• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي ڦاٽل ٽيڙن پيرن وارا

اي ڦاٽل ٽيڙن پيرن وارا
خواهشن جا غلام
تنهنجون گهرواريون
فقط تنهنجي وندر جو سامان آهن
خيمن تي تنهنجي هوس
جي بسترن جو ڍير آهن
اي ماتا چهري ۽ ٽيڙين ٽنگن وارا ريگستاني اڍ
ڪڏهن سمجهندين
آئون تنهنجي سگريٽن جو
ايشٽري نٿي ٿي سگهان
آئون اها ڇاتي به ڪو نه آهيان
جنهن جي نرمي تي
تون پنهنجون بدشڪل آڱرين جا نشان ڇڏين
اي غلاظتن جا ڪيڙا، اي تيل جا شهزادا
پيرس جي نائٽ ڪلبن تنهنجي عزت کي ماري ڇڏيو آهي
۽ تو يروشلم وڪڻي ڇڏيو آهي
ڄڻ ته اسرائيل جي ڀالن
اوهان جي ڀينرن جا حمل ڪو نه ڪيرايا آهن
تنهنجي روح ۾ انسانيت ڪڏهن جاڳندي

نذار قاباني.
 
Back
Top