منصور سرور
سينيئر رڪن
ماسڪو (ع آ نيوز) جيئن جيئن دنيا ترقي ڪندي ٿي وڃي تيئن تيئن دلچسپ هوٽل انسانن جي ضرورت بڻجندا پيا وڃن پر ڇا توهان اهڙي هوٽل جو تصور ڪري سگهو ٿا جيڪو اهڙي جاءِ تي ٺاهيو ويو هجي جتي رڳو برف هجي. اهڙو ئي هڪ هوٽل برفاني علائقي آرڪنگ سرڪل ۾ تعمير ڪيو ويو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هوٽل مڪمل طور تي برف سان ٺاهي وئي آهي. روائيمي جي علائقي فنش ٽائون ۾ ٺهيل هي هوٽل سياري جي موسم ۾ مداحن لاءِ ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ پرسڪون ماحول سان گڏوگڏ برفباري کان به بچي سگهجي ٿو. جيڪڏهن توهان هن هوٽل ۾ هڪ رات گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃو ته پوءِ توهان کي يادگار لاءَ هڪ ڊپلوما به ملندي جيڪا ثبوت هوندي ته توهان هڪ يادگار رات ٿڌي جاءِ تي گذاري آهي.
