السلام عليڪم .
وائرس متعلق هن فورم تي ڪافي اينٽي وائرس يا ٻيا وائرس کي ختم ڪرڻ جا طريقا موجود آهن. جيڪڏهن اسان جو سسٽم وائرس سان متاثر ٿي وڃي ته ڏاڍي پريشاني ٿئي ٿي. ڇو ته سسٽم جي ڪارڪردگي مُتاثر ٿئي ٿي ۽ اسان ڪوبه ڪم وقت تي مڪمل نٿا ڪري سگهون. اهڙي حالت ۾ ”ڪوموڊو ريسڪيو ڊسڪ“ هجڻ نعمت کان گهٽ نه آهي
. جيڪڏهن ڪمپيوٽر ۾ اينٽي وائرس انسٽال نه هجي ۽ سسٽم انفيڪٽيڊ ٿي وڃي، يا وائرس جو حملو اهڙو هجي جيڪو اينٽي وائرس جي وس کان ٻاهر هجي، يا وائرسز اينٽي وائرس کي ئي ناڪاره ڪري ڇڏين ته اهڙي حالت ۾ سسٽم جي ڪارڪردگي انتهائي گهٽ ٿي وڃي ٿي. سسٽم جي اڪثر ريسورسز تي وائرس قبضو ڪري وٺن ٿا ۽ سسٽم انتهائي سُست ٿي وڃي ٿو.
هي بُوٽ ايبل ڊسڪ توهان سي_ڊي ، ڊي_وي_ڊي يا يو_ايس_بي ذريعي استعمال ۾ آڻي سگهو ٿا. ونڊوز جي لوڊ ٿيڻ کان پهريائين هي سسٽم کي مُڪمل اسڪين ڪري هر قسم جي وائرس ۽ روٽ ڪٽس جو خاتمو ڪري ٿي. هن ڊسڪ ۾ اهڙي حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تمام ضروري ٽولز موجود آهن.
فائل سائيز: 50 ميگا بائيٽ
سپورٽ : ونڊوز ايڪس پي، ونڊوز سيون، ونڊوز ايٽ .
هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو.