اسان سان ڪچهريون ڪيو دوستو هليا وينداسين اوچتو اوچتو، پکي شام ڌاري هي ڪاڏي وڃن ٿا پوي ڪون ٿو ڪنهن کي ڪوئي پتو، اکين ۾ رهن ٿيون اداسي جون شامون جيئڻ ۾ نـ هاڻي اچي ٿو مزو، اسان جي وصيحت نصيحت اها وٺي حسن جو نانءُ پوءِ پورجو، ڀلا ڪو پرينءَ کان ڪيئن جدا ٿئي ڏکيو ڪيڏو ”استاد“ آ مرحلو.. ”استاد بخاري“