جَي ڪو ڏُٿُ ڪَرَي ,ته ڏُونگَرُ ڏَورڻُ ڏاکڙو ڇَپَرُ ڪين ڏئي, سُوکڙيُون سُتَن کي. سر کاهوڙي ڏُٿُ = اُهي اَنَ وارا گاهه جن جي داڻن کي مارو ماڻهون پيهين ماني به پچائن ٿا ۽ ڀت به رڌي کائن ٿا. هي گاهه ڪاڇي, ڪچي, ڪوهستان ۽ ٿر ۾ برسات کان پوءِ قدرتي طور ڦٽن ٿا جهڙوڪ سائون, مانڌاڻون, ڀُرٽَ مکڻي وغيره. ڏٿ ساڳ, سايون ڀاڄيون ۽ ماکيءَ کي به چئبو آهي. ڏُونگَرُ = جبل ڏورڻ = جهاڳڻ, ڪشالا ڪرڻ ڏاکڙو = ڏکيرڙو ڇَپَرُ = جبل سوکڙيون = تحفا, سوغاتون سُتَن = ننڊ پيل, غافل * جيڪڏهن ڪير ڏُٿُ ميڙڻ چاهي, گڏ ڪرڻ چاهي ته جيڪر خبر پئيس ته جبل جهاڳڻ ڪيڏو تڪليف ۽ اذيت ڏيندڙ ڪم آهي. * جبل سُتَلَ ۽ غافل ماڻهن کي اهيي تحفا ۽ سوغاتون گهر ويٺي يا سُتَي نه ٿو ڏئي. سمجهاڻي * ڀٽائيءَ جو هي علامتي ۽ اهڃاڻي بيت بظاهر ته ڪچي, ڪاڇي, ڪوهستان, جبل ۽ ٿر ۾ قدرتي طور پيدا ٿيندڙ کاڌ خوراڪ ۽ غذا متعلق آهي. دراصل ڀٽائي هن بيت ۾ ڌرتيءَ جي لکين ڪروڙين ننڊ پيل ۽ غافل ماڻهن کي جاڳائيندي چئي ٿو ته پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي وسيلن جي ڳولا ڪيو مالڪي ڪيو. جيڪڏهن اوهين ستل رهيا ته گهر ويٺي يا سُتَي ڌرتيءَ جي وسيلن جا مالڪ نه بڻجي سگهندئو. ڇو ته محبوب ۽ منزلون ته انهن کي ملنديون آهن جيڪي سدائين جستجو ۽ تلاش ۾ ٿا رهن. پنهنجو خيال رکندا ڪيو