بي وسي ۽ بي حسي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مهتاب اڪبر راشدي

    ماريو پوزو نالي اطالوي ناول نگار جي شهره آفاق ناول ” گاڊفادر“ ۽ ان تي ٺهيل ساڳي نالي واري فلم، دنيا جي انهن فلمن ۾ ڳڻي وڃي ٿي، جنهن پنهنجي وقت ۾ فلمن جي دنيا ۾ نه صرف ڪاميابيءَ جا رڪارڊ قائم ڪيا هئا، پر ان ۾ ڪم ڪندڙ منفرد اداڪار مارلن برانڊو، ” گاڊ فارد“ جي ڪردار کي اهڙي نموني ادا ڪيو، ڄڻ ته هو پيدا ئي ان ڪردار لاءِ ٿيو هو. اٽليءَ جي ”انڊر ورلڊ“ تي ٺهيل هن فلم ڪري نه رڳو ”مافيا“ لفظ اسان جي روز مرهه جي گفتگو ۾ شامل ٿي ويو بلڪ ”انڊر ورلڊ“ جون مافيائون ڪهڙي نموني ڪم ڪن ٿيون، اها خبر چار پڻ ان فلم جي وسيلي سان اسان تائين پهتي. حڪومت جي هوندي هڪ ٻي ” متوازي“ حڪومت ڪهڙي نموين ڪم ٿي ڪري، هنن جي ڪم ڪرڻ جو بي رحماڻو طريقه ڪار، ڪم ٿي وڃڻ کان پوءِ، ثبوت نه ڇڏيڻ خاطر، پنهنجي ئي ڪنهن ويجهي ۽ اعتبار جوڳي ساٿيءَ مان جند ڇڏائڻ به انهن مافيائن جو بنيادي اصول نظر آيو. اڇن اجرن ڪپڙن جي هيٺان ڪرڀ وارو جسم ۽ ظالم دليون، جنهن جي خاص ڪرت ۾ شامل هوندو آهي عاليشان گهرن ۾ رهندڙ بي چين ماڻهن جو بندوقa سان گڏ سمهڻ ۽ بي الاخر سندن انجام به انهيءَ بندوق سان ئي ٿيندي نظر آيو.

    هن فلم نه صرف باڪس آفيس تي ٿرٿلو مچايو هو پر جرم جي دنيا ڪيتري وڏي ۽ ڪيتري ظالم ٿئي ٿي، ان کي به ڪيترن پاسن کان آشنا ڪري ڇڏيو هو، ان وقت پنهنجي ملڪ جي امن و امان جي نسبتن بهتر صورتحال ڏسندي، اٽليءَ وارن ڏاڍي همدردي محسوس ٿي هئي. هونئن جيڪو ان ملڪ ڏسڻ جو شوق هو، تنهن سير سپاٽي کان ڄڻ ته دل ئي کڄي وئي هئي. ٽيهن چاليهن سالن کان پوءِ پنهنجي ملڪ جي امن جي حالتن کي ڏسندي اڄ ته ماريو پوزو وارو ”گاڊفادر“ ۽ ”ڊان“ ته انتهائي معصوم ٿا نظر اچن. هنن جي ڌنڌي جا ته وري به ڪي اصول هئا. پر اسان وٽ موجود مافيائن جو ته دين ايمان ئي ناهي. هاڻ ته ”اصلي“ بدمعاش ڊان به حيران پريشان آهن، ته هنن نون وارد ٿيندڙ بدمعاشن سان ڪيئن مقابلو ڪن. ڇاڪاڻ ته، اسان جي معاشري ۾ مذهب، سياست ۽ فلاحي ڪمن جي آڙ ۾ ڪيتريون ئي ٻيون مافيائون جنم وٺي چڪيون آهن ۽ انهن جا ”ڊان“ به بنا ڪنهن خوف خطري جي وڏين شاهي گاڏين ۽ انهن جي پٺيان سندن حفاظت لاءِ هلندڙ خانگي حفاظتي دستن سان شهر جي وڏن رستن تان زون ڪندي گذرندا ڏسبا آهن. انهن جون شڪليون غريب عوام ان ڪري نه ڏسي سگهندو آهي جو سندن گاڏين جا شيشا ڪارا هوندا آهن ۽ ڪارن شيشن هٽائڻ جي هر مهم، سندن گاڏين تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندي آهي.

