1 ڪڏهن ڪڏهن هي دنيا مونکي ڪئي اهڙا سبب مهيا ڪندي آهي جو ان سان نفرت ڪجي، پر جڏهن به اهڙو ڪو واقعو ٿيندو آهي ته آءُ ڪجهه گهڙين لئه بيهي رهندو آهيان ۽ سوچيندي چوندو آهيان، ” آءُ هن دنيا سان نفرت ڪئين ڪريان، جڏهن ته تون به هن دنيا جو ئي هڪ حصو آهين“ 2 توسان مخاطب ٿيڻ خاطر ڪئي ڪتاب ڳولهيندو آهيان، ڪئي جملا سوچيندو آهيان ۽ ڪئي اهڙا لفظ جي ذهن ۾ موجود هوندا آهن سي ڳولهي وٺندو آهيان، پر جڏهن توکي ڪجهه لکڻ لئه ويهندو آهيان ته صرف اهو ئي لکي سگهندو آهيان .... ”منهنجو توسان پيار آهي“ 3 زندگي هڪ ڪتاب آهي، اسين سڀ انکي پڙهندا آهيون، پيار هڪ نعمت آهي، اسان سڀني کي انجي گهرج آهي، انڪري سدائين خوش رهو، سدائين مسڪرائيندا رهو، ڇاڪاڻ؛ ياد رکو، هن دنيا ۾ اسين صرف ڪجهه گهڙين جا مهمان آهيون.. 4 ننڍڙين چاٻين سان وڏا وڏا تالا کولي سگهبا آهن، ننڍڙن لفظن سان وڏا خيال بيان ڪري سگهجن ٿا، تنهنجي چيل ننڍڙي ۽ سادي عبارت منهنجي سڄي ڏينهن جي خوشين ۽ مشڪ جو ڪارڻ ٿيندي آهي ... 5 پنهنجي دل ۾ مون لئه جڳهه پئدا ڪر، نه ڪي دماغ ۾، ڇاڪاڻ دماغ وساري سگهي ٿو پر دل ۾ ويٺل هميشه ياد رهندا آهن. 6 توکي پنهنجن ٻانهن ۾ جهلڻ خاطر، ڪئي سمنڊ پار ڪري سگهانٿو، هر هڪ گهڙي توسان گڏ رهڻ خاطر، هزارين جبل پار ڪري سگهانٿو. 7 جنهنکي اوهين پسند ڪريوٿا ۽ جي اهو اوهانجي سامهون اچي وڃي ته موقعو نه وڃايو ۽ چئي ڏيو ” منهنجو توسان پيار آهي“ ڇاڪاڻ ممڪن اهڙيون گهڙيون هر روز نه اچن ۽ ممڪن اهڙا ماڻهون توکي هر روز نه ملن جيڪي اوهانجي اندر ۾ پيار پئدا ڪن. 8 جي آءُ زندگيءَ ۾ ڪا هڪ به شئي توکي ڏيڻ جي قابل هجان ها ته، آءُ توکي اهڙي سگهه ڏيان جو تون پنهنجو پاڻکي منهنجي نظرن سان ڏسي سگهين، ۽ صرف پوءِ ئي توکي محسوس ٿيندو ته آءُ توکي ڪيترو چاهيان ٿو ۽ تون مون لئه ڪيترو خاص آهين. 9 ڪڏهن ڪڏهن منهنجيون اکيون منهنجي دل سان ساڙيليون ٿينديون آهن، توکي خبر آهي ته ڇو؟ ڇاڪاڻ تون هميشه منهنجي دل جي ويجهو هوندي آهين ۽ منهنجي اکين کان پري. 10 زندگيءَ ۾ هيٺ مٿاهيون اينديون آهن، ڪڏهن سج جي تپش، ڪڏهن بارش جي ٿڌاڻ، پر اهو نه وساريو ته مينهن ۽ سج جي روشنيءَ جي ميلاپ سان ئي انڊلٺ ٺهندي آهي ۽ آسمان کي سهڻو بڻائي ڇڏيندي آهي.
جواب: پيار ۽ زندگي پيار جي بک، مانيءَ جي بک کان تمام گهڻو سگهاري ۽ تڙپائيندڙ هوندي آهي ~Mother Teresa