ٻولي ۽ زبان ٻـ ڌار ڌار قسم آهن . زبان صرف ڳالهائي ويندي آهي جڏهن ٻولي ڳالهائڻ سان گڏو گڏ لکڻ جي صلاحيت پڻ رکندي آهي . مثال طور بروهي زبان آهي نـ ڪي ٻولي آهي مگر عربي ، فارسي ، انگريزي ، سنڌي ، اردو اهي ٻولين ۾ شمار ٿين ٿيون . انگريزي کي پنهنجو رسم الخط آهي . فارسي، عربي ، سنڌي، اردوکي پنهنجو پنهنجو رسم الخط آهن . پوءِ ڪن ٻولين کي نجي طرح سان پنهنجو پنهنجو اسڪرپٽ ( رسم الخط) آهن تـ ڪجهـ ٻولين مختلف ٻولين جي رسم الخط کي پنهنجي ٻولي جي اُچارن جي مناسبت سان چونڊي پنهنجي ٻولي لاء اکرن جي شڪلن کي واضع ڪري ٻولي کي نروار ڪيو آهي .
سنڌي جي صورتخطي عربي ۽ ديوانگري تان حاصل ڪري ٻاونجاه اکرن جي هڪ ڦرهي ، تخطي صورتخطي اکرن جي شڪل جوڙِي وئي آهي جنهن کي مُناسب لفظ جي شڪل ۾ آواز جي ادائگي جي حساب سان لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو،
ڇو جو سنڌي ٻولي ۾ ڪيترا ئي اُچار اهڙا اچي وڃن ٿا جيڪي ڪنهن بـ ٻي ٻولي توڻي زبان ۾ اصل آهن ئي ڪونـ
جڏهن اهي اُچار ۽ لفظ انهن ٻولين ۾ آهن ئي ڪونـ تـ انهن جي استعمال ڪئين ڪٿان ۽ ڪير ڪندو.
آئون نـ تـ ڪو عالم فاضل آهيان، نـ دانشور ، اديب . فيلسوف ، ڏاهو ، ۽ نـ وري اجايو الاهي پڙهيل جو راه گناه پنهجي ضد تي قائم رهان . پر عقل آهر بيعقلي جي ڳالهـ سمجهـ ۾ضرور ايندي آهي تـ جڏهن کان موبائي مسيج ويچارن سنڌين استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي ان وقت کان وٺي ڪجهـ عقل جي اڪابرن کي ان ڳالهـ جو اُنو ٿئي پيو آهي تـ جيڪڏهن رومن اسڪرپٽ ۾ اردو لکجي سگهجي ٿي تـ پوء سنڌي ڇو نـ رومن اسڪرپٽ ۾ لکجي.
ڇا انگريز انهن رومن مسيج کي هو بـ هو صحيح نموني سان پڙهي سگهن ٿا ؟ جي جواب ها ۾ اچي تـ پوء ڳالهـ کي سمجهڻ جي کوشش ڪبي پر جي جواب ۾ نـ اچي تـ پوء اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني ،
باقي جيڪڏهن اهيو شوق مجبور پيو ڪري تـ اسان جي ننڍي ٽهي ان مان لاڀ پرائيندي تـ ان سلسلي ۾ فقط اهيو عرض ڪبو جهڙي ريت هن وقت اسان سنڌين جي 90 سيڪڙو دوستن کي ابوالحسن جي سنڌي پڙهڻ ۾ نٿي اچي ان طرح سان شاهـ عبداللطيف کي بـ پڙهڻ ۽ سمجهڻ ڏکيو ٿئي پوندو .
البت نوجوانن کي اها سهوليت ضرور ٿيندي ـ جئين منهنجي شهر جي هڪ پوش علائقي ۾ رهندڙ سنڌين دوست سنڌي ڳالهائيندا آهن جنهن ۾ آساني سان گڏ رواني بـ شامل آهي مثال طور ؛ ماسي آج وهنجڻ ڪي لئي باٿ روم ۾ گيا خدا جو قسم وهنجن جاءِ ۾ هيڏا وڏا ڏينبهو اُڏامتا آيا جو۾ بهاگ آيا. بابا مين نهني نهاتا . وغيره.
ڪجهـ ڏينهن اڳ نيٽ تي هڪ هندو همراه سان ملاقات ٿئي چيائين آئون هن وقت ملائشيا ۾ رهان ثو ۽ بزنيس ڪندو آهيان منهنجا وڏا سنڌ کان لڏي انڊيا آيا ان وقت آئون ٻالڪ هوئس ، گهر ۾ سنڌي ڳالهائيندا آهيون ،
هن جي اها ڳالهـ ٻڌي دل کي تمام گهڻي خوشي ٿئي تـ هڪ هم زبان سان ڳالهائڻ جو اتفاق ٿيو آهي سو اسڪرپٽ کي چئنج ڪري سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيم ۽ تکو تڪو لکي ويٺس تـ ،
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مٺ دلدار عالم سڀ آباد ڪرين .
ورندي ۾ لکيائين تـ اوهان هي ڇا لکيو آهي .
جڏهن وضاحت ڪيم تـ شاه سائين جو بيت لکيو آهي تـ جواب ڏنائين اسان ان کي تـ پڙهيو ئي ڪونهي اسين تـ سنڌي رومن ۾ لکندا آهيون .
سو سائين جيڪڏهن سنڌي لکبي رومن ۾ تـ پوءِ ڀٽائي سرڪار کي ڪئين سمجهبو ۽ ڪئين پڙهبو