رياض ملڪاڻي
سينيئر رڪن
ساٿيو هون ته ڪيترا ئي پروگرام ائنڊرائڊ لاءِ اچي چڪا آهين جنهن ذريعي ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ٿي فوٽو وغيره پي سي ۾ ڪاپي ڪري سگهي ٿو پر هي اپيليڪيشن جنهن جو نالو آهي airdroid هن کي پلي اسٽور تان ڊائوڊ ڪري سگھجي ٿو. انسٽآل ڪرڻ کان پوءِ اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪريو. جنهن سان هي اپليڪيشن توهان کي هڪ ويب سائيٽ جو يوآر يل (لنڪ) ڏيندي جيڪو توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جي برائوزر ۾ لکي انٽرڪندا ته ڪابه ويب سائيٽ کلڻ بجاءِ توهان جي موبائل جو مينو کلي ويندو. توهان ڪا انسٽال ٿيل ايپليڪشن ان انسٽال ڪرڻ کان وٺي ميسيج ۽ ڪال به ڪمپيوٽر ذريعي ڪري سگھو ٿا. هاڻ توها پاڻ آزمائي ڏسو.