دوستو جيئن ته مان هڪ سنڌي ويبسائيٽ ٺاهي رهيو آهيان، جنهن لا مان ويب هوسٽنگ حاصل ڪري ان تي جوملا انسٽال ڪري چڪو آهيان، پر ڪافي ڳولا ڪيم گوگل تي به سرچ ڪيم پر جوملا کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ بابت ڪجه سمجھ ۾ نه آيو. دوستن کي گذارش آهي ته ان معاملي ۾ رهنمائي ڪن. ٌخاص ڪري سائين ذيشان رشيد .
جوملا 3 مان اردو جي سپورٽ ختم ڪئي وئي آهي ۽ سنڌي به صرف جوملا جي 2.5 تائين اويبل ايبل آهي ...پر جوملا هاڻي تمام گهڻو ايڊوانس ٿي چڪو آهي ان ڪري پراڻا ايڊشنز مزو نٿا ڪن جوملا 3 ۾ عربي ٻولي سان جڳاڙ ڪري سنڌي ويب ٺاهي ويندي آهي منهنجو ارادو آهي ته عربي جي جي ٻولي وارين فائلن کي سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪريان....رمضان ۾ ته تمام مشڪل آهي ....
انشاء الله اها اميد آهي ته اوهان ان ڪم ۾ ڪامياب ٿيندا .... رمضان ڀلارو ۽ برڪتن ۽ عبادتن جو مهينو آهي، جنهن ۾ عام شيڊيول به تبديل ٿيو وڃي
ادا مون جوملا ۾ مڪمل سنڌي ويب سائيٽ تيار ڪئي آهي http://www.sbenazirabad.com جوملا جوورجن 1.5 بهتر آهي سنڌي لا. گل محمد شاه راشدي
تمام بهترين ويب سائيٽ ٺاهي اٿوَ. مان به جوملا 1.5 ته انسٽال ڪيو آهي. پر توهان وانگر مون وٽ به فونٽ جو مسئلو ٿو اچي ۽ جوملا 1.5 ۾ ڪافي پلگ انس انسٽال ڪرڻ جي سپورٽ به ڪونهي. سوچان ٿو ته ويبسائيٽ فرنٽ پيج يا ورڊ پريس تي ٺاهيان. برحال توهان جو ڪم ڏاڍو وڻيو.
مون به جوملا ڇڏي ورڊ پريس جو پاسو ورتو آهي، هاڻي رليڪس ٿي ويو آهيان، ورڊ پريس تي ڪم ڪيو، ان ۾ جيڪا هيلپ کپي حاضر آهيون.