    هنن ئي ڪالمن ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪري چڪي آهيان ته اسان جي سماج جو تاڃي پيٽو، تباهه ٿي چڪو آهي. جن روايتن تي اسان کي فخر هوندو هو، انهن جو شمار هاڻي بيوقوفين ۾ ٿو ٿئي. نه مذهب جي سمجهه رهي آهي ۽ نه ئي وري اوڙي پاڙي جي ساڃاهه، امن جي پکيءَ اسان جي ”اسلامي“ معاشري جي پکن مان ڪڏهو ڪو اڏامي وڃي ”ڪافرن“ جي ديس ۾ پناهه ورتي آهي. ڇاڪاڻ ته هتي جرم ڪرڻ وارا، انسانيت ۽ مذهب جا هڙئي ليڪا لنگهي چڪا آهن ۽ هو هر قانون جي پهچ کان مٿي آهن.

    پري ڇو وڃون ٻه ٽي ڏينهن اڳ جون اخبارون کڻي ڏسو، ان ۾ توهان کي ڪنڌڪوٽ مان اغوا ڪيل ٽن سالن جي معصوم شعيب گولي جي تصوير نظر ايندي ته ان سان گڏوگڏ وارهه مان اغوا ڪيل ڊاڪٽر غلام فريد کهاوڙ، پني عاقل جو ماستر عبدالمجيد پٺاڻ ۽ سندس تيرهن سالن جو پٽ، اتان جي ئي ڊاڪٽر نعمت الله چاچڙ ۽ ملهار چاچڙ جون قطار ۾ تصويرون چپيل آهن. هي ته هڪ ڏينهن جو انگ آهي، پر اهي ويهه پنجويهه ماڻهو ته ڄڻ هاڻي سڀني کان وسري ويا آهن، جيڪي سنڌ جي وزير اعليٰ جي ضلعي مان کڄي ويا آهن ۽ اڃان تائين هنن جو ڪو ڏس پتو ڪونهي.

    ٿيڻ ائين کپي ته جهڙي نموني اخبارن ۾ روزانه هيٺ مٿي ٿيندڙ ڊالر جا اگهه لکيا ويندا آهن، تيئن ٻن ڪالمن ۾ هڪ طرف، تازين وارداتن ۾ کنڀجي ويلن جو تعداد ٻڌايو وڃي ته ٻي طرف، هٿ آيلن يا بازياب ٿيلن جي خبر ۽ انگ ٻڌائجي هتي اڃان ان ڳالهه جو ته ذڪر ئي نه ٿا ڪريون ته، غيرت ۽ پنهنجين ذاتي دشمنين ۾ ڪيترا خون روزانو رپورٽ ٿا ٿين. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ جي روايتي ”نياڻي ست قرآن“ به هاڻي سر عام وڪرو پئي ٿئي. ستم ظريفي ته ڏسو ته وڪرو ٿيندر انهن نياڻين مان هڪ جو نالو ” راڄ راڻي“ آهي ۽ کين وڪرو ڪندڙ ٻيو ڪوئي نه هنن جو پنهنجو پيءُ آهي جنهن کي ان انسانيت کان ڪريل ڪاروبار کان روڪڻ لاءِ قانون جو ڪو به قلم حرڪت ۾ نه ٿو اچي.

    هاڻي ئي پوئين مهيني، سنڌ صوبي جي بجيٽ منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ امن و امان جي مد ۾ اربين روپين جي گنجاش رکي وئي آهي ۽ هزارين نوڪرين جا دلاسا به آهن، معنيٰ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ڪروڙن ۽ اربين روپين جا جديد هٿيار وٺبا ۽ گهربل انگ ۾، جڏهين پوليس ۾ ڀرتيون ٿينديون ته سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر ٿي ويندي. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته جي پئسي سان ئي شيءِ سڌري وڃي ها ته هن مهل، سنڌ ۾ هر محڪمي جي ترقيءَ جا انگ اکر الائي ڪٿي پهتل هجن ها. خاص طور، تعليم امن و امان، صحت جي کاتن جا پر ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته هوڏانهن بجيٽ جو وڌڻ، هيڏانهن وري مافيائون جي نوس نوسان شروع، هر ڪو پنهنجا آرڊر کنيو، ڪنهن نه ڪنهن وڏي جي آشيرواد سان اچي اڌ کان وڌيڪ بجيٽ ٻهاري هليو ويندو. جڏهن حڪمرانن جي نيت ئي حالتن کي بهتر بنائڻ جي نه هوندي ته بجيٽ ڀلي ڪيتري به وڌي ڪهڙو فرق پوندو، ٽئين سال، پوليس لاءِ جيڪي هٿيار خريد ڪرڻا هئا، سي خريد ڪو نه ٿي سگهيا. ٻڌڻ ۾ اهو آيو آهي ته ان جي ٺيڪي لاءِ سڀ کان ”وڏي“ ڊان دلچسپي ڏيکاري، انڪار ڪير پيو ڪري سگهي؟ پر ان جي نيت اها هئي ته موٽ ۾ جيڪي هٿيار سپلاءِ ڪيا ويندا، ان کي استعمال ڪندڙ سپاهي ان سان پنهنجو مٿو ته ڦاڙي سگهندو، پر سامهون سندس نشاني تي ايندڙ تخريب ڪار جو وار به ونگو نه ٿي سگهندو. معنيٰ ته دنيا زماني جا مدي خارج ۽ هن زماني ۾ ڪٿي به استعمال نه ٿيندڙ هٿيار، سنڌ پوليس جي مٿي ۾ لڳڻ جا واضع اشارا ۽ امڪان ڏسندي، آءِ جي ان جي خريداري کان نابري واري، نتيجي ۾ ان آءِ جي صاحب جا صوبي مان ٽپڙ ٻڌرايا ويا هڪ طرف اهڙي قسم جي وڏن ٺيڪن ۾ وڏا ڊان پنهنجا چنبا کوڙيون ويٺا آهن ته ٻئي طرف اغوا جي انڊسٽري زورن تي آهي، جتي وري مختلف هنڌن تي الڳ الڳ مافيائون ۽ ڊان سرگرم آهن. هڪ مافيا کي ٺيڪو مليل آهي ماڻهن کي کنڀي، ان کي پارٽي نمبر ٻئي جي حوالي ڪرڻ بس. پهرئين ڌر جو ڪم پورو، ٻي ڌر پوءِ ان بدقسمت شڪار کي پاڻ وٽ ٿي رکي يا وري ضلعي ۽ صوبي جي سرحد کان ٻاهر ٿي ٽپائي، اهو انهن تي منحصر آهي. اغوا جي انهن وارداتن کان نه نيشنل هاءِ وي محفوظ آهي ۽ نه انڊس هاءِ وي ۽ نه وري ڳوٺ واهڻ ملطب ته جنهن جو هٿ جتي کُپي، روڪ ٽوڪ ڪٿي به نه آهي.

    شهر ۾ ٿيندڙ وارداتن، خاص طور تي ڪراچي ۾ ته جرم جي ڪا حد ۽ حساب ئي ناهي. ڌاڙا، ڦرون ته عام جام آهن ئي پر موبائيل فون کسجڻ ۽ کسيا خالي ٿيڻ ته هاڻي هر عام ۽ خاص شهري جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويو آهي، ان صورتحال ۾ جڏهن حڪومت نهايت خاموشيءَ ۽ معصوميت سان ويٺي ماڻهن سان ٿيندڙ هر واردات ڏسندي هجي. ان کي پاڻ ڪهڙي حڪومت چئي ٿا سگهون؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪنهن ٿاڻيدار جي حد ۾ ڪا واردات ٿئي ۽ ان کي خبر نه پوي؟ هائي ويز تي پوليس جي لاڳيتي گشت جي باوجود، ماڻهو هلندڙ گاڏين مان کڄي وڃن ۽ بسين ۾ ڌاڙا لڳي وڃن ۽ پوليس ان کان بي خبر رهي؟ هيءَ سڄي ڪارستاني منظم مافيائن ۽ پنهنجي پنهنجي حدن ۾ بادشاهه ٿي ويٺل ”گاڊ فادرز“ جي آهي. جي وڌيڪ کوٽيداسين ته انهن جا لڳ لاڳاپا وري انهن سان ملندا، جيڪي ظاهري طرح اڇا اجرا ڪپڙا اوڍي، معاشري جا چڱا مڙس ٿا سڏجن. هو يا ته پاڻ حڪومت جو حصو آهن. يا انهن ننڍن وڏن پاٿاريدارن جي پشت پناهي ڪندڙ آهن. سنڌ جو عام ماڻهو، هنن آڏو بي وسيءَ جي تصوير بڻيل آهي. هنن جي اذيت ۽ درد کان حڪمران بي خبر آهن. هو نه اخبارون ٿا ڏسن ۽ نه وري ٽي وي ڏسڻ جي ئي کين ڪا فرصت آهي نه ته جيڪر کين

    سن تو سهي جهان مين هي تيرا فسانه ڪيا،

    کهتي هي تجهه ڪو خلق خداغائبا نه ڪيا.

    جي ڪجهه نه ڪجهه ڪا سڌ پئجي وڃي. اسان رڳو اخبار کڻي، ٿيندڙ وارداتن جو جائزو وٺون ته حيرت ٿيندي ته اهي ضلعا، انهن ” بااثر “ ماڻهن جي آڱوٺي جي هيٺان آهن، جن جي مرضيءَ کان سواءِ ان ضلعي ۾ نه پوليس آفيسر مقرر ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي سندن مرضيءَ کان سواءِ ڪنهن چور، ٺڳ ۽ ڊاڪوءَ کي ٻڌي سگهجي ٿو. ڪنهن آفيسر جي ائين ڪيو ته سمجهيو ته، سندس نوڪري چٽ، وري جي بدقسمتي سان، ساڳي ضلعي ۾ ساڳي پارٽيءَ جو ڪو ايم پي اي ۽ ايم اين اي، هڪ ٻئي جا مخالف نڪتا ته پوءِ سمجهو ته سڄي ضلعي جو عوام آزار ۾ هوندو. دشمنيون هنن جون پنهنجيون لوڙي ٿو عوام ۽ انهن چانڊين مگسين جا جهيڙا نبيرڻ ۾ ئي نه ٿا اچن.

    سوال اهو آهي ته آخر اهي معاملا ڪيئن نبرندا؟ سنڌ کي ڦري لٽي ڀينگ ڪري ويندڙن جو ڀڀ ڪڏهين ڀربو؟ سرڪاري زمينن تي قبضا ڪندڙن کي جي سرڪار پاڻ نه ٿي روڪي سگهي ته پوءِڪير روڪيندو؟ اغوا ٿيندڙ کي پوليس وچ ۾ پئي ”ڀنگ“ ڏياري ڇڏرائي سگهي ٿي، ته انهن ڀنگ وٺڻ وارن کي گرفتار ڇو نه ٿي ڪري سگهي؟ پوئين هفتي وزير اعظم جي ڪراچيءَ ۾ سنڌ سرڪار سان ٿيل گڏجاڻين کان پوءِ اهو (دلچسپ) فيصلو سامهون آيو ته، وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار کي پاڻ گهربل هٿيار ۽ گاڏيون مهيا ڪندي پر کين روڪ رقم نه ڏيندي. ڇا ٿا ڀانيو، سنڌ حڪوت جي ساک!

    هر کاتي جي بجيٽ ۾ ڪمن تي هاڻي ئي مکيون مڙڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ ننڍين کان وٺي وڏين مافيائن پنهنجا ڏنڊ تکا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. ضلعي وار، عهدي ۽ اثر رسوخ مطابق ۽ ڏاڍ سان، سنڌ جا هڙئي اثاثا وسيلا ۽ پئسا تين وال ٿيندا. جرم جي شرح ۾ مسلسل اضافو ٿيندو پيو وڃي پر وزير اعليٰ ۽ گڏوگڏ گهرو وزير کي رڳو آءِ جي بدلائڻ تي زور آهي. آخر آءِ جي جي مقرريءَ جا به ڪي پيمانا هوندا، ان پيماني تي، سندن پنهنجي مرضيءَ سان مقرر ڪيل آءِ جي، ڇهن مهينن کان وڌيڪ ڇو نه ٿو هلي سگهي ان جو تفصيل مٿي ڄاڻائي چڪي آهيان. ڇا اهي هڙئي آفيسر به آءِ ايس پي آر جي ڊئريڪٽر جنرل وانگر، رٽائرمينٽ کان پوءِ ڳالهائيندا؟ يا وري ٻيا سياستدان به يوسف رضا گيلانيءَ وانگر حڪومت مان نڪرڻ کان پوءِ مشرف جي سلسلي ۾ حڪومت جي ڪيل ڊيل وانگر ٻين ڪيترن قصن جو اعتراف ڪندا مزي جي ڳالهه ته، سندس ان گل افشانيءَ کان پوءِ سندس ئي پارٽي سندس ان بيان کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. اڃان ته اڳتي ڏسڻو آهي ته پوين پنجين سالن واري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ ن ليگ جي اپوزيشن واري مفاهمتي پاليسين جا ڪيترائي نوان ڦاٽ ٿا ڦاٽن.

    سنڌ ۾ ته وري آزار ئي ٻيو آهي. ساڳي پارٽي، ساڳي حڪومت ساڳئي رموٽ ڪنٽرول تي هلندڙ وزير اعليٰ، گهڻي ڀاڱي ساڳيا وزير، ساڳيون پاليسيون، ته پوءِ سنڌ ۾ ڪهڙي بهتريءَ جي اميد ۾ آهيون؟ صرف هڪ آسرو هو ته شايد، هن ڀيري هو پوين پنجن سالن ۾ ڪيل پنهنجين زيادتين يا غلطين جو ڪو مداوو ڪندا. پر اها اسان سڀني جي غلط فهمي ۽ خوش خيالي هئي. هتي ايجنڊا اها ئي ساڳي، بلڪه ان کان به اڳري آهي. هاڻي ويتر پئسي ڪمائڻ جا نت نوان طريقا ايجاد ٿي چڪا آهن. ايندڙ اليڪشن ۾ ڪم ۽ ديانتداريءَ جا حوال ڏيڻ بجاءِ، پئسي تي ووٽ خريد ڪبو. ڪوشش ڪري اهڙا اميدوار ميدان ۾ لاهبا، جيڪي پئسي ۽ دهمان جي زور تي سيٽ کٽي اچن. باقي سنڌ ۾ ٻيون پارٽيون نظام جي تبديليءَ جو في الحال خواب ئي ڏسن. سو حڪمران پارٽي عوام کي ڇا ڏئي ٿي ڇا نه ٿي ڏئي، هنن کان پڇڻ وارو ڪو به نه آهي. نه موثر اپوزيشن ۽ نه ئي وري ڪو چئلينج. ڪراچيءَ وارا ڀائي جان به حڪومت ۾ شامل آهن ته هنن جو ڄڻ اڌ مٿي جو سور ئي لٿل آهي. باقي سنڌ ته هونئن به سندن پيرن هيٺان آهي، پئي ڀيلبي! هن مهل ان جي عوام جي بي وسي ۽ حڪمرانن جي بي حسيءَ جو ڪو انت ئي نه آهي. سنڌ جيڪا گاڊ فادرز ڊان ۽ مافيائن جي ور چڙهيل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو