الا ! جُنگَ جيَن, جنين اَجَهي گهاريان شالُ مَ سُڪَي وَيئَري, جئَان پيُ پيَن مرڪڻ اکڙين, تو ڏٺي مون سُکُ ٿئي. سر بلاول اَلاَ = اي مولا پاڪ جُنگَ = ڪُوپَا, بهادر, دلير, ڪامل شخص, سخي مڙد اَجَهي = شفقت, ڇپر ڇانوَ مَ = نه, هرگز نه وَيئَري = کُوهي پيَُ = پ تي زير ڏيو .مسافر, واٽهڙو * اي مولا پاڪ انهن بهادر, دلير ۽ سخي ماڻهن کي جن جي ڏڍ, آسري ۽ آٿت تي ٿي جيئان, تن کي وڏي حياتي عطا ڪر. * اُهي کوهه, کوهيون ۽ تَڙَ ڪڏهن به ويران نه ٿين جتي دڳ ويندا,واٽهڙو ۽ مارو ماڻهون پنهنجي اڃ اُجهائن ٿا. * انهن جي منهن تي سدائين مرڪ پسي منهنجو هنيانءُ ٺري ٿو پئي. * سمجهاڻي ڀٽائي سنڌ جي انهن دلير ۽ بهادر ماڻهن تي فخر ٿو ڪري جيڪي ننگن ۽ دنگن جا محافظ آهن. جيڪي ڏکويلن جي پنهنجي هڙان وڙان مدد ٿا ڪن. جيڪي ڏڍ, آٿت, آسرو ۽ اميد آهن هن ڌرتيءَ جي لکين ڪروڙين ماڻهن لاءِ. جن جي منهن تي مرڪ پسي هنيانءُ ٺري ٿو پئي. پنهنجو خيال رکندا ڪيو هر وقت سلام۔