• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اُبُنٽو ۾ سنڌي ڪيئن انسٽال ڪجي؟

گورڌن ولاسائي

سينيئر رڪن
سوال اهو آهي ته اُبُنٽو ۾ سنڌي ڪيئن انسٽال ڪجي، ماجد ڀرڳڙي واري ويب سائيٽ تان فائل ته ڊائونلوڊ ٿي وئي، انسٽال نه پئي ٿئي. اُبُنٽو 14.04.
 
اصل ابنتو لاء سنڌي هڪ اسڪرپٽ آهي نه ڪي ابنتو پيڪج.

ابنٽو ۾ سنڌي انسٽال ڪرڻ جو طريقو:
1. سڀ کان پهريان ايم بي سنڌي ڊائونلوڊ ڪريو.
2. ان کي UNZIP ڪريو.
3. هاڻي اوهان ٽرمينل کوليو. (Ctrl+Alt+T)
4. ڊائريڪٽري کي MBSINDHI واري ڊائريڪٽري ۾ تبديل ڪريو.
5. هاڻي اوهان هيٽ ڏنل ڪمانڊ لکو
./MB-Install.sh

انٽر پريس ڪيو
 
Back
Top