سنڌ سلامت جا دوستو جيئي سنڌ توهان سڀني دوستن کي لک واڌايون هُجن جو سموري سنڌ سميت ساري دنيا ۾ سنڌ سلامت جي سوکڙي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010ع تمام گهڻو مقبول ۽ هر سنڌي جي دل جو آواز بڻجي ويو آهي هي هڪ ٽنڊو محمد خان شهر جي مس فرح بلوچ جا رايا ڪيلينڊر جي باري ۾ وڊيو جي صورت ۾ توهان سان شيئر پيو ڪريان اميد ته توهان جا ڪامينٽس ضرور پڙهڻ لاءِ ملندا انهي وڊيو جي باري ۾ دوستو انهي وڊيو کي ڪمپليٽ ڪرڻ ۾ ادا عبدالغفور سمون جو وڏيون مهربانيون آهن
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر ۽ مس فرح بلوچ آرگنائزر ايڇ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان سنڌ سلامت هُجي ۽ سنڌي ٻولي جو سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010ع هُجي اصل وڃي ٿيا ست خير
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر ۽ مس فرح بلوچ آرگنائزر ايڇ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان محترم سائين سدا خوش آباد هجو بعد از گهڻين مصروفيتن جي ڪري سڪ هوندي به سنڌ سلامت جي اڱڻ تي نه پئي اچي سگهيس پر اڄ جڏهن سنڌ سلامت جي ديد نصيب ٿي ته توهان سميت ٻين دوستن جي ڪافي محنتن واري خوشبوءُ من کي معطر ڪري وڌو، توهان جي وڊيو ايڊيٽنگ به پهرين کان سٺي آهي ان کان علاوه سنڌي سهرن جي رپورٽ به سٺي لڳي خاص ڪر توهان جو مرڪ شاه سان فوٽو پل کن ائين محسوس ٿيو شايد توهان پاڻ گهوٽ ٿيو بيٺا هجو، سنڌ سلامت ڪلئينڊر 2010 انتهائي محنت طلب ٽاسڪ هيو جنهن کي توهان سائين رشيد ۽ ٻين سڀني دوستن عملي شڪل ۾ سامهون آندو ۽ هڪ مڪمل سنڌي شخصيتن جي ڄم و وفات جي تاريخن سان ڄاڻ مليل آهي توهان سڀنيءِ کي لک لک وڌايون
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر ۽ مس فرح بلوچ آرگنائزر ايڇ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان مٺا محمد جُمن شيخ سدا سلامت هُجو؛ ادا جمن مونکي توهان جي مصروفيتن جي ڀلي ريت ڄاڻ آهي، ان ڪري اڄ ڪلهه توهان سان هڪ شهر ۾ هوندي به ملاقات نه پئي ٿي سگهي، توهان جو سنڌ سلامت جي دوستن جي محنتن سان من شاد ۽ معطر ٿيو مهرباني ادا جي غريباڻي وڊيو ايڊيٽنگ جي توهان تعريف ڪئي پيارا اها وڊيو ايڊيٽنگ توهان ته سيکاري آهي مونکي۔ ڀلي توهان عمر ۾ مونکان ڪافي ننڍا آهيو پر توهان ايڊيٽنگ واري شعبي ۾ مونکي گهڻو ڪجهه سيکاريو آهي اهي ٿورا آئون ڪمپيوٽر جي شعبي کان بلڪل اڻ ڄاڻ ماڻهو ڪڏهن به لاهي نٿو سگهان ۔ باقي سنڌي سهرن واري رپورٽ بابت رايا انهي ساڳوڻي رپورٽ واري موضع ۾ ڏيو ها ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿئي ها، ادا توهان بلڪل درست فرمايو آهي ته مان گهوٽ لڳي رهيو هُئس پر اهو گهوٽ به آئون صرف ۽ صرف سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ واسطي ٿيو هُئس، توهان سنڌ سلامت جي سوکڙي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010ع بابت خوبصورت ڳالهه لکي اسان کي جس ڏنو اسان ساري سنڌ سلامت جا ساٿي شڪر گُذار آهيون توهان جا دلي ٿورائتو آهيون۔
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر ۽ مس فرح بلوچ آرگنائزر ايڇ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان سنڌ سلامت ڪلئينڊر 2010 انتهائي محنت طلب ٽاسڪ هيو جنهن کي توهان سائين رشيد ۽ ٻين سڀني دوستن عملي شڪل ۾ سامهون آندو ۽ هڪ مڪمل سنڌي شخصيتن جي ڄم و وفات جي تاريخن سان ڄاڻ مليل آهي توهان سڀنيءِ کي لک لک مبارڪون ھجن۔
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر ۽ مس فرح بلوچ آرگنائزر ايڇ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان ادا عرس لک لائق جو توهان منهنجي موڪليل هن پوسٽ تي ڪجهه ڪامينٽس ڏنا توهان اسان سڀني دوستن کي مُبارڪون ڏنيون انهن مُبارڪن جي جواب ۾ اسان سڀ سنڌ سلامت جا ساٿي توهان کي پنهنجي دل جي گهرائين سان خير مُبارڪون چئون ٿا۔
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر ۽ مس فرح بلوچ آرگنائزر ايڇ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان تمام بهترين ۽ سهڻا لفظ ڳالهايا آهين۔۔۔۔۔۔ آئون ته بس ايترو ئي چوندس سهڻا ماڻهو کهوڙ پر تنهنجو ناهي ثاني
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر ۽ مس فرح بلوچ آرگنائزر ايڇ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان گريٽ ادا سوپرررررررررررررررررررررررررررررررررررررر
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر ۽ مس فرح بلوچ آرگنائزر ايڇ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان جي ادا اصغر علي شال جُڙيو هُجين۔ اسان جي سنڌ جو هرڪو سنڌي ڀا٪ءُ ۽ هرڪا سنڌي ڀيڻ تمام گهڻا سُهڻا آهن ۽ موتيءَ ڌاڻا آهن، واقعي اهي لاجواب آهن انهن جو ڪو به مَٽِ ناهي، مهرباني ادا اصغر جو توهان ڀيڻ فرح بلوچ جي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010ع جي باري ۾ ڏنل ڪامينٽس تي پنهنجا خوبصورت ويچار ونڊيا
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر ۽ مس فرح بلوچ آرگنائزر ايڇ ڊي ايف ٽنڊو محمد خان ادا جهانداد توهان جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان جو توهان هن وڊيو واري پوسٽ کي گريٽ به چيو ۽ سوپر به چيو لک لائق ادا جهانداد سمان