هر روز صبح جو آفيس وڃبو آهي ۽ شام جو سج لٿي ويل موٽبو آهي ته مغرب جو آذانون پيون اينديون آهن. سڄو ڏينهن آفيس جي ڪم ڪار، بس ۽ فورسيٽرن جي پويان ۽ پوءِ وري پنڌ ڪندي ڏينهن ئي لڙيو وڃي. گهر پهچندي ٻار ٽنگن کي چهٽيو پوندا آهن ”بابا، بابا“ ڪريو. پنهنجن ”صاف سٿرن“ ٻارن کي پري ٿا هٽايون ته ڪٿي اڇا ڪپڙا خراب نه ٿي پون. زال پهچي ٿي ”ڪٿي هئين سڄو ڏينهن…؟“ ساهه پٽڻ لاءِ کٽ تي ويهان… سوچ ويندي اٿم پنهنجي ڳوٺ ڏانهن، جتي جا ٻارڙا سڄو ڏينهن مٽي سان ٿا کيڏن، ٺلهو هڪڙو چولو پاتل، گرمي يا سردي، نڪ مان وهندڙ لم… وات ۾ آڱريون… گگ پئي ڳڙي… انهن جا پيءُ ٻنين مان مزدوري مان يا دڪانن تان موٽندي گهر ايندا آهن ته انهن پنهنجن گدلن ٻارن کي چنبڙيو چمي مٿان چميون ٿا ڏيون. انهن جون زالون، کٽون سڌيون ٿيون ڪن، ڪنئرا ڀريو رکن ته مڙسالو هٿ منهن ڌوئي، تيستائين ماني رکيو پوتي جي پلاند سان مکيون ٿيون هڪلين ۽ مرد ماڻهو اچيو ماني ۽ مکڻ کائيندي ڀڻ ڀڻ جي انداز ۾ پيار ڀريون ڳالهيون ڪندي پنهنجي جيون جي لمحن کي خوشگوار ٿا ڪن. ”اُٿ ماني لڳائي اٿم ٽيبل تي، کاءُ…“ ڄڻ زال وڏو ٿورو ڪيو هجي. ”ڀلا مون توکي چيو به هو ته سوير اچجانءِ، شام جو ريشم گلي مان شاپنگ ڪرڻي آهي، تڏهن به اها ساڳي دير…“ مان ڀلا ڇا ڪريان… آفيس جو ڪم ڪار آهي ۽ پوءِ پنهنجي به ته سواري ڪانهي ۽ سوزڪين پٺيان ايندي ايندي به دير ٿيو وڃي. ”ڀلا هر روز ايڏي دير… ڪهڙن ديرن ۾ ديرا ڄمايا اٿئي جو آفيس جو بهانو بنائي هر روز دير سان ايندو آهين…“ مون واري ڳالهه ڳڙڪندي، منهنجي زال حسب معمول جيان اڄ به ٽوڪ ڪئي. ”ماني کائڻ ڏيندينءَ، ڪي زهر ڪري ڇڏيندينءَ. سولو سک جو ساهه ته وڃي ڌوڙ پائي، ماني جا ٻه گرهه به نٿي هڻڻ ڏين…“ پاڻي گهرندي چيومانس. ”جيترو اٿوَ سک، اوتريون اٿوَ رڙيون.“ اُٿي پنهنجي ڪمري جي بيڊ تي ليٽان ٿو… سوچ ويندي اٿم ڳوٺ ڏانهن… جتي هر روز رات جو، سياري جي رات گهر جي ورانڊي ۾ امان باهه جو مچ ٻاريندي هئي- مچ کي ڏسي آهستي آهستي ننڍا وڏا، پوڙها پڪا، جوان ٻڍا، عورتون مرد سڀ اچي مڙندا هئا، سڀئي هڪٻئي سان گڏ مچ جي چوطرف ڦري ويهندا هئا، ڪلهو ڪلهي سان مليل ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ اها ڳالهه نه ايندي هئي ته منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڀيڻ آهي يا سوٽ، ماسات يا پاڙي جي ڪا جوان عورت. هرڪو اچي گڏبو هو. سيءُ سيءُ ڪندا پنهنجا هٿ پير سيڪيندا، کل ڀوڳ ڪندا اٿندا پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويندا هئا. گهر پهچون ٿا، ڀلا ٻي ڪابه واهه نه ڏسي ٽي.وي کوليون ٿا يا وي.سي.آر تي فلمون ڏسون ٿا ۽ رات جو هڪ بجي سمهون ٿا. ڀلا آڌي رات جو سُتل ماڻهو ڇا ننڊ ڪندا. کن پل جا جهٽڪا اچن ٿا، رات جي پوئين پهرن ۾ ٽن چئن ڪلاڪن جي ننڊ ۾ ٽي چار دفعا سجاڳي ٿئي ٿي. صبح جو اها ئي وٺ وٺان… بابا چوندو آ ”پٽ اڄڪلهه جون ڪهڙيون ننڊون…! ننڊون ته هيون اسان جون، جو صبح جو اٿندا هئاسون ته اسان جا وهاڻا گگن سان ڀرجي ويندا هئا پر خبر به نه پوندي هئي.“ ”ها بابا… ايڏي گهري ننڊ…!“ مون هڪ ڏيندي چيومانس. ”پٽ ننڊ سان ڀليان ڀلي هوندي هئي. اسان جي ننڊ جا کونگهرا راڄ ٻڌندا هئا. ڀلا چوري چڪاري جو ڪوبه ڊپ نه ڪو ڊاءُ، کٽڪي ۽ وهم گمان جو نشان ئي نه… ته ننڊون هونديون هيون ڀليون…“ ”ڀلا هاڻ اٿ ته ڊاڪٽر کان ٿي اچون.“ زال هڪ ڏينهن مون کي چيو… ”مٿي ۽ سيني ۾ سور ۽ سهڪي ته جيءُ ئي مُنجهائي ڇڏيو آهي.“ ”سڄو ڏينهن کٽ تي چڙهيو ويٺي آهين، هر ڪم لاءِ نوڪر رکيا اٿئي، ويٺي ويٺي به سهڪا لڳا پيا اٿئي.“ مون کي طنز جو وارو مليو. ”اٿ ڊاڪٽر ويندو هليو.“ هلندي هلندي تصور ۾ امان جو چهرو نظر ٿو اچيم. صبح سوير اٿي مينهن مان کير ٿي ڏُهي، پوءِ نيرن لاءِ ڪاٺيون ٻاريندي هئي. مرد ماڻهو هرڪو هليو ويندو هو ٻنين ٻارين تي ته پويان گهر جي صفائي، ڇيڻان ٿڦڻ، آئي وئي کي منهن ڏيڻ، ٻارن جي سار سنڀال لهڻ، ٻنپهرن جي ماني، شام جي چانهه، رات جي ماني، ڪپڙا لٽا، ٿانوَ، ٻهارو اڪيلي سر ڪندي هئي، پر ڪڏهن به اسان نه ٻڌو ته گهر ۾ ڪڏهن ڊاڪٽر يا بيماري آئي هجي. پنهنجي زندگي جي انهن معمولي ڳالهين جي ڦرندڙ ڦيٿي تي سوچيندو آهيان ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي اٿم، ته مٿو ڳرو ڀائيندي محسوس ڪندي زال کي چوندو آهيان ته ”اٿ اڄ ڪافي ته ٺاهي اچ ته ڪو ذهن تازو ٿئي“ ۽ هوءَ مُنهن اهڙو ڪري ڪافي ٺاهي ايندي آهي جو ذهن فريش ٿيڻ بدران…