• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جون عجيب و غريب ڍنڍو

ALI AKBAR SHAR

سينيئر رڪن
پاڻي انسان جي بنيادي ضرورت ۾ شامل آهي قدرت پاڻي کي جمع ڪرڻ لاءِ گليشيئر، نديون، دريا، ڍبڍون ۽ سمنڊ جي شڪل ڏئي محفوظ ڪيو آهي. جڏهن ڳالهه ڪجي صرف ڍنڍن جي ته پوري دنيا ۾ 3 ملين کان وڌيڪ ڍنڍوموجود آهن جيڪي پنهنجي خوبصورتي جي ڪري سڄاتيون وڃن ٿيون.پر اڃ اسان انن ڍنڍن جو ذڪر ڪنداسين جنهن جو شمار دنيا جي عجيب و غريب ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو. ان جو اندازو توهان کي آرٽيڪل پڙهڻ کان بعد ايندو.



1149092_02.gif


هي ڍنڍ Palau ۾ واقع آهي جيڪا گولڊن فش سان ڀريل آهي ۽ هتي غوطا خور ڪرڻ وارن کي هڪ منفرد طريقو حاصل آهي. ان جيلي فيش جو جسم هڪ سڪي کان وٺي فٽبال جيترو آهي.

2249092_04.gif


قرمزي رنگ جي پاڻي جي حامل هي عجيب و غريب ڍنڍ بوليويا جي علائقي Laguna Colorada ۾ واقع آهي ۽ هي 23 اسڪائر ميل جي رقبي تي ڦيليل آهي. ان ڍنڍ جو هي منفرد رنگ جي وجهه جهيل ۾ ڳاڙهي رنگ جون کائيو ۽ ٻين شين جو هوندو آهي.

3349092_06.gif


هي اُٻرندڙ پاڻي جي ڍنڍ ڊومينيڪا ۾ واقع آهي ۽ اڃ ڏينهن تائين ڪو به ماڻهو ان جي درجا حرارت جي پيمائش ڪون ڪري سگهيو آهي.

4449092_08.gif


هي ڍنڍ ڪنيڊا ۾ آهي Manicouagan نامي ڍنڍ جي وچ ۾ نظر ايندڙ گول دائرو ان وقت وجود ۾ آيو جڏهن 200 ملين سال اڳ 3.1 ميل قطر سيارو هتي ڪريو . هي ڍنڍ 750 اسڪائر ميل جي رقبي ۾ واقع آهي.

5549092_10.gif


هي ڍنڍ Trinidad ۾ واقع آهي جنهن کي La Brea Pitch جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي ڍنڍ تقريبن 10 ملين معدني تارڪول تي مشتمل آهي جيڪا تقريبن 10 ايڪڙ جي رقبي تي ڦهليل آهي.

6649092_12.gif


هي ميڊيسن نامي ڍنڍ ڪنيڊا ۾ واقع آهي ڏسڻ وقت ڪابه اهڙي شئي نظر ڪون ٿي اچي جيڪا عجيب و غريب هجي پر سردين جي موسم ۾ هن ڍنڍ کي ڳولي نه لهبو ڇو جو ان ڍنڍ جي اندر سوراخن جو هڪ وڏو سلسلو موجود آهي ۽ پاڻِي ان جي اندر هليو وڃي ٿو اهڙي سارخن تائين انسان جي رسائي به مشقل آهي. ۽ هتي جا ماڻهو ان کي جادوئي ڍنڍ جي نالي سان سڏين ٿا.

7749092_14.gif


بحيره مردار اردن ۾ واقع آهي ۽ ان جو پاڻي سمنڊ جي نسبط ڏاهه گناهه وڌيڪ لوڻو آهي ان پاڻي ۾ جوڙن ۽ جسم جي بيمارن جو علاج به موجود آهي دلچسپ ڳالهه هي به آهي لوڻياٺ جي ڪري ان پاڻي ۾ ڪو ٻوڏي به ڪون ٿو ان جي سطح تي ماڻهو ترندا رهندا آهن. هي جي سطح سمنڊ کان 1486 فٽ هيٺ آهي.

8849092_16.gif


تنزانيه جي وادي رفٽ ۾ واقع هي نيٽرون نامي ڍنڍ هڪ خطرناڪ ڍنڍ آهي ان ڍنڍ جو گرمي پد 60 ڊگري سينٽي گريڊ کان زياده هوندو آهي ۽ هن ڍنڍ تي اچي ويهڻ وارو ڪوئي به پکي ڀٿر ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ پکي هن ڍنڍ جي خوبصورت ڏسي پاڻي ۾ ٽٻي هڻڻ جو ڪوشش ڪن ٿا جيڪي مري وڃن ٿا.

9949092_18.gif


McKenzie نالي واري ڍنڍ آسٽريليا ۾ فريزر نامي جزيري تي واقع آهي 370 ايڪڙ رقبي تي ڦيليل هي ڍنڍ مڪمل طور ڪڪرن جي مٺي پاڻي سان ڀرجي وڃي ٿي ۽ هي دنيا جي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل آهي.
 
Back
Top