سنڌ جو ٻيجل ثاني سرمد سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جو ٻيجل ثاني سرمد سنڌي ​

    سرمد سنڌي ڊاڪيومينٽري رپورٽ

    [​IMG]
    سنڌ ڌرتي جي ڪک مان هزارين اهڙا سپوت ۽ انمول انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مٿان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ناز ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي کي جنهن به پنهنجو ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي ان کي هڪ نه وسرندڙ سڃاڻپ ڏني آهي،
    سنڌ تي جڏهن ايران جي هڪ بزرگ حضرت عثمان مروندي پير رکيو ۽ اچي سنڌ کي پنهنجو ڪيائين ته سنڌ ان کي قلندر بڻائي ڇڏيو، ۽ وري سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجو ڪيو تڏهن لالون لال لطيف، ۽ ڀٽ جو گهوٽ لطيف، بڻيو، جڳ مشهور عالم دين جناب مولانه عبيدالله سنڌي صاحب جڏهن پاڻ کي سنڌي سڏايو تڏهن وڃي مولانه عبيدالله سنڌي بڻيو، اهڙي ريت سنڌ ڌرتي تي هڪ سريلي آواز وارو شخص پيدا ٿيو جنهن جو نالو رحمان مغل هو ۽ ان جڏهن سنڌ کي پنهنجو ڪيو تڏهن وڃي سنڌ جو ٻيجل ثاني سرمد سنڌي بڻيو۽ هت مان توهان لاءان ٻيجل ثاني سرمد سنڌيجي زندگي تي ڊاڪيومينٽري وڊيوز پيش ڪيان ٿو باقي توهان پاڻ ڏسو ۽ ٻڌو
    ( سرمد سنڌي سنڌ جو اهو فنڪار هو جنهن ڪڏهن به بازاري شاعري نه ڳائي ۽ صرف انهن شاعرن جا شاعري ڳائي جن شاعرن وٽ سچو عشق هو زندگي جو ڪو سبق هو ، پيغام هو نظريو هو سرمد سنڌي جنهن کي ٻارن کان وٺي سنڌ جا نوجوان توڙي وڏي عمر وارا ماڻهون پڻ هڪجهڙي محبت، عزت ۽ احترام سان ٻڌندا هوا سرمد کي روبرو مون تڏهن ڏٺو هو جڏهن هو اسان جي پاڙي دادو ۾ محترم محرم علي لنڊ بلوچ صاحب جيڪو منهنجو ڪلاس فيلو ۽ هڪ سٺو دوست پڻ آهي۔ ( مشهور مسيقار محرم ناز ) وٽ ايند هئا۔ ۽ سندس آخري راڳ جي محفل به دادو شهر ۾ نصيب ٿئي۔ ۽ مون کي اڄ به سندس ڳايل ڪلام ڪهاڙي منهنجي ڪنڌ تي آء نچندو اچان ، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ آء چوندو اچان۔ ياد آهي، ۽ جنهن محفل ۾ سرمد اهيو ڪلام ڳايو هو اتي وقت جو هڪ وزير ۽ دادو پوليس جو ايس ايس پي پڻ ويٺل هئا، مگر سنڌ جي هڪ جوان پنهنجي نوڪري جي پرواه به نه ڪندي پنهنجي پوليس واري وردي سان هٿ ۾ پوليس رائيفل کڻي انهيء سرمد جي ڳايل ڪلام تي نچڻ شروع ڪيو هو ، جنهن جي خبر ان وقت جي اخبارن ۾ پڻ لڳي هئي۔ ) .


    http://www.youtube.com/watch?v=f0tFvCl3lPY
    http://www.youtube.com/watch?v=ewVVQlaTF2A
    http://www.youtube.com/watch?v=C-WxWRiGFaA
    http://www.youtube.com/watch?v=BNldJfcfYnU&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=o5xwwXWrYvM&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=DgLYr6HfnjM&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=q__jKf0rIAE&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=6mS3cPiL0VI&feature=related


    سرمد سنڌي لاء جسقم چيئرمين بشير خان قريشي ۽ جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر قادر منگسي ، سندس استاد جناب محمد رحيم وگهيو ۽ ٻين نالي وارين شخصيتن جا تاثرات
    http://www.youtube.com/watch?v=vdCyvG7FykU&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=-K5888loQ3s&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=1ZFzM22G9-o&feature=related

    تنهنجي ياد جي وري آوير​

    http://www.youtube.com/watch?v=JONgg9wmObo&feature=related

    سرمد سنڌي جا مشهور گيت ۽ ڪلام​

    http://www.youtube.com/watch?v=jFwbPFF9R9M&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=4TWmavdD6Xg&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=ryKf3qjOB-c&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=JP1oYNc47q8&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=gKNETx3OfDQ
    http://www.youtube.com/watch?v=Lv2fMTBy2Hs&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=pACDpdI9Cak&feature=related

    http://www.youtube.com/watch?v=kkGaHehPF7Q

    http://www.youtube.com/watch?v=6WyP4dphUTc
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سرمند سنڌي ڊaڪيومينٽري رپورٽ

    واه ادا سائين واه، اصل دلڙي ٺاري ڇڏيئي۔۔۔۔ اهڙن سپوتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جن جو جنم سنڌ جي ڪُک مان ٿيل آهي۔۔۔

    رهي سدا سنڌو جي ڇولي ماروئڙن جي مٺڙي ٻولي،

    مهرباني مٺڙا۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سرمد سنڌي ڊاڪيومينٽري رپورٽ

    سائين محترم وگهيا صاحب،
    مٺڙي مرحوم سرمد جي گيتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ۔۔۔ جيترو سندس آواز مٺڙو هو اوتروئي سندس سڀاويڪ مٺڙو ۽ وڻندڙ هو، دوستي ۾ ته اصل نيڻ وڇائي ويهندو هو ۽ هونءَ ته هر قسم جا گيت تمام مزي سان ۽ اندر مان ڳائيندو هو پر جڏهن قومي گيت ڳائيندو هو ته نه فقط پاڻ روئيندو هو اسانکي به روئاري وجهندو هو ۔۔۔ گيتن ڳائڻ کانپوءِ چوندو هو ڪامريڊ دوستو ڀلا سنڌ اڃان ڪيترو ظلم برداشت ڪندي؟ جنهنجو جواب ظاهر آهي نه اسان وٽ هيو نه کيس وٽ ۽ پوءِ وري ٻيو گيت ڳائڻ شروع ڪندو هو ۔۔۔ ۽ مزي جي ڳالهه ته گيت ڳائيندي اصل نه ٿڪبو هو ۔۔۔
    رب العالمين کيس مغفرت فرمائي ۔۔۔ جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سرمد سنڌي ڊاڪيومينٽري رپورٽ

    سرمد سنڌي جا ڳايل سمورا گيت تمام گهڻا مشهور ٿيا پر خاص طور سندس ڳايل قومي گيتن ڪاليجن کا وٺي يونيورسٽين جي شاگردن کي به جهومائي وڌو اهو ئي سبب آهي جو شاگرد لڏو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان اڄ به جهجهو چاهه رکي ٿو ۔۔۔
    مفصل ليک ۽ وڊيوز سان ڀريل توهان جو هي موضوع حقيقتن 5 تارن جي قابل آهي۔۔۔ مهرباني۔۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سرمد سنڌي ڊاڪيومينٽري رپورٽ

    ادا زاهد سومرو صاحب، نثار ابڙو صاحب ۽ ڀاء رشيد سمون صاحب توهان جا لک قرب ۽ نوازشون جو توهان منهنجي هن محنت کي پسند ڪري پنهنجي خيالات جو اظهار ڪيو،
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سرمد سنڌي ڊاڪيومينٽري رپورٽ

    واه واه تمام سٺو۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سرمد سنڌي ڊاڪيومينٽري رپورٽ

    ادا مهربانيون پسند ڪرڻ لاء​
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سرمد سنڌي ڊاڪيومينٽري رپورٽ

    انب لٿا
    کارڪون لٿيون
    پرين بنا مونکي ڪونه وڻيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو