دل جي عجيب فطرت!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
دل جي عجيب فطرت!
رحمت پيرزادو​
تنهنجي حسن جا آخر
ڪهڙا مثال آهن!​

چپڙا حسين آهن،
مُرڪڻ بهار جي رُت،
ڳل دلنشين آهن،
ڪيڏي نکار جي رُت،
دل جي عجيب فطرت
ٻئي درِ نه ٿي وڃي پئي،
هوڏِي خيال آهن!
تنهنجي حسن جا آخر
ڪهڙا مثال آهن!​

ڳوٺن ۾ ۽ ڳلين ۾
رُلندي رهي ٿي هر دم،
تپندي رهي ٿي هر پل
سڙندي رهي ٿي هر دم،
دل بي قرار ۾ ڄڻ
مئه جا خمار ۽ ٻيا
ڪي ئي ملال آهن،
تنهنجي حسن جا آخر
ڪهڙا مثال آهن!​

در در رُلان ٿو آئون،
گھر گھر پيو ٿو ڀٽڪان!
هر ڪنهن گھٽي گھٽي ۾
خود سان پيو ٿو اٽڪان،
ڳوليان پيو ٿو توکي
جوڳي فقير وانگر،
ڪي ئي سوال آهن.
تنهنجي حسن جا آخر
ڪهڙا مثال آهن!​
 
Back
Top