مٺل جسڪاڻي زراعت لفظ جي لغوي معنى پاڻ مان گهڻن کي اچي ٿي؟ اندازو نه آهي. زراعت جي ضرورت ڪهڙي؟ خبر نه آهي. زراعت جو ٻين پيشيورانه مضمونن، موضوعن سان ڪهڙو ۽ ڪيترو گهرو تعلق آهي؟ خبر نه آهي. پر اها خبر پئي ته جيڪو جيڪو به زراعت سان لاڳاپيل آهي، ان ۾ جمالياتي حس نه آهي! جمالياتي حس ڇا آهي؟ اها ته ان کي به خبر نه آهي، جنهن مون کي محسوس ڪرايو، جنهن اهو سبق پڙهايو ته، گهٽ ۾ گهٽ زراعت سان لاڳاپيل ڪنهن به شخص، يا شايد مون ۾ جمالياتي حس نه ٿي ٿي سگهي، ڇو ته منهنجو گهڻو واسطو، واهپو، تعلق، مصروفيت، زراعت سان لاڳاپيل آهي. منهنجو ذهن ڊوڙي ٿو، اهڙو تيز تيز ڊوڙي ٿو، ڪنهن به ڀلي گهوڙي کان، بلڪ ڀڄندڙ ڊوڙندڙ تيز رفتار مشينن کان به گوءِ کڻي ٿو وڃي. عام ڊوڙ ۾ ماڻهو فاصلا طئه ڪن ٿا، ٿوري ۾ ٿورا فاصلا ڪري وٺن ٿا يا لکين ڪروڙين ڪلوميٽر جا فاصلا اڳتي يا پوئتي نڪري وڃن ٿا، جنهن ۾ فاصلي جي نسبت سان وقت به لڳي ٿو، پر منهنجو ذهن اهڙو تيز ڊوڙي ٿو، ان کي ڪو خاص وقت به نه ٿو لڳي، کن پل ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ پهچي وڃي ٿو، ڪيترن ئي تائين پهچي ٿو، انهن سان روبرو ملي ٿو، ڪچهري ڪري ٿو. منهنجو ذهن بي لغام ٿي، پنهنجي ذاتي ملڪيت بڻيل ڪتابن تائين پهچي ٿو، کن پل ۾ اهي سڀ ڪتاب هڪ دفعو وري پڙهي وٺي ٿو. اوهان سوچيو يا نه سوچيو، اوهان ڪجهه سمجهو يا سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪريو، اهو ڪم، عمل ان جو، جنهن ۾ جمالياتي حس هجي. جمالياتي حس نه صرف زراعت سان لاڳاپيل ڪنهن شخص ۾ نٿي ٿي سگهي، پر اها ڪنهن لوهار (لوهر) ۾ به نٿي ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته لوهار ۾ ايتري تخليقي صلاحيت نه آهي، جيتري ان کي لوهار ڪندڙ زراعت سان لاڳاپيل عملي ماڻهو ۾ آهي. زراعت سان واڳيل ماڻهو، جيڪڏهن لوهار کي پنهنجي ضرورت سمجهائي، ان جي رهنمائي نه ڪري ها، ته هو مختلف نمونن وارن هرن جا گهوٻا، ڦار نه ٺاهي سگهي ها. هن کي ڏاٽو، کرپي، کهيڙو، ڪوڏر، ڪهاڙي ٺاهڻ نه اچي ها. ڪهاڙي نه ٺهي ها، ته اسان اوهان جي ثقافت جو ڇا حشر محشر ٿئي ها؟ ان جو اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو، جنهن کي خبر آهي ته جمالياتي حس ڇا آهي؟ جمالياتي حس ڪنهن واڍي، ڊکڻ ۾ پڻ ممڪن نه آهي. اهو ته ويچارو پنهنجي ڪرت واري جاءِ تي هوندو آهي، ڏسيل ڪم ۾ مصروف هوندو آهي. ڪم ڪار ڪندي، ٿوري ٿڪي ٿي ويل ڄاڻ تبديلي جي ته ان مان توقع ڪري سگهجي ٿي، پر ان جي تخليقي صلاحيتن جو اندازو ته اهو ڪري سگهندو، جنهن کي جمالياتي حس جي ڄاڻ آهي. ڪنڀر ۾ ٿوري گهڻي جمالياتي حس هجڻ يا نه هجڻ جو به اهو ئي تعين ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ جمالياتي حس هجي، جنهن کي جمالياتي حس جي گهڻ پاسائين سُڌ هجي، ٻيو ڪير به ڪيئن ٿو ڪري سگهي!؟ درزي به ويچارو ئي آهي، هڪ ننڍڙي ڪوٺي، جنهن کي هرڪو درزي جو دڪان چوي ٿو، ان دڪان واري درزي وٽ آهي ڇا؟ هو ته بس، ننڍڙي مشين، ڪينچي ۽ سُئي ۾ مصروف رهي ٿو، ڪاڄ ٻڌندڙ، ٻيڙو ٽاڪيندڙ ويچاري درزي ۾ ڀلا جمالياتي حس ڪٿان ايندي؟! اهو ته ممڪن ئي نه آهي پيارا! حجم سڄو ڏينهن بيٺي پير وار سنواري، ان ۾ جمالياتي حس ته ڪنهن به صورت ۾ نٿي ٿي سگهي، منهنجا سائين. حجم حجامت ڪندو يا جمالياتي حس جا پيرا کڻندو، ان کي ڳوليندو، لهندو، تيستائين... هو ته ويچارو بک مرندو! حڪيم، طبيب، جراح، ڊاڪٽر ۾ ڀلا جمالياتي حس ٿي سگهي ٿي؟ نه، نه، نه. جمالياتي حس صرف انهن ۾ آهي، جيڪي ڊاڪٽر کي ڪاسائي چئي سگهن. ڪاسائين تان ياد آيو، ڪنهن به ڪاسائي ۾ بلڪل ذري برابر به جمالياتي حس نٿي ٿي سگهي. منهنجو ذهن ڊوڙي ٿو، تمام گهڻو ڊوڙي ٿو، ڪٿي ٿڪي نه ٿو! آئون سوچيان ٿو، منهنجي سوچ حال، ويجهي ماضي ۽ ماضي بعيد، سوين سال پوئتي هليو وڃي ٿو! گهڻو وچڙائي، وٽڙائي ٿو، پر هڪ هنڌ ٿانيڪو نه ٿو ٿي بيهي. مُنجهي پوي ٿو ۽ پڇڻ ٿو گهري ڪنهن اهڙي کان، جنهن ۾ جمالياتي حس آهي ۽ جنهن کي جمالياتي حس جي مڪمل ڄاڻ آهي. اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو، ته ڪنهن وڪيل ۾ جمالياتي حس هجڻ ممڪن آهي يا نه؟ ڀلا انجنيئر ۾ ته جمالياتي حس ٿي سگهي ٿي، يا ان تي به غور ڪرڻو پوندو؟ انجنيئر به ڪنهن هڪ قسم جو نه ٿو ٿي سگهي. ڪوئلي جي ڪارونهوار ۾ ڪنهن ڪاري انجنيئر ۾، بجلي، روڊ، رستي، عمارت، آبپاشي جي علمي ڄاڻ وارن ۾ يار ڪٿان جمالياتي حس هوندي؟! ائين نه، منهنجا سائين، جمالياتي حس رکندڙ سياڻا!؟ پيشيوراڻي مهارت رکندڙ ڪنهن به ماڻهو ۾ جمالياتي حس نٿي ٿي سگهي. جمالياتي حس صرف انهن ۾ ٿي سگهي ٿي، جن سندن مرضي جا چند ڪتاب پڙهيا هجن، هڪ مخصوص ٽولي ۾ اٿيا ويٺا هجن، سندن نرالي سڃاڻپ آهي. جيڪو سمجهي، اهو ٻين کي سمجهائي، جنهن ۾ سمجهه نه اچي، اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري، پر ياد رکي ته جمالياتي حس ڪنهن به عام يا خاص استاد ۾ پڻ ممڪن نه آهي، جمالياتي حس وارو منتظم به نه ٿو ٿي سگهي. جمالياتي حس جا پنهنجا اهڃاڻ آهن، جنهن ۾ نظر اچن، انهن ۾ ئي ممڪن آهي ۽ صرف انهن ۾ ئي آهي، جيڪي مڃڻ يا نه مڃڻ جو هو پاڻ ادراڪ رکن ٿا، پاڻ ئي اختيار رکن ٿا... (روزاني عبرت حيدرآباد، آچر 13 جولاءِ 2014ع)