ڀٽائيءَ جا راڳي فقير ۽ سماعَ جي روحاني رمز مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. (ثناءُ الله مهر جي وال تان ورتل

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڀٽائيءَ جا راڳي فقير ۽ سماعَ جي روحاني رمز

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي حياتي جا آخري ڏهه ورهيه (سن 1742ع کان 1752ع دوران) پنهنجي نئين وسندي ”ڀٽ شاهه“ کي مستقل رهائش بڻايائون، ۽ انهن ئي ڏهن سالن جي عرصي دوران هڪ مستقل راڳ جو ادارو قائم ڪري تمر فقير جي سرواڻي ۾ ڏئي ڇڏيو. مريدن مان اهي فقير جيڪي سُر تال جي سرت رکندڙ هئا، تن جا جٿا جوڙي روزاني راڳ جو رهاڻيون رٿيائون ۽ اهو ئي راڳ اڳتي هلي روحاني رنگ ۽ وڄت جي ڍنگ سان سماع جي صورت اختيار ڪندو ويو. اهڙي طرح باقاعدي هڪ راڳداري جي اداري جو بنياد پئجي سماع جو هڪ سلسلو شروع ٿي چڪو. سماع جي اهڙين محفلن ۾ نه رڳو شاهه سائين جو ڪلام...پر ان دور جي آڳاٽن شاعرن کي پڻ تنبوري جي تندن سان تنواريو ويندو هو. ان ئي دور ۾ ڳاهن، گنانن، ڀاڳو ڀان، قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري ۽ مئين شاهه عنات جون شاعراڻيون روايتون عام جام هيون. خود شاهه سائين پنهنجي ”سر سنگت جي مڪتب“ ۾ راڳ ۽ سماع دوران شاهه ڪريم بلڙي واري شاعري کي ڳاتو ۽ ڳارايو ۽ اها روايت هڪ عرصي تائين جاري رهي
    .
    هي اهو دور هو، جنهن ۾ مقامي ادبي ماحول ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعري پنهنجو شاندار اتهاس پکيڙي رهي هئي ۽ لطيف سائين رحه جي نالي ۽ حوالي سان ”سنڌي راڳداري جو ادارو“ ڀٽ شاهه کان هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو. اڪثر سوانح نگار لکن ٿا ته ”لطيفي راڳ جي هاڪ ٻڌي هندستان مان مغل بادشاهه جي دربار جي مهان راڳي ”ميان تانسين“ جي گهراڻي جا ٻه نوجوان ”اٽل ۽ چنچل“ ڀٽ شاهه تي هلي اچي سماع جي محفلن ۾ شرڪت ڪئي. جنهن بعد اهي روحاني ۽ صوفيانا سماع جون اڻ کٽ محفلون هڪ اڻ ٽُٽ تسلسل سان صدين جا فاصلا اُڪيري، اڄوڪي هن ڪمپيوٽر دور ۾ داخل ٿي ويون. ايڏي وڏي سماجي، ثقافتي، سائنسي ۽ ڪمپيوٽر جي ڪلچر واري اٿل پٿل باوجود اهو لطيفي گيت ۽ سنگيت پنهنجي ساڳي ئي روايتي ڍنگ ۽ روحاني رنگ سان اڄ تائين ڳايو وڄايو، ٻڌو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو. اهڙي ئي هڪ جاري سماع جي محفل دوران لطيف سائين رحه پنهنجي حُجري ۾ پساهه پورا ڪيا ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ان واقعي کي 262 ورهيه وهامي ويا آهن، پر اڄ تائين شاهه سائين رحه جي جلايل اها جوت، هند سنڌ، هنڌين ماڳين ۽ ڏيهه پرڏيهه پوري تيک ۽ تيج سان پاڻ پسائي ٿي ۽ راڳ جي روحاني رمز ڄاڻڻ ۽ سڪون ماڻڻ لاءِ ڀٽ جو درگاهه عام ۽ خاص لاءِ معرفت جو مرڪز بنجي ويو. اها الڳ ڳالهه آهي ته هن ميڊيائي دور ۾ ڀٽ جي ڀونءِ تي ٿيندڙ ويساهه گهاتيون، ذاتي مفادن جي گرم سرد جنگ جا پڙلاءَ ۽ جيءُ جهوريندڙ انيائن جا ڪارا ڪڪر (ڄڻ ته سڄي سنڌ تي) ڇائنجي وڃن ٿا، پر وري تند تپي ٿي ۽ مالڪ در سُرن جي ورکا ٿئي ٿي، پالڻهار کان پناهه جو پاند رکڻ لاءِ آزي نيزاري ڪجي ٿي. هوڏانهن سج الهي ٿو، هيڏانهن تنبوري جون تندون مضراب جي ضرب سان تڙپي اٿن ٿيون. هر دکي اندر ۽ چوڏس ٻاهر جو وايومنڊل ”سرڪلياڻ“ سان گونجارجي وڃي ٿو...بيشڪ ڀٽائي جي ننگري جڳ جهان لاءِ دعائن جو گيٽ وي آهي.
    راڳ ۽ سماع جي ان ئي اداري جا وديارٿي ۽ مڪتب جا کتابي اهي راڳي ويراڳي فقير فقراءَ آهن، جن جو ڳاڻيٺو سون ۾ نه پر هزارن ۾ هجي ٿو. انهن مان ڪي اهڙا نالا آهن، جن اڍائي سئو سالن کان مٿي عرصو گذرڻ دوران پشت درپشت (اڄ تائين) پنهنجون حياتيون ارپي ڇڏيون ۽ سوا ڪنهن لوڀ لالچ جي هفتي جون اٺ ئي راتيون، مهيني جا چارئي هفتا ۽ سال جا ٻارنهن ئي مهينا، سومهڻي نماز کان پوءِ فجر تائين پنهنجي مقرر ڏينهن ۽ ”واري تي“ هلي اچي حاضريون ڀريندا آهن. انهن مان سيد خاندان جا فقير، تمراڻي ۽ لنجواڻي فقير، ڪي جمڙيا، ڪي ڌاڳڙيا فقير، ڪي سونهان ڪي سرواڻ، ڪي ذڪر ۽ سماع جا اڳواڻ، ڪي کاهوڙي خليفا، ڪي يڪتاري پوٽا، ڪي اڳني وان، (باهه جو مچ ٻاريندڙ) ڪي نوبت خانائي، ڪي ننگريا نانوائي، ڪي ڪنجي بردار، ڪي ٻهاريدار سڀئي پنهنجي پنهنجي شعبي جا پڪا پابند، جوابدار ۽ خدمتگار هجن ٿا. انهن مان وري ڪي درگاهي اوطاق تي هڪوئي حاضر، ته ڪي مقامي، ڀرپاسي يا اوري پري هند سنڌ ۽ دنيا جهان ۾ پکيڙيل فقير فقراءَ ڀٽائيءَ جا عاشق ۽ پانڌيئڙا ته ڪي پرپٺ شاهه جا روحاني مريد ۽ شيدائي، انهن مان وري هزارين اهڙا ويدوان ۽ محقق، جن شاهه سائين جو ڪلام هيئين سان هنڊايو، سيني سيني شاهه جو لکيل، لکايل ڪلام يا ڇپيل ۽اڻ ڇپيل (اهو ڪلام جيڪو گنج ۾ موجود ناهي) برزبان معنيٰ ۽ شرح سان ياد ڪيو!
    اهي جهونا کاهوڙي، شاهه جا شارح، رسالي جا رهبر ۽ جيئريون جاڳنديون لغاتون ۽ ڄاڻ جي حوالي سان هلندڙ گهمندڙ انسائيڪلوپيڊيا پنهنجي عمر جي آخري حدن تائين پهتل، پر يادگيري وارو سوجهرو ايڏو شاندار جو شاهه سائينءَ رحه جو ڇپيل، اڻ ڇپيل ڪلام يا قلمي نسخا، بمبئي ڇاپا، سنگي يا ليٿو ڇاپا ۽ سڄو سارو گنج شريف زير زبر ۽ شدَ مدَ سان پنهنجي ذهن جي ياداشت واري خاني ۾ ڪنهن تيز رفتار ڪمپيوٽر ميموري ڊوائيس جيان ايئن محفوظ جو ڪنهن ايرر يا غلطيءَ جي گنجائش ئي ناهي.
    ڪنهن ٻوليءَ جي ماهر ۽ ڏاهي، شاهه جو ڪو شعر پڙهيو ۽ ان جي اچار، ادائگي يا زير زبر سبب پڙهڻي جو مطلب يا معنيٰ ڦري وڃي ته بنا دير ٿڏي تي اٿي، هٿ ادب جا ٻڌي، نياز نوڙت ۽ عاجزيءَ سان اهڙي طرح درست ڪري ٻڌائيندس جو اڳئين جي دل آزاري به نه ٿئي. گڏوگڏ ٻه چار ٻيا شعر به صحيح تلفظ، ادائگي، پڙهڻي ۽ زير زبر جي فرق سان ٻڌائي ڇڏيندس. ساڳي ئي وقت لفظن جي لغت ۽ شعر جي شرح کان به روشناس ڪرائيندا ويندا. ڏسو ته مٿو ڍڪيل، ميرو پٽڪو، چتيون لڳل قميص، پير اگهاڙا، نه انهن مان ڪن ڪڏهن مدرسو ڏٺو، نه اسڪول، پر ڏات ڏاهپ، علم فهم، سرت ۽ ساڃاهه سميت اندر جا اجرا ۽ سوجهرا ماڻهو منهن ۾ مڻيادار، ڳالهين جا ڳهير، ڪچهرين جا ڪوڏيا، سگهڙ، سياڻا ۽ سٻاجهڙا، اهڙا الله لوڪ، جن وٽ ڏيهه پريهه دنيا جي يونيورسٽين مان ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون ماڻيل ماڻهو پنهنجيون وڏيون موٽر گاڏيون ڊوڙائي سيڙجي سنبرجي هلي ملي وڃي ساڻن ڪچهريون ڪندا ۽ ٿيو ايئن آهي ته انهن مارن ماڻهن جي ڇپر ڇني يا لانڍي اوطاق مان اهي سائل، لوڪ ادب سان گڏ، شاهه، سچل، سامي سميت علم ادراڪ ۽ ساهت ثقافت جا ڀنڊار ڀري واپس ٿيا آهن ۽ ڪو به سوالي خالي واپس نه وريو هوندو. هند- سنڌ ۾ اڄ به اهڙن سنتن صوفين ۽ سخنورن جي ڪمي ڪانهي، ”ڪک هيٺان لک پيو آهي“.
    اسان جي ثقافتي ۽ اشاعتي ادارن انهن جو قدر نه ڪيو ۽ نه ئي حڪومت انهن جي پرگهور لڌي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته اهڙا علم جا اڪابر، سادا سٻاجهڙا ۽ ساڃاهه وند ماڻهو جيڪي جيڪڏهن هي جڳ ڇڏي راهه رباني ٿا وٺن ته اهو ڪو هڪ فرد جو موت ناهي، پر اسان ڄڻ ته هڪ ساکائتي ۽ لاڀائتي اداري کان محروم ٿي وڃون ٿا ۽ هڪ بي حس قوم جيان ايڏي وڏي نقصان کي غير محسوس طريقي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏيون، يا پرواهه ئي نٿا ڪريون.
    ويجهڙائي ۾ گذريل صدي دوران ڪئين مڻيادار ماڻڪ منهن موڙي ويا، شروعاتي 1900 عيسوي کان 70ع واري ڏهاڪي دوران شاهه سائين جو هڪ شيدائي، پارکو ۽ رسالي جو حافظ ”فقير محمد هاشم مڱڻهار“ جو نالو ملي ٿو. سندس نالي سان جهرڪن ويجهو نننڍڙو ڳوٺڙو به آهي. هو شاهه جي شاعريءَ جو شارح ۽ ڪلام جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. وٽس لطيفي ڪچهرين جي سلسلي ۾ مرحوم علامه دائود پوٽو، پير حسام الدين راشدي، ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هلي اچي رهاڻيون ڪيون. وفات بعد سندس لائق پٽ فقير محمد جمن مڱڻهار اها دونهين دکائي، جنهن وٽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شيخ اياز، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا ڪئين سگهڙ، سياڻا اچي روح رهاڻيون ڪري ويا. جن جا تاثرات هڪ نوٽ بڪ ۾ سندن پونئيرن وٽ موجود آهن، پر ان کان گهڻو اڳ جن ڏينهن ۾ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ مرحوم ڀٽ ڌڻي رحه بابت سوانح، ڪلام ۽ لغت جي سلسلي ۾ تحقيق ڪري رهيو هو، تن ڏينهن ۾ ڳوٺ فقير هاشم مڱڻهار، سندن جاکوڙ جي دائري ۾ شامل هو.
