ڀيانڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ انسانيت جا سڀ ئي ليڪا لتاڙيندڙ

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    اڄ ان عورت جي عظمت ۽ عزت ٽياس تي ٽنگيل آهي ۽ سڄي دنيا ۾ سنڌ جو نالو بدنام ٿي رهيو آهي. اهڙو ئي ڀيانڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ انسانيت جا سڀ ئي ليڪا لتاڙيندڙ واقعو پيش آيو آهي. سنڌ جي ان ضلعي خيرپور ۾ پيش آيو آهي جتان جو رهواسي سيد قائم علي شاه سنڌ جو وزيراعلي بڻيل آهي. وزيراعلي جي ضلعي خيرپور جي آخري شهر رسول آباد جي ڳتيل آبادي واري ميمڻ محلا ۾ پيش آيو. رات جي اونداهي ۾ وحشي صفت انسانن بندوق جي زور تي پورهيت جي گهر ۾ داخل ٿي اتي گهر ڌڻي جي سامهون ان جي گهرواري سندس 2 غير شادي شده سالين ۽ هڪ ٻي عورت کي اجتمائي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي سندن جي زندگي کي برباد ڪري ڇڏيو. هٿياربند اڍائي ڪلاڪن تائين گهر ۾ رهي گهر جو سمورو سامان ڦر ڪري ويا. جڏهن ته روايتي انداز ۾ پوليس هن سڄي واقعي کي لڪائڻ جي لاءِ فريادي کي بدنام ٿيڻ کان بچڻ جو چئي سکڻي چوري جو ڪيس داخل ڪري پوليس ڄڻ پنهنجو فرض لاهي ڇڏيو. پورهيت مسلسل ايس ايس پي خيرپور ، علائقي چڱن مڙسن ۽ هنڱورجا ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيندو انصاف جي لاءِ ٻاڏائيندو رهيو.پر کيس جي ڪنهن به ڪا مدد نه ڪئي. جنهن کان پوءِ انصاف جي حاصلات لاءِ جڏهن نوجوان وڪيل ۽ سماج سڌارڪ نثاراحمد ڀنڀرو جي معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي بيچ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي جنهن تي عدالت سڳوري سڀاڻي 9 جولاءِ تي ايس ايس پي خيرپور سميت ڌرين کي طلب ڪري ورتو. جڏهن اهڙي پٽيشن داخل ٿي ته پهريون ڀيرو 40 ڏينهن اڳ پيش آيل 4 عورتن سان اجتمائي ڏاڍائي جو معاملو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ تي پوليس انتظاميه ۾ چرپر ٿي ۽ اهڙي واقعي تي رسول آباد جا شهري سراپا احتجاج بڻجي شهر جو سمورو ڪاروبار بند ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. رسول آباد سانحي تي ملڪ جون اين جي اوز انساني حقن جو تنظيمون ۽ عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون جيڪي سڄي دنيا مان عورتن جي حقن جي لاءِ ڪروڙين روپيه وصول ڪن ٿيون پر هنن نياڻين سان ٿيندڙ قيامت جهڙي واقعي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. هن وقت تائين سکڻو بيان به جاري ناهي ڪيو ويو ۽ سڀ کان وڏي افسوس جهڙي ڳالهه اهيا آهي ته انهن نياڻين جي ووٽن تي چونڊجي آيل اسيمبلي ميمبرن آواز ناهي اٿاريو حيرت جهڙي ڳالهه اهيا به آهي ته اسيمبلين ۾ پهتل عورت ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز به پنهنجا چپ به ناهن چوريا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ اهڙو واقعو جنهن تي لکي ڇا لکجي ؟؟؟ انسانيت جي تذليل ڪندڙ واقعو آهي پر پوء به ڏوهين کي ڪجهه نه پيو ٿئي. اهڙي واقعي تي ته سڄي سنڌ کي هڪ آواز ٿيڻ گهرجي ۽ حڪومت کي فوري ايڪشن کڻندي سچائي سامهون آڻي ڏوهارين کي سر عام سزا ڏني وڃي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سليمان صاحب ملالا جي ڳالهه دنيا ليول فوڪس بڻايو ويو پر رسول آباد سانحي تي ملڪ جون اين جي اوز انساني حقن جو تنظيمون ۽ عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون جيڪي سڄي دنيا مان عورتن جي حقن جي لاءِ ڪروڙين روپيه وصول ڪن ٿيون پر هنن نياڻين سان ٿيندڙ قيامت جهڙي واقعي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو