منصور سرور
سينيئر رڪن
محمد عرس ”اظهر“ سولنگي
سنڌ صدين کان سرسبز ۽ شاداب ملڪ رهيو آهي هتان جا سر سبز گهاٽا چراگاه موجود هئا، انهن ٻيلن ۽ چراگاهن ۾ چوپايو مال پاليو ويندو هو، چوپائي مال پالڻ ڪري هتي کير، ڏڌ، مکڻ ۽ گيهه وڏي تعداد ۾ دستياب ٿيندو هو، ان ڪري عام مقولو هو ته سنڌ ۾ کير جون نديون وهنديون هيون/ آهن. سر سبز ۽ خوشحال ملڪ جي ڪري ٻاهرين غاصب، لٽيرا ۽ خون پياڪ حڪمرانن پئي حملا ڪيا آهن، هتان جو ڌن، دولت لٽي ڦُري سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو ، پوءِ سنڌ ڌڪ ساٽاڻي وري ترقي جي راهه تي گامزن رهي، سڀ کان پهريائين سڪندر اعظم سنڌ تي ڪاهه ڪئي، سنڌ جو ان وقت حڪمران راجا پورس هو، جنهن ساڻس مقابلو ڪيو، پر سڪندر اعظم جي اجگر لشڪر جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ هن هار کاڌي، سڪندر اعظم جي سپاهين راجا پورس کي گرفتار ڪري بادشاهه وٽ پيش ڪيو، سڪندر اعظم راجا پورس کي چيو ته توسان ڪهڙي حالت ڪجي، سنڌي راجا همت، جرئت ۽ بهادري سان جواب ڏنو ته اها هلت جيڪا بادشاهه بادشاهن سان ڪندا آهن، سڪندر اعظم راجا پورس جو جواب ٻڌي دنگ رهجي ويو ۽ کيس آزاد ڪري ڇڏيائين.
سڪندر اعظم کان پوءِ به لٽيرن جون ڪاهون جاري رهيون عربن، تاتارين، ارغونن، مغلن جون ڪاهون جاري رهيون، چنگيز خان، هلاڪوخان، تيمور لنگ، نادر شاهه، مدد خان پٺاڻ، احمد شاهه ابدالي جون ڪاهون تاريخ جي ورقن ۾ نمايان نظر اچن ٿيون، عربن ته سنڌ تي سترهن ڪاهون ڪيون، ملتان مان ٽي سئو سون جون ديگون لٽي ڦري ويا ، پر سنڌ جون معصوم نياڻيون مال غنمت سمجهي زوري زبردستي کڻي مصر ۽ شام جي منڊين ۾ نيلام ڪيو ويون، انگريزن ته سنڌ تي سئو سال حڪومت ڪئي، پر هتان جي نياڻين کي هٿ به نه لاتو، نه رڳو هٿ نه لاتو پر ننگن جو پڻ تحفظ ڪيو، پر مذهب جي دعويدارن سنڌ جي نياڻين کي تين وال ڪيو.
سنڌ جي بدقسمتي چئجي ته ٻاهريان جيڪي به آيا انهن سنڌ کي لٽيو ڦريو، پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ سنڌين جو وڏو ڪردار آهي، سنڌ واحد صوبو آهي جنهن سڀ کان پهريائين سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءَ پاس ڪري پاڪستان قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي، جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ بحال نه ڪري ها ته پاڪستان وجود ۾ نه اچي ها، جڏهن ته ٻيا صوبا پنجاب، بلوچستان سرحد خيبر بختونخواهه مخالف ڪري رهيا هئا، 14 آگسٽ 1947 تي پاڪستان وجود ۾ اچي ويو، پاڪستان وجود ۾ اچڻ بعد هزارن جي تعداد ۾ پناهه گير سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لڳا، انهن پناهه گيرن ۾ ڪو به سرمائيدار يا زميندار طبقي جو ماڻهو نه هو پر غريب مسڪين، اگهاڙا ڏاند گاڏين تي لٽڪيل ڏسڻ ۾ آيا، قائداعظم جي وفات بعد لياقت علي خان وزيراعظم ٿيو، جيڪو هندوستاني پناهه گير/مهاجر هو، جنهن پناهه گيرن کي خوب ورسايو، ڪوڙن ڪليمن ذريعي، پناهه گيرن کي زمينون جائدادون ڏنيون ويون، قسم نامي تي وڏن عهدن تي مقرريون ڪيون ويون، جڏهن ته سرٽيفڪيٽن جي جاچ ڪرائي وڃي ها ته سڀ خبر پئجي وڃي ها! ٻئي طرف 1955ع ۾ صوبا ختم ڪري ون يونٽ جو طوق سنڌين مٿان وڌو ويو، ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جو نالو وٺڻ گناهه سمجهيو ويو، 1964ع تائين بندش وڌي وئي ته ڪو به سنڌي زمين ۽ جائداد نه خريد ڪري نه وري وڪرو ڪري، جڏهن ته 1960 تائين رٽائرڊ فوجين کي بئراجي زمينون مفت ڏنيون ويون يا وري ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيون ويون، ديهن جي جڳهه تي چڪ ٺاهيا ويا.
اهي زيادتيون اڃان جاري آهن اسان جا چونڊيل نمائنده خاموش آهن، سنڌ ۾ برمي، بنگالي، پٺاڻ، ايراني، چچنيائي ۽ ٻيا سڄي دنيا جا تڙيل سڄي سنڌ تي قابض ٿي ويا آهن.سنڌ سان شروع کان وٺي اڄ تائين عقوبتون ۽ ناانصافيون ٿينديون آيون آهن، پر سنڌي قوم انهن کي سهندي آئي آهي، سنڌ جي وسيلن، معدنيات، پاڻي تي قبضا جاري ۽ ساري آهن، سنڌ ۾ ڌارين ۽ دهشتگردن جون غيرقانوني آباديون ته مسلسل جاري آهن، پر افسوس جو سنڌين لاءِ در در جون ٺوڪرون انهن جو مقدر ڇو آهن؟ پاڪستان جي حفاظتي ادارن پڻ زمين تي قبضا ڪيا آهن ڪهڙو ادارو باقي بچيل آهي جن تي هنن قبضو نه ڪيو آهي، سنڌين سان اها ويڌن ڇو”؟ ان ڪري سنڌي قوم جي اڃا تائين تقدير نه بدلي آهي سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال آهي، هتي تيل،گئس، چيرولي، چپسم، سنگ مرمر، ڪوئلو ميٽ ۽ ٻيون ڪيتريون معدني شيون دستياب ٿيون آهن، پر ان مان سنڌي قوم کي ڪو به فائدو حاصل نه ٿي سگهيو آهي، سنڌين جي حالت ڏينهون ڏينهن ابتر ٿيندي پئي وڃي.
سنڌ ۾ پنجاب ۽ سرحد کان علاوه افغانستان مان پڻ لڏپلاڻ جاري آهي، اتر وزيرستان مان لکن جي تعداد ۾ سنڌ اندر دهشتگرد اچي ڊوميسائيل شناختي ڪارڊ ٺهرائي نوڪريون حاصل ڪري چڪا آهن، پرسنڌين کي نوڪري کان جواب آهي، سڄي دنيا مان تڙيل دهشگردن کي هتي ڇو ٿو آباد ڪيو وڃي ٻين صوبن ۾ ڇو نٿو رهايو وڃي، سعودي عرب ۾ حج جي موقعي تي لکين حاجي پهچن ٿا، حج ڪرڻ بعد انهن کي لازمن پنهنجي ملڪ وڃڻو پوي ٿو نه ته انهن کي پڪڙي واپس ڪيو ويندو آهي، سنڌ ۾ ايئن ڇو نه ڪيو وڃي ۽ پلاننگ ٿي رهي آهي ته جيئن سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري مالا مال ٿي وڃون ۽ سنڌي اسان جا هميشه لاءِ ڳيجهور رهن.سنڌ جي صنفتي ادارن ۾ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن لاءِ دروازا بند آهن سنڌ جا بيروزگار ڌڪا کائي رهيا آهن جڏهن ته ڌارين کي صنعتي ادارن ۾ نوڪريون ڏيئي نوازيو پيو وڃي. نوجوان بيروزگاريءَ سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن. سنڌ جا مسڪين ماروئڙا پنهنجا ٻچڙا بازار ۾ هوڪا ڏئي وڪرو ڪري رهيا آهن. پر اسان جي چونڊيل نمائندن کي هنن مسڪينن تي رحم نٿو اچي. ٻئي طرف ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ هنن جي داخلا بند آهي.سنڌ ۾ بجلي جي اک ٻوٽ جاري آهي. روزانه 20 ڪلاڪ بجلي بند هئڻ سبب روزگار ٺپ ٿي ويو آهي. لوڊشيڊنگ سبب ڪيترائي بيمار، ضعيف گرمي سبب انتقال ڪري رهيا آهن.
پيپلز پارٽي سرڪار جمهوريت جو راڳ آلاپي رهي آهي. جمهوريت ان کي چئبو آهي ته اڪثريت واري پارٽي حڪومت ڪري اقليت ۾ ايندڙ پارٽي حزب اختلاف جو ڪردار ادا ڪري پر اسان وٽ الٽي گنگا ٿي وهي. متحده 1990 کان حڪومت ۾ آهي ۽ هر وقت مينڊيٽ جو راڳ آلاپي رهي آهي. 1990 ۾ پ پ کي به مينڊيٽ مليو هو. ان وقت هنن هڪ ووٽ چونڊيل ڄام صادق علي کي وزير اعليٰ بنائي سنڌين جي تذليل ڪئي هئي. سنڌين کي هر طرح سان ڀت سان لڳايو ويو، پر متحده پ پ جي مينڊيٽ کي ٺڪرائي ڇڏيو. وري ڊاڪٽر ارباب رحيم جي دور ۾ پڻ پ پ جي مينڊيٽ کي ٺڪرائي ارباب رحيم کي وزيراعليٰ بنائي من پسند فيصلا ڪرايا ويا. ارباب رحيم جو دور سنڌ جي تاريخ ۾ اونداهو دور ليکيو ويندو. پر متحده وارن ڪڏهن به پ پ جو مينڊيٽ تسليم نه ڪيو. اهڙي طرح سنڌين کي هر طرح سان ڀت سان لڳايو ويو ۽ متحده وارن خوب جا واڪيا ۽ اڃان تائين جا واڪندا رهن ٿا. سنڌ سان اهو ظلم ڪڏهن ختم ٿيندو. ان بابت هڪ الله ۽ ٻيو چونڊيل نمائندا ڄاڻي سگهن ٿا.