• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فري ميڪ وڊيو ڊائونلوڊر

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
گذريل هفتي هن فورم تي هڪ مسئلو پيش ڪيو هئم ته فيسبوڪ تان وڊيو ڊائونلوڊ ڪيئن ڪجي ؟ محترم ذيشان رشيد جَن فرمايو ته ”ان لاءِ بهتر رهندو ته آئي ڊي ايم جو تازه تريم ورجن ڊائونلوڊ ڪريو.. نه ته ٻي صورت ۾ بغير ڪنهن سافٽويئر جي ڊائون وڊنالي سائيٽ استعمال ڪريو...“
هلون ٿا موضوع طرف
szzeh3.jpg
فري ميڪ وڊيو ڊائونلوڊر يوٽيوب، فيسبوڪ، وي ميو، ڊيلي موشن سميت 10 هزار کان وڌيڪ اسٽريمنگ ويبسائيٽس تان وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن ذريعي ڪابه وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ پهريان وڊيو يُو آر ايل ڪاپي ڪريو ۽ پوءِ پيسٽ يوآرايل جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. جيڪڏهن اُن وڊيو جا ٻيا ريزولوشن ورزن موجود هوندا جيئن 750P يا 1080P ، توهان کي سڀئي آپشن ڏيکاريندو، پنهنجي پسند جي وڊيو ريزولوشن سائيز کي منتخب ڪري ڊائونلوڊ ڪريو.

هن ذريعي هڪ کان وڌيڪ ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا. هن جا فيچرز صرف وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ تائين ئي محدود ناهن! بلڪه هن ۾ زبردست ڪنورٽر به موجود آهي، جنهن سان توهان ڊائونلوڊ ڪيل وڊيو مختلف فارميٽز ۾ ڪنورٽ ڪري سگهو ٿا.
هن مُفت سافٽويئر ۾ ٻيا به ڪافي فيچرز شامل آهن.

فائل سائيز: 13 ميگا بائيٽ

ڊائونلوڊ ڪرڻ لا
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:

لک قرب، تمام بهترين سوفٽ ويئر آهي.
 
ادا عبيدالله سافٽوئير جي لنڪ ڪم ڪونه پئي ڪري، مهرباني ڪري ڪو ٻيو طريقو ٻڌائيندا ته جيئن اسان اهو سافٽوئير ڊائونلوڊ ڪري سگهون....
 
ادا مون ڊائونلوڊ ڪري ڏٺو آه. لنڪ مون وٽ ته صحيح پيو ڪم ڪري.
 
ادا عبيدالله سافٽوئير جي لنڪ ڪم ڪونه پئي ڪري، مهرباني ڪري ڪو ٻيو طريقو ٻڌائيندا ته جيئن اسان اهو سافٽوئير ڊائونلوڊ ڪري سگهون....
ادا ٿي سگهي ٿو ڊائريڪٽ ايگزي فائل هُجڻ ڪري اوهان جو انتهائي فعال ائنٽي وائرس مسئلو ڪندو هُجي. اوهان اهو غير فعال ڪري پوءِ ڪري ڏسو. ٻين سڀني وٽ ته ڪم ڪري پيو مطلب لنڪ صحيح آهي.
پسند ڪرڻ جون مهربانيون..
مون سافٽويئر استعمال ڪري ڏٺو آهي، مونکي وڻيو تڏهن هن فورم تي ونڊ ڪيم.
بلڪل ادا ڪم جي شئي ونڊي اٿؤ.
ياد رهي ته هن سافٽويئر کي انسٽال ڪندي احتياط کان ڪم وٺو. ٽي دفعا مختلف اسٽيپ تي پُڇندو ته ڪسٽم انسٽاليشن يا ٽپيڪل. پاڻمرادو ٽپيڪل ڪندو۽ تجويز به ڪندو پر اوهان ڪسٽم ڪجو ۽ جيڪي شيون هو فضول ۾ گڏ انسٽال يا فعال ڪرڻ گهُري ٿو اُهي ان چيڪ ڪندا وڃجو.
 
اها ڳالهه آئون به وساري ويٺس ! تڪڙ ۾ نيڪسٽ نيڪسٽ ڪندي انسٽال ڪيم ته اسڪائيپ پاڻمرادو انسٽال ٿي ويو . :)
 
Back
Top