سر بلاول

الا ! جُنگَ جيَن, جنين اَجَهي گهاريان
شالُ مَ سُڪَي وَيئَري, جئَان پيُ پيَن
مرڪڻ اکڙين, تو ڏٺي مون سُکُ ٿئي.

سر بلاول

اَلاَ = اي مولا پاڪ
جُنگَ = ڪُوپَا, بهادر, دلير, ڪامل شخص, سخي مڙد
اَجَهي = شفقت, ڇپر ڇانوَ
مَ = نه, هرگز نه
وَيئَري = کُوهي
پيَُ = پ تي زير ڏيو .مسافر, واٽهڙو

* اي مولا پاڪ انهن بهادر, دلير ۽ سخي ماڻهن کي جن جي ڏڍ, آسري ۽ آٿت تي ٿي جيئان, تن کي وڏي حياتي عطا ڪر.

* اُهي کوهه, کوهيون ۽ تَڙَ ڪڏهن به ويران نه ٿين جتي دڳ ويندا,واٽهڙو ۽ مارو ماڻهون پنهنجي اڃ اُجهائن ٿا.

* انهن جي منهن تي سدائين مرڪ پسي منهنجو هنيانءُ ٺري ٿو پئي.

* سمجهاڻي
ڀٽائي سنڌ جي انهن دلير ۽ بهادر ماڻهن تي فخر ٿو ڪري جيڪي ننگن ۽ دنگن جا محافظ آهن.
جيڪي ڏکويلن جي پنهنجي هڙان وڙان مدد ٿا ڪن. جيڪي ڏڍ, آٿت, آسرو ۽ اميد آهن هن ڌرتيءَ جي لکين ڪروڙين ماڻهن لاءِ.
جن جي منهن تي مرڪ پسي هنيانءُ ٺري ٿو پئي.

پنهنجو خيال رکندا ڪيو
هر وقت سلام۔
 
Back
Top