• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اميد خيرپوري : شاعر

اُميد خيرپوري: مشهور شاعر اميد خيرپوريءَ جو پورو نالو اميد علي ولد زوار علي مراد جمالي آهي. شاعريءَ ۾ ”اميد خيرپوريءَ“ طور مشهور آهي. هو 14 -آگسٽ- 1929ع تي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. -اميد خيرپوري- اديب عالم تائين -تعليم- حاصل ڪئي. کيس پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو.

هن 1947ع کان شاعري شروع ڪئي. شاعريءَ ۾ ”حامي“ صاحب سندس -استاد- هو. هن هر صنف تي شاعري ڪئي اٿس، کيس قطعي يا چؤسٽي تي ملڪو حاصل هو. شاعري گهڻو ڪري پابند يعني علم عروض تي ڪندو هو. اميد خيرپوريءَ جي ڪلام جو هڪ مجموعو اڪن تي پارو پوپٽ پبليڪيشن پاران ڇپايل آهي. سنڌ جي سمورين اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي آهي. -ان- کان سواءِ سندس ڪلام ريڊيو خيرپور -تان- پڻ نشر ٿيندو رهندو آهي. هن 7 جولاءِ 2007ع تي وفات ڪئي
 
فضول چوندا ڪڏهن ڪو حرف نه آهيون اسين ،
خريد زر تي ڪندا ڪو شرف نه آهيون اسين ،
وسئون ٿا هڪڙي طرف، چو طرف نه آهيون اسين،
غريب آهيون مگر ڪم ظرف نه آهيون اسين .

اميد خيرپوري
 
Back
Top