسپل آفيسر ڊاڪو ” WCTMOD آزاد گھمندا پيا وتن انهن WCTMOD لاء ڪو 15 گريڊ جي آفيسر کي تحفظ پاڪستان تحظ گولي هڻڻ جو آرڊر ناهي مليو ڇا ؟
 
بلڪل صحيح نشاندهي ڪئي اٿو .... سنڌ سان نا انصافين ۾ اسان جا پنهنجا ۽ خاص ڪري بيورو ڪريٽ سڀني کان اڳيان رهيا آهن. ساڳي ڪار هن وقت به هلندڙ آهي.
 
Back
Top