سانول جا سور

'ڪهاڻيون' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اڄ سانول جي پيءُ کي وفات ڪئي چاليهه ڏينهن گذريا هئا ۽ اڄ رات هن جي ڇڏيل ملڪيت بابت فيصلو ٿيڻو هو. سانول جيڪو منهنجو دوست ۽ منهنجو پاڙيسري هو، پاڙي ۾ ڪيترن سالن کان رهڻ ڪري، اسان جي گهروارن ۽ اسان جا ناتا رشتا ايترا ويجها ٿي ويا هئا جو پاڙيسري گهٽ، مائٽ وڌيڪ لڳندا هئاسين ۽ اسان هڪ ٻئي جي گهر ۾ ايندا ويندا هئاسون. نياڻين جي معاملي ۾ پرديداري به نه هوندي هئي.

    سانول انهيءَ گهر جو ننڍو فرد هو. هن کان ٻه وڏا ڀائر ۽ ڀيڻون هيون. اڄ رات هن جا ڀائر ۽ ڀيڻون ۽ ويجها مٽ مائٽ اچي گڏيا هئا، اسان کي به سڏايو ويو ته فيملي ۾ شريڪ ٿيون. ملڪيت جي ڳالهه کُلي ته سانول روئي ڏنو. ايترو رُنو جو پرچائڻ ۾ ڪي گهڙيون لڳي ويون ۽ پوءِ ايترو چئي مون کي وٺي اٿيو ته ”ادا بابي جي ملڪيت ۾ اسان جو ڪو حصو ڪونهي. اسان هن جي خدمت به ڪهڙي ڪئي هئي، جو هاڻ ملڪيت تي ٿا وڙهون.“ هڪ سڏڪو ڀريندي چيائين، ”گهٽ ۾ گهٽ مون کي انهيءَ ملڪيت واري حصي کان پاسيرو رکجو.“

    مون کي سڀ ڪجهه اکين اڳيان ڦري آيو، هڪ هڪ ڳالهه ياد اچي وئي.

    سانول جو پيءُ جڏهن ٻي شادي ڪري رهيو هو، ته سندس گهروارا سڀ مخالف ٿي پيا هئا ۽ هن جو اهو ضد ته آئون ٻي شادي ضرور ڪندس. اولاد اچي جوان ٿيو هوس، تڏهن به هن جو ضد. نتيجي طور سانول جي پيءُ ظالمانه طريقو اختيار ڪيو ۽ ٻي شادي ڪري هنن سان هر قسم جو تعلقات ٽوڙي. گهر جي هر قسم جي خرچ، کاڌي پيتي جي خرچ تي به بندش وجهي ڇڏيائين ۽ پوءِ سانول ۽ هن جي گهروارن تي جيڪا قيامت گذري، ان جي خبر اسان پاڙي وارن کي آهي. انهيءَ سڀني ڀائرن چڻن جا ٿالهه کنيا ۽ پيٽ گذر ڪرڻ لڳا هئا. جڏهن سندس وڏي ڀاءُ کي نوڪري ملي، تڏهن وڃي گهر جي ڀاتين جي پيٽ ۾ ڪجهه پيو.

    هيءَ سڄي پاڙي ۾ خوشحال ۽ پڙهيل لکيل فيملي هئي. سانول جو پيءُ آفيسر هو. پر اوچتي تبديلي ڪري سندس اولاد ڪسمپرسي واريءَ حالت کي اچي پهتو. ڳوٺ جي هر شخص جي وات ۾ سانول جي پيءُ جي گلا هئي. ائين ٽئي ڀائر پنهنجين پنهنجين پڙهاين کي ڇڏي، چڻا وڪڻي آهستي آهستي نوڪرين ۾ گهڙڻ لڳا. هڪ بينڪ ۾ ڪلرڪ، ٻيو شگرمل ۾. سندس ڀيڻن سلائي ڪڙهائي شروع ڪئي ۽ سندس ماءُ مڙس جي ڏک ۾ بيمار رهڻ لڳي. ائين آهستي آهستي پر جلد هيءُ گهراڻو وري پنهنجي اوج تي موٽي آيو، شايد اڳ کان به بهتر.

    هوڏانهن سانول جي پيءُ ٻي شادي ڪري وڃي حيدرآباد وسايو. ضد جي شادي سبب يا تڪڙ سبب هن کي ٻي زال ۽ ان جو گهراڻو بهتر نه مليو. سهريجا ڦرلٽ جا ماهر ته ٻي پاسي زال وري بدڪردار ۽ خراب چال چلت جي نڪتي. ٻه ٽي سال ائين رونشي واري نشي ۾ گذري ويا، پر پوءِ سندس زال جي بدڪرداريءَ جون ڳالهيون هر هنڌ هلي ويون. نتيجي طور گهر ۾ جهڳڙن جو بنياد پيو. هلندي وڙهندي پنج سال نڀاهه ٿيو ۽ آخر هن پنهنجي زال کي طلاق ڏني.

    زماني جي ستم ظريفي ڏسو، جنهن جا پهرين گهر ۾ جوان نوڪرين وارا ٽي پت، ٽي نهرون ۽ ٻه ڌيئون ۽ هڪ زال ۽ ٻي گهر مان هڪ زال طلاق شده ۽ ٻه ٻار هجن، اهو مڙس ماني لاءِ محتاج بنجي ويو. هوٽلن جون مانيون ۽ اڪيلي زندگي گذاري گذاري تنگ ٿي پيو ۽ ٺيڪ ستن سالن کان پوءِ هن پنهنجي اصلي شهر جو رُخ ڪيو ۽ سڀني کان معافي اچي ورتائين. ڀلا جتي پيءُ ۽ پٽ جو رشتو هجي، اتي رسڻ به ڪيترو… هڪ وقت پيءُ جهڙو شفقت ڀريو رشتو پٿر ٿي پيو هو، اڄ اولاد جهڙا رشتا ميڻ ٿي پيا.

    سانول جو پيءُ نوڪري جي ڪري حيدرآباد گهڻو وقت گذاريندو هو، پر اچ وڃ جو رستو کلي پيو هو. هاڻي هُو پٽ کي منٿون ڪندو رهيو ته منهنجو گهر شهر ۾ اڪيلو آهي، توهان مان ڪوبه هلي. گهر به توهان جي ملڪيت ۽ منهنجي به اڪيلائي ختم ٿي ويندي. آءٌ هوٽلن جا ڌڪا جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان، مون تي رحم ڪريو. پر سندس هر پٽ کي پنهنجي پنهنجي نوڪري هئي ۽ هر ڪنهن جو پنهنجو سيٽ ٿيل گهر هو. هرڪو چوي ته اسان پنهنجا ٻار ٻچا ڪيئن روليون، گهر جا ٽپڙ ڪيئن کڻون ۽ پنهنجا سيٽ ٿيل گهر ڪيئن ڦٽايون ۽ پنهنجي سڄي لڏي کي ڪيئن کڻون. انهيءَ کان بهتر آهي ته تون هڪ ڄڻو هتي اچي رهه. هونئن به نوڪري تان ريٽائر ڪري پئي سگهيو. پر هن جو هڪ دفعو وري ضد اهو هو ته توهان مان ڪو هلي ۽ ائين هڪ دفعو وري هنن جي زندگي ۾ تلخي پيدا ٿي پئي ۽ هڪ ٻئي کان ڏور گذارڻ لڳا. نتيجي طور سانول جو پيءُ پيريءَ واري عمر ۾ اڪيلو شهر ۾ زندگي گذارڻ لڳو ۽ آخر تائين نوڪري ۾ لڳو رهيو. اوچتو خبر پئي ته سندس والد دل جي دوري سبب گذاري ويو. اڄ چاليهو گذاري سڀ مٽ مائٽ اچي گڏيا، ته سندس گڏيل ملڪيت ڪيئن ڪجي ۽ ڪيئن ورهائجي. انهيءَ فيملي مان سانول روئي اٿيو ته… مون بابا جي ڪابه خدمت نه ڪئي آهي، مون کي بابا جي ملڪيت نه کپي… ۽ آءٌ سانول کي پرچائي پنهنجي گهر وٺي ٿو اچان.


    (سنڌو 23 مارچ 1994)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو