• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪُڪڙ پڪڙڻ ڏاڍي ڏُکي!

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
اڄ اوچتو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي وڃڻ جو موڊ ٿيو، شام جو پهر وري ڪاڪي جي اوطاق اصل مزو ئي ٻيو :) .
ڪاڪي آچار کان حال احوال وٺڻ مهل رمضان جي روزن جو ذڪر آيو، چيومانس ته ڪاڪا سنڌسلامت جا دوست تنهنجي افطار پارٽي جي انتظار ۾ آهن :) تنهن تي ڪاڪي وراڻيو : يار! ڇا ٻڌايائين ! افطار پارٽي جو ته پهرين روزي کان سوچيو اچان پر ڪُڪڙ وٺ ئي نٿي ڏئي ! :)

پڇيومانس ته اهو ڪيئن !؟
وراڻيائين : پهرين ته ڪُڪڙ کي سڄي پاڙي مان ڊوڙا ڊوڙائي وڃي پڪڙيومانس پو وري جنهن مهل حلال پيو ڪريانس ته ڀڄي وئي ، ٻيهر پڪڙي رسن سان ٻڌي بسم الله الله اڪبر چئي ڪاتي سِسي تي گسائي وڃي حلال ڪيم .
ڪُهي ، رڌي ، پڇائي، هٿ ڌوئي بسم الله ڪري کاڌم !
وري به هيٺيان نڪري وئي . :p:p:p:p:p:p:D

هاڻي ٻڌا ته ؟؟;)
 
Back
Top