واهه يار گورڌن اهو ٿيو نه اصل ڪم ... هاڻ مان ويٺو سوچيان ته اهي افطار ۾ رکيل شيون ڪهڙيون آهن . بسڪيٽ، کارڪون، ڪوفته ۽ .... يار ڀلا ڪا برياني وغيره صفا ڪانه ٺهي ڇا؟ پر سچ اهو آهي ته اتان جي ماڻهن جي اهڙي مهمان نوازي ۽ خلوص تي خوشي به ٿي ۽ سنڌ جي ماڻهن جو اڳيون دور ياد آيو. سنڌي ماڻهو به اهڙائي مهمان نواز هيا ۽ اڄ به آهن پر ان مهمان نوازي ۾ لڳ ڀڳ سنڌ وڃائي ويٺا آهن يا مهمانن اسان سان ڏاڍي ڪئي آهي. خير ڳالهه هلي پئي اوهان جي سير جي ته ترڪي وارا روزائت هوندي به بي روزائتن کي ڪجهه نه چون جڏهن ته هت ڳالهه ئي نه پڇ ۽ جيڪڏهن مون جهڙو مريض ڪٿي غلطي سان هليو ويو ته پوء وڌيڪ بيمار ٿي بک اڃ تي موٽندو. اوهان جو لکڻ سٺو لڳو نجو اسان به اوهان سا گڏ پيا ترڪي گهمون ..... سدا خوش هجو
تازه ترين خبر اها آهي، ويلا ٽار آفيسرز کي اڄ بشرى طرفان افطار جو سڏ آيو آهي!!! سُٺو اهو ٿيو جو لنچ نه ڪيو سين!!!
هي آيو نه مُڪمل ليک. نه ته اڳي ايئن لڳندو آهي ته گورڌن ولاسائي لکندي ئي ٿڪي پيو. بهترين تصويري ليک ۽ لفظن جي جوڙجڪ مان لڳي پيو ته اصل ڏانو ته آهي ئي گورڌن کي. سنگت هرو ڀرو پئي منهنجي دل رکي. هي مُلڪ اسڪالرشپس ڏيندا به ان ڪري آهن ته جيئن مُختلف ٿقافتن جو هڪ ٻئي سان تبادلو ٿئي. ميل ميلاپ مان خبر پئي ته ڪهڙيون قومون ڪهڙيون ريتون رواج رکن ٿيون. ۽ اهو اسان تي فرض آهي ته اهي عام ڪريون. نه ته هتي اچي رهي هليا وڃڻ وارا ته کوڙ آهن. بلڪه ڏُک ٿو ٿئي ته ڪيئي اهڙا به آيا جيڪي هنن سان اسڪالرشپ سان گڏ ملندڙ مراعات ۾ دو نمبري جي چڪر ۾ هُئا. ڪڏهن ٻه ٻه دفعا ٽڪيٽ وٌڻ جون ٽلون ته ڪڏهن استادن سان فڏا. پر هي قوم اهڙي آهي جنهن وٽ درگذر گهڻو آهي. پر اهي سور ياد ضرور ڪن ٿا. تُرڪ ڇوڪريون اڪثر اهڙا ننڍا فليٽ وٺي رهن جيئن اڳ هڪ ليک ۾ عائشه جو ذڪر ٿيو هو اها منهنجي پاڙي ۾ ئي هڪ اهڙي ننڍڙي فليٽ ۾ رهي پر ترابزون تي ٽوئرسٽ شهر جو ليبل هُجڻ ڪري هتي هر شئي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ مهانگي آهي. کيس 600 ٿا ڏيڻا پون. هن وٽ به هن جو سڄو خاندان هن سان هتي اديامان (ڏکڻ طرف هڪ شهر) مان ملڻ آيا هُئا. اڄڪلهه ننڍڙي فائقه جي موڪلن جي ڪري هي ان وٽ روزانو شام جو ٽيوشن پڙهڻ وڃي ٿي.
يار لکڻ جو انداز تمام گهڻو وڻيو پر يار گورڌن ولاسائي مهمان جو ميزبان جي گهر ڪمرا ڦلهورڻ اسان سنڌين جي تهذيب جي خلاف آهي! ۽ هونئن به عام طور تي انکي سٺو ڪونه سمجهيو ويندو آهي!
واه واه. ٺلهي واه واه به ڪم جي نه ٿيندي. اوهان جي هوندي اسان کي تُرڪي گهمڻ جي ضرورت ئي نه پوندي . سرگوشي: راز جي ڳالهه ارادو پَڪو آهي گهمڻ جو. توهان جي تصويري ليک سان سچ پڇو اسان جو ڍئو ٿي ويو تُرڪي جا طعام ڏسي ڏسي. جاري رکو ! تمام بهترين ٿا لکو... ڪافي ڏينهن کان محترم عبدالحفيظ لغاري جَن جا ليک نظر نٿا اچن. ڊاڪٽر به تمام سُٺو ٿو لکي.
I agree with you, but I assure that she took me all the way to her room and shown me cupboards, dresses, make up boxes..... She invited me to take photos and allowed me to post on this forum. Today she even asked me to read in Sindhi loudly, she loved it.
گورڌن منا فخر اهي تون پرهو ۽ اڪيلو ٿي ڪري به پنڊرو پنڊ نا سنڀالي رکيو اهي، تهانجي اييي ڏينهن ري مصروفيت نامي مان لڳي ٿو ته موهن پياري ري جدائي کان پڇي تون نه رڳو پنڊ نا پر سڄي ڪٽنب نا سنڀالڻ وارو فرض اها ترڪي مان به نڀائين پيو. باقي لکڻي، مڪينيڪال ۽ ڪوئلي سوا تهانجي ادبي لکڻي پهريون ڀيرو ڏٺي، زبردست لڳي، انداز الطاف شيخ سائين ۽ ڪاڪي ڀيرو مل وارو اهي. پرديس جائي سنڌ نا ياد ڪرڻ تي منا اسان جو پيارو دوست رياض سومرو ياد آيو، جيڪو ڪئناڊا جاڻ کان پڇي ڪو وقت ڪاوش ۾ سنڌ ياد ڪرتو رهيو ۽ رابطي ۾ به هندو، پر هين ڪا خبر ڪونهي. مانجي دل ڪهي تي ته ايي نج انداز سان لکڻ جاري رکيو، تون سنڌي ٻولي رو وڏو ليکڪ ٿي جاس..... سنڌ سلامت
ادا جڏهن ميزبان ۽ مهمانن وچ ۾ هُجت ۽ خلوص جو رشتو جُڙي وڃي ته اهو سڀ هلندو آهي. ادا ڪڏهن ڪڏهن مصروفيتون وٺ نه ٿيون ڏين ۽ بار بار اهو احساس به رهندو آهي ته الائي ڇا ڇا لکي پيو ٿڦيان تنهنڪري رهجيو وڃي. وري اوهان جهڙا دوست ياد ڪرائين ٿا ته لڳي ٿو شايد منهنجيو لکيو پڙهڻ سان گڏ پسن به ڪيو وڃي ٿو. وري لکيو وٺان. ٻيا احوال ته ايندا رهن ٿا. تُرڪي جي اولهه جو سير ڪيو هوسين جيڪو ايئن ئي آهي جيئن انڊيا جو گووا. ڪوشش ڪبي ته جلد ان جا احوال اوهان کي پڙهائجن جيڪڏهن پڙهڻ چاهيو ٿا ته !