اسان کي ڇا ڪرڻو آ؟

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
اسان کي ڇا ڪرڻو آ؟
آهوجا پرڪاش سيوڪ

چُپ رھ ڪجه نه ڪُڇڻو آ
هلي جمانو ٿو جيئن هلڻو آ
اسان کي ڇا ڪرڻو آ

ڪري ڪو چوري يا ڇينا زوري
پيٽ ته هر ڪنهنجو ڀرڻو آ
اسان کي ڇا ڪرڻو آ

ويو ڪمائي ڪور جي ڪوئلي ۾ ڪارو
جيب ته هن جو ڀرڻو آ
اسان کي ڇا ڪرڻو آ

سهني ڪنوار ڀڃائي ويو پپو جو پاڏو
گھر ته هن جو هلڻو آ
اسان کي ڇا ڪرڻو آ

سور ڏنا پٽن پنجومل کي
پيءُ ماءُ جو پاراتو
اسان کي ڇا ڪرڻو ا

ڪو گيت ڳائي ڪو غم ۾ غجل
ڪرم ته هن کي ڪرڻو آ
اسان کي ڇا ڪرڻو آ

ڪويتا لکي جا چُپ چاپ پرهجو
ايئن نه موکي چئجو ته
اسان کي ڇا ڪرڻو آ
 
Back
Top