منصور سرور
سينيئر رڪن
پراگ (ع آ نيوز) موبائل فون سان ذاتي ڪم ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي ۽ پوءِ ان کي ختم(Delete) به ڪيو ويندو آهي پر هاڻي نئين تحقيق موجب ختم ڪرڻ باوجود به ختم نه ٿيندي ۽ ان کي ٻيهر آساني سان واپس آڻي سگهجي ٿو. هي تحقيق انٽرنيٽ جي مشهور ڪمپني اواسٽ(Avast) ڪئي آهي. سائنسدانن هن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ 20 عدد استعمال ٿيل اينڊرائڊ موبائل فون حاصل ڪري پوءِ عام سافٽويئر FTK Imager ۽ ان جهڙا ٻيا به گهڻا ئي مارڪيٽ ۾ موجود سافٽويئر ڪري فون مان اهو سڄو مواد کنيو جيڪو ان جا مالڪ ختم ڪري مطمئن ٿي ويٺا هئا. عام طور تي اهو سمجهو ويندو آهي ته Delete All ڪرڻ سان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو آهي پر ائين نه آهي. ماهرن اها صلاح ڏني آهي ته پنهنجي ذاتي مواد کي Delete ڪرڻ کان پوءِ ان جي جاءِ تي ٻيو مواد اسٽور ڪريو ايستائين جو ميموري فل ٿي وڃي. ان صورت ۾ اوهان اميد ڪري سگهوٿا ته توهان جو مواد ٻيهر واپس نه ايندو.