جيڪڏهن شاهه صاحب پرين جي ڳالهه ڪري ٿو ته فقط ان سڪ جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا سمنڊ کان به گهري آهي، هي اهو نينهن جو نشو آهي، جيڪو روح مستقل محسوس ڪندو ٿو رهي. جسم سيراب ٿي خالي ٿي وڃي ٿو، پر روح سيراب ٿي ڪڏهن به خالي نه ٿو ٿئي. هي اهو پيمانو آهي، جيڪو سدائين لبريز آهي ۽ مستقل ڇلڪندو رهي ٿو. ساڳي وقت شاهه سائين ”ڳوليان ڳوليان م لهان“ جي ڳالهه به ڪري ٿو، جنهن مطابق محبت جو حصول پيار جي جذبي کي عام بڻائي ٿو ڇڏي. اها ساڳي سڪ، اڪير ۽ طلب قائم نه ٿي رهي، اها سٽ انسان جي نفسيات جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي. جنهن وٽ حاصل ٿيل شيءِ جو قدر گهٽجي وڃي ٿو ۽ هو اڻ حاصل ٿيل شيءَ جي پٺيان ڀٽڪندو رهي ٿو. نيڻن جي نور جو قدر فقط اهو ڪري سگهي ٿو، جنهن جي دنيا مستقل اونداهي آهي. انسان کان اکين جي نعمت جو هجڻ دنيا جي هر نعمت کان مٿانهون آهي، پر جيڪا شيءَ انسان کي ميسر آهي، هو ان جي قدر نه ٿو ڪري. جڏهن ته جان ڊن پنهنجي ڪيترن نظمن ۾ Platonic idealism ”پليٽونڪ آئڊيلزم“ واري فلسفي جي نفي ڪندي نظر اچي ٿو. هو پنهنجي اڪثر نظمن ۾ جسماني پيار کي فوقيت ڏئي ٿو. ڊن مطابق پيار باهمي آهي ته اهو هڪ ٻن دلين جي وچ ۾ مضبوط رابطي جو معاهدو آهي، ان ڪري هن وٽ سيڪس هڪ مقدس عمل آهي. مذهبي نقطئه نگاهه کان هٽي هو Extra marital relationship کي (شادي کانپوءِ پيار) جي عمل کي برو نه ٿو سمجهي. جان ڊن جي شاعريءَ ۾ عورت تضادن جو مجموعو آهي. ٻئي طرف شاهه سائين وٽ عورت هڪ مقدس هستي آهي، هو فطرت جيان سائي ۽ زرخيز آهي، شاهه سائين عورت جي نفسيات جي عڪاسي جنهن ڀرپور انداز ۾ ڪئي آهي، ان جو مثال ٻئي هنڌ نه ٿو ملي. عورت جي سهپ، احساس جي نزاڪت، ڏک سور ونڊڻ جي صلاحيت، محبت جي شدت، اباڻن ڪکن سان پيار و عقيدت ۽ حب الوطني جي جذبن جو اظهار شاهه سائين جنهن خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي، ان سنڌ جي عورت جو مان مٿانهون ڪيو آهي (ثناءُ الله مهر جي وال تان ورتل)