غلام مصطفيٰ سولنگي هن شاندار ۽ حيران ڪندڙ لائبريريءَ ۾ ڪجهه عرصو قيام ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي هڪ ناليواري اديب ۽ دانشور، وزيٽرس بوڪ ۾ پنهنجا تاثرات ڪجهه هن ريت لکيا هئا: ”سيرت لائبريري شهدادڪوٽ، پاڪستان ۾ موجود لائبريرين جي دل آهي. شهداد ڪوٽ جهڙي ڏورانهين ۽ ننڍڙي شهر ۾ ههڙيءَ لائبريريءَ جو قيام ڪنهن معجزي کان هر گز گهٽ ڪونهي.“ واقعي هيءَ لائبريري ڪو معجزو ٿي لڳي. سچ پچ ته سڄي سنڌ ۾ خاص ڪري ۽ سڄي پاڪستان ۾ عام ڪري هن لائبريري جو مثال ملڻ مشڪل آهي. حيقيقت ۾ ڪتب خانا علم، ڏاهپ،ادب ۽ شعور جو ذريعو هوندا آهن. نه رڳو ايترو پر ڪتب خانا ٻوليءَ، تهذيب ۽ ثقافت ۽ اخلاقيات جا ڀنڊار پڻ ليکيا ويندا آهن. سيرت لائبريري، شهدادڪوٽ به اهڙو عملي خزانو آهي، جنهن مان دنيا وارا پنهنجي وس ۽ ذهني وِتَ آهر اڀ پرائي رهيا آهن. پاڪستان جي ذاتي ڪتب خاني ۾ تمام گهڻي شهرت رکندڙ هيءَ لائبريري ناليواري اديب، استاد، شاعر، سيرت نگار ۽ سيرت جي حوالي سان لکيل ڪتابن تي پنج ڀيرا حُسنِ ڪارڪردگي جا صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ ۽ هڪ سدا بهار شخصيت پروفيسر سيد گل محمد شاهه گل بخاريءَ جي اعليٰ عملي معيار ۽ ذوق جو چٽو عڪس آهي. پروفيسر سيد گل محمد شاهه بخاري، هڪ باعمل عالم، سدائين علم ۽ ڏاهپ جي جوت جلائي رکندڙ، سندس وسيع مطالعي، علم ۽ ڄاڻ ۽ ڪتابن سان بي پناهه محبت رکڻ جي ڪري، نارائڻ شيام جو هي شعر سندس لاءِ ڪيڏو نه موزون آهي: درس گاهن سان دل منهنجي ڪتب خانو وطن منهنجو ڪتابن ۾ دفن ٿيندس ورق ٿيندا ڪفن منهنجو. بخاري صاحب چوندو آهي، ”منهنجا هي ڪتاب، قابل اعتماد دوست آهن، اهي هر وقت ڳالهائيندا رهندا آهن ۽ منهنجي ذهن کي ڄاڻ وسيلي ڪشادو ۽ وسيع ڪندا رهندا آهن.“ پروفيسر گل بخاريءَ پاران قائم ڪيل هي ذاتي ڪتب خانو ناياب ۽ عاليشان ڪتابن جي ذخيري جي لحاظ کان سنڌ جو بهترين ڪتب خانو سمجهيو ويندو آهي. سيرت لائبريريءَ جو غير شعوري قيام 1974ع ۾ عمل ۾ آيو، گل بخاري صاحب، پاڻ انهن ڏينهن ۾ اسڪول جو شاگرد هيو، باقاعدي ۽ شعوري طور تي هن زبردست لائبريريءَ کي 1980ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ ان لاءِ مستطيل هال نُما هڪ وڏي ڪشادي عمارت پڻ ٺهرائي وئي. سيرت لائبريري شهدادڪوٽ ۾ رکيل ڪتابن جو انگ ٽيهه هزار آهي ۽ اهي سمورا ڪتاب لڳ ڀڳ هڪ سئو موضوعن تي تمام گهڻي ڄاڻ ڏين ٿا. ائين کڻي چئجي ته دنيا جي تقريبن هر موضوع تي لکيل ڪتاب هن لائبريريءَ جي زينت بڻيل آهن. خاص ڪري: علوم القرآن، تفسير، سيرت، علوم الحديث، حديثن جي شرح، فقهه، شخصيتون، اسلامي تاريخ، دنيا جي تاريخ، ملڪن جي تاريخ، سوانح حيات، سفرناما، جاگرافي، معاشيات، سياسيات، انگريزي، اردو، سنڌي، پنجابي، فارسي، عربي گجراتي، ڪشميري، سرائيڪي، بنگالي، هندڪو، ترڪي ۽ جرمن ادب، لطيفيات، اقباليات، غالبيات، طب، سائنس، لُغات، انسائڪلوپيڊياز، رانديون، ديوان، لوڪ ادب، ۽ ٻين اهم موضوعن تي لکيل ڪتاب هن لائبريريءَ ۾ موجود آهن، ائين وڏي اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن انهن موضوعن تي ڪي اڻ لڀ ڪتاب، پاڪستان ۾ ٻئي هنڌ ڪٿي نه ملن ته پوءِ سيرت لائبريريءَ شهدادڪوٽ ۾ ضرور ملي ويندا. هن لائبريريءَ ۾ سيرت پاڪ تي نثر ۽ نظم ۾ لکيل مختلف ٻولين ۾ اٽڪل سترهن هزار ڪتاب موجود آهن. اهي سمورا ڪتاب چونڊ، بنيادي ۽ حوالي وارا ڪتاب آهن. هن لائبريريءَ ۾ پنج سئو سال پراڻو ڪتاب به موجود آهي ته هڪ مهينو اڳ شايع ٿيل ڪتاب پڻ، يعني لائبريريءَ ۾ ڪتابن کي up to date رکڻ جو پورو پورو انتظام آهي. ان کان سواءِ دنيا جي پنجيتاليهن ٻولين ۾ قرآن پاڪ جا ترجما ۽ تفسير هن لائبريري ۾ موجود آهن. گڏو گڏ قرآن پاڪ تي لکيل ٻين ڪيترن ئي اهم ۽ بنيادي ڪتابن جو ذخيرو پڻ موجود آهي. لائبريري ۾ سڀ کان وڏو ڪتاب ”تاريخ دمشق“ آهي، جيڪو اَسي جلدن تي مشتمل آهي. سيرت لائبريري ۾ سئو سئو سال پراڻا ڪتاب به سون جي تعداد ۾ ملن ٿا ۽ اٽڪل پنج هزار ناياب ڪتاب به هتي موجود آهن ۽ سون جي تعداد ۾ فوٽو اسٽيٽ ٿيل دنيا جا اڻ لڀ ڪتاب ۽ قلمي نسخا پڻ ملي سگهن ٿا. اهي سمورا ڪتاب دنيا جي 25 کان وڌيڪ ملڪن ۾ شايع ٿيل آهن. خاص ڪري سعودي عرب، لبنان، ترڪي، ايران، افغانستان انگلستان، هندستان وغيره ۾ ڇپيل ڪتاب هن ڪبت خاني ۾ ملي سگهن ٿا. نهايت سهڻي ترتيب ۽ سٽاءَ سان اهي ڪتاب رکيا ويا آهن. سمورن خانن يا شيلفن مٿان نمبر لاڳا ويا آهن ته جيئن ڪتاب ڳولڻ ۾ سولائي ٿئي. هن ڪتب خاني ۾ ڪتابن کي محفوظ ڪرڻ جا اهي سمورا انتطام ٿيل آهن. جيڪي مغربي ملڪن ۾ ڪيا ويندا آهن. سمورا ڪتاب فيومي گيشن چيمبرز (Fumigation Chambers) ۾ رکيل آهن، جن جي اندر رکيل ڪتابن جا جيت جڻيا ختم ٿي ويندا آهن ۽ گڏو گڏ ڪاغذ پڻ ڳرڻ کان بچي ويندا آهن. سيرت لائبريري ۾ هزارين اڻ لڀ ڪتاب هٿ ڪري رکيا ويا آهن، جهڙوڪ: 1: شرح السنه 2: جامع السنه، 3: فتاويٰ رضويه 4: فتاويٰ عالمگيري 5: صحيح بخاري 6: صحيح مسلم 7: صحيح ترمذي 8: سنن ابي دائود 9: شرح صحيح بخاري 10: شرح صحيح مسلم 11: شرح فتح القدير 12: شرح سنن ابي دائود 13: سنن ابن ماجه 14: شرح الطيبي 15: فتاويٰ محموديه 16: جمع الجوامع + 17: جامع الاحاديث 18: رياض الصالحين 19: مَسِنَدَ امام احمد بن حنبل 20: فيض الباري 21: ڪنز الحمال 22: تحفته الاشراف 23: مجمع الروائد 24: جامع الاصول 25: البدر المنير 26: المصنف 27: الموسوعت الفقيهه 28: بَدايَعُ الصَنايِعَ 29: فتح الباري 30: بحار الانوار 31: وسائل الشيعه 32: ڪشف الظُنون 33: اشرف الهدايه سچ پچ ته انهن ڪتابن کي پڙهڻ ته پري، پر جيڪڏهن هڪ ڀيرو به انهن ڏسڻ جو موقعو ملي ته به پاڻ کي ڀاڳ وارو ڀانئڻ گهرجي. سيرت لائبريريءَ ۾ قرآن پاڪ جا تفسير به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سيرت پاڪ ۽ حديث جا ڪتاب پڻ هن لائبريريءَ جو علمي خزانو آهن. سنڌيءَ ۾ لطيفيات، ادب، سنڌ جي تاريخ ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي لکيل ڪتاب پڻ وڏي انگ ۾ هن شاندار ڪتب خاني ۾ رکيا ويا آهن. اردوءَ ۾ پڻ سيرت، احاديث، صحابه ڪرام، اقباليات، غالبيات ۽ ٻين ادبي موضوعن تي لکيل ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو پڻ هن لائبريريءَ جي سونهن آهي. سيرت لائبريريءَ ۾ پنهنجي مقصد وارن ڪتابن ۽ حوالن جي ڳولا لاءِ پوري پاڪستان مان ماڻهو ايندا رهن ٿا. سيرت، فقهه، اسلامي تاريخ ۽ ٻين ڪيترن ئي موصون تي ايم فِلِ ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڪيترائي شاگرد هن لائبريريءَ ۾ مان لاڀ ماڻي رهيا آهن. ان کان سواءِ ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ڪيناڊا ۽ ڪيترن ئي يورپي، ايشيا ئي ۽ عرب ملڪن جا اسڪالر پنهنجي تحقيقي ڪمن جي ڏس ۾ هن لائبريريءَ سان رجوع ڪندا پئي آيا آهن.