    8 جولاءِ 1979ع تي ان ئي ڳوٺ فقير هاشم مڱڻهار ۾ هڪ يادگار ”لطيفي لات“ جو يادگيرو اٿم. ان گڏجاڻيءَ ۾ جيڪي لطيف سائينءَ جا پارکو ۽ رسالي جا حافظ شامل ٿيا، انهن مان طيب فقير جي عمر 0 8 ورهيه کن هئي، ۽ ٻيو فقير عبدالله مسڻ لڳ ڀڳ 0 7 ورهين جو هو. جڏهن ته فقير حاجي خميسو چانڊيو ۽ فقير رمضان جت به جهونڙا جوڳي هئا. انهن فقيرن کي شاهه جي رسالي کان سواءِ شاهه سائين رحه جو اڻ ڇپيل اهو ڪلام به ياد هو، جيڪو ڪنهن به قلمي نسخي يا گنج ۾ موجود ناهي. اهڙي طرح فقير محمد عظيم ڇٽو جي عمر 8 0 1 ورهيه هئي، جيڪو دريجي (بلوچستان) جو هو. ڪي فقير هندستان جي ڪڇ واري علائقي ۽ لکپت ۾ به رهندڙ هئا، جيڪي شاهه جا حافظ ۽ وڏا پارکو هئا.
    سڀ ”لڏي ويا، ڇڏي ويا، پر پاڻ سان گڏ شاهه سائين جو ڇپيل اڻ ڇپيل اڻ لڀ ڪلام به کڻي ويا.“ جيڪڏهن ڪا پرگهور لهجي ها ته ڪي ماڻڪ پلئه پون هان...انهن فقيرن مان جيڪڏهن ڪو حال حيات هوندو ته انتهائي ڏکي ۽ ڏولاون واري حياتي گهاريندو. الله جنت نصيب ڪري فقير امداد سرائي ۽ لاڙ جي محمد سومار شيخ کي، جن پنهنجي جيئري هڪ ڀلوڙ ڪم ڪيو، جو شاهه جي گم ٿيل ڪلام جا ڪي بيت هٿ ڪري ڇپايا. ان لاءِ 1983ع ۾ فقير امداد سرائي، فقير رمضان جت ۽ حاجي خميسو کي سنگ ۾ رکي ڀڄ (هندستان) مان وڏي جاکوڙ ڪري شاهه جو اڻ ڇپيل ڪلام هٿ ڪيو. جيڪو 1632 هه ۾ لکيو ويو هو. اهو ڪلام هن ”قدم ڪاپڙين جا“ نالي ڪتاب ۾ شايع ڪيو. 1985ع ۾ شاهه لطيف ڪلچر سوسائٽي ڪراچي طرفان ”املهه اڻ توريا“ نالي شايع ڪرايو ويو. 1956ع ۾ مرحوم شيخ محمد سومار ”1122 هه ۾ لکيل شاهه جو اڻ ڇپيل قلمي نسخو هٿ ڪري ”سر مارئي“ نالي ڇپرايو. هنن ٻنهي کاهوڙين کي پنهنجي پنهنجي دور ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ علامه دائود پوٽي جي تنقيد سان منهن ڏيڻو پيو. موجوده دور ۾ اهڙو ئي ڪم سليم ڀٽو المعروف ”لطيفي“ ان حد تائين اڪلايو آهي جو هن کاهوڙي وانهڻ ولوڙي وڏي ووڙ ولوڙ ڪري شاهه صاحب رحه جي اڻ ڇپيل ڪلام جا هزار کن بيت سهيڙي لغت ۽ شرح سميت هڪ جاءِ گڏ ڪيا آهن. گڏوگڏ شاهه شناسي جي مختلف ڌارائن تي 8 1 ڪتابن جو مصنف، مرتب ۽ محق پڻ آهي. سندس قائم ”لطيفي تڪيو“ سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ۾ سنڌ الاجي جي بنهه سامهون سڏ پنڌ تي آهي. جتي وقت بوقت لطيف سائين جا شيدائي ۽ پارکو گڏ ٿيندا آهن ۽ اها دونهين دکندي رهي ٿي.
    هيءُ اهو ڪم آهي، جيڪو شاهه سائينءَ جي وفات کانپوءِ سندس هڪ جان نثار فقير خليفي اسماعيل کاهوڙي ڪيو. جنهن شاهه سائين رحه جو ججهو ڪلام ٻڌي ياد ڪيو هو ۽ پوءِ هن بدين (بڙ جي ڍوري) مان هڪ خوشنويس ڪاتب سيد عبدالعظيم عرف ”وڏل شاهه“ کي ڀٽ شاهه گهرائي ڀٽائيءَ جو ڪلام زباني ٻڌائي ڪتاب (خطاطي ۾ قلمي نسخو) لکرايو. اهو اصلي نسخو اڄ تائين تمر فقير جي اوطاق تي رکيل آهي، جنهن جي گذريل دور جي سيڪريٽر ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه حميد آخوند فوٽو ڪاپي ڪرائي 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. پر اهو ڪم، جيڪو سهيڙيل هو هڪ قلمي نسخي جي صورت ۾ موجود آهي ۽ آسانيءَ سان دستياب ٿيو، پر ان ئي گنج شريف جي ڪاتب فقير عبدالعظيم جي درگاهه (واقع بڙ جو ڍورو بدين) جو مجاور عبدالرحمان جت 2 نومبر 2001ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 80 سالن جي لڳ ڀڳ هئي، جيڪو ڀٽائي جي رسالي جو پارکو هو. مرڻ گهڙي تائين هن فقير جي ڪنهن به سرڪاري، سماجي يا اشاعتي اداري نه پرگهور لڌي ۽ نه ئي رابطو ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن فقير جي يادگيريءَ ۾ شاهه جي ڪلام، سوانح ۽ لغت بابت چڱو خاصو مواد هوندو، جيڪو سندس مڙهه سان گڏ دفن ٿي ويو. اهڙي طرح سعيد آباد ۾ گل محمد ماڇي نالي بزرگ جو حوالو ملي ٿو، جيڪو پڻ شاهه جو راڳي ۽ پارکو هو. ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ سچيڏنو ورياهه ۾ منٺار فقير 95ورهين جي ڄمار ۾ دل بيهڻ سبب فوت ٿيو. پاڻ عالم دين هئڻ سان گڏ لطيف سائين جي رسالي جو وڏو پارکو هو. سندس مدرسي واري مسجد ۾ هر جمعي واري ڏينهن خطبي ۾ ڀٽائي جا شعر شامل ڪندو هو. هي درويش پنهنجي ڳوٺ سچيڏني کان پيرين پنڌ ڀٽ شاهه ايندو ويندو هو ۽ درگاهه تي فقيرن کان سڄو شاهه جو ڪلام ٻڌي ياد ڪيو هئائين. اهڙا ڪئين ئي شاهه جا شيدائي ۽ ڪلام جا پارکو سنڌ-بلوچستان ۽ ڪڇ ڀڄ ٻني ۽ لکپت (هندستان) ۾ موجود هئا، ۽ جيڪڏهن هوندا ته اندر ۾ علم ۽ دانش جون مشعلون روشن ڪيو گمنام حياتي گهاريندا هوندا.
    منهنجي سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، شاهه لطيف اڪيڊمي، سنڌ الاجي، ادبي بورڊ ۽ خاص طور ڪوآرڊينيشن ڪائونسل فار پروموشن آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسٽڊيز سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين علمي ۽ ادبي ادارن کي گذارش آهي ته ان سلسلي ۾ ترت جوڳا قدم کڻي شاهه سائين جي فن ۽ فڪر، ڪلام ۽ پيغام کي روشني ۾ آڻڻ لاءِ ڄاڻ ڏين ۽ پيش رفت ڪن ۽ شاهه سائين جي کاهوڙين خاص طور پنهنجيون حياتيون ارپيندڙ پارکوئن ۽ ڏات ڌڻين کان تحقيقي سهڪار حاصل ڪرڻ سان گڏ انهن جي ڪا مناسب سهائتا لاءِ اسڳڀرائي ڪن ۽ صلاحون ڏين.

    Muzafar Mangi
    اضافو
    سماع جي شروعات ۾ سياري جي سيءَ کان بچڻ ۽ روشنيءَ خاطر مچ ٻاريو ويندو هو, جنهن ۾ سر سان بيت, ضربون ۽ ذڪر شامل هو.
    مچ جي اتر طرف ڀٽائيءَ جو ماسات ۽ وڏو خليفو محمد عالم ڏيرو ۽ سامهون ڏکڻ طرف کان تمر فقير ۽ ٻيا فقير مچ جي چوڌاري پير پير ۾ ڏئي ڦرندا به هئا ۽ ڳائيندا به ويندا هئا.

    حوالو : سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران ڇپايل شاه جو رسالو, مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
    (ثناءُ الله مهر جي وال تان ورتل)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو