اسان سان ڪچهريون ڪيو دوستو

منصور سرور

سينيئر رڪن
اسان سان ڪچهريون ڪيو دوستو
هليا وينداسين اوچتو اوچتو،

پکي شام ڌاري هي ڪاڏي وڃن ٿا
پوي ڪون ٿو ڪنهن کي ڪوئي پتو،

اکين ۾ رهن ٿيون اداسي جون شامون
جيئڻ ۾ نـ هاڻي اچي ٿو مزو،

اسان جي وصيحت نصيحت اها
وٺي حسن جو نانءُ پوءِ پورجو،

ڀلا ڪو پرينءَ کان ڪيئن جدا ٿئي
ڏکيو ڪيڏو ”استاد“ آ مرحلو..

”استاد بخاري“
 
Back
Top