دوستن کان مدد جي ضرورت آهي. مون هي بلاگ ورڊ پريس تي ٺاهيو آهي، ان ۾ سنڌي فونٽس جو مسئلو آهي. اميد ته ڪو دوست حل ڪندو. بلاگ جي لنڪ
يار آئون ڳوٺ ۾ آهيان نه ته توهان کي گوگلنگ ڪري ٻڌايان ها.. ڳوٺ ۾ نيٽ جي اسپيڊ صفا مُئل هوندي آهي.. اهڙي ڪاوڙ ايندي آهي جو بس هيئن ڪريان.
ادا، ورڊ پريس جي بلاگ ۾ جيڪڏهن سنڌي فونٽ لڳائڻو آهي ته اوهان کي پنهنجو ڊومين خريد ڪرڻو پونديو. فري هوسٽنگ ۾ ورڊ پريس وارا اهڙي کا سهولت نه ٿا ڏين جنهن سان اوهان بلاگ کي سنڌي فونٽس سان سينگاري سگهو.
هڪ جڳاڙ آهي، پر جيئن ته جڳاڙ آهي ان ڪري محنت تمام گهڻي لڳندي، جڏهن ته ان لاءِ ٿوري ٽيڪنيڪل معلومات گهربل هوندي اوهان کي. فونٽ صرف بلاگ پوسٽ تي ئي ظاهري ٿي سگهندا، سموري بلاگ تي نه....