آدرش ڪليري
سينيئر رڪن
.......... تاثراتي ڪهاڻي ..............
آدرش تون هتي ؟
راج آدرش کي حيدرآباد ۾ پنهنجي والد جي آفس اڳيان ڏسي سوال ٿو ڪري .
آدرش خاموش
تون هتي ڇا پيو ڪرين ؟ راج کان آدرش پڇي ٿو.
راج وراڻي ٿو ، هي منهنجي بابا جي آفس آهي مان بابا سائين سان ملڻ آيو هئس ۽ نوڪري جي جوائننگ ڪرڻي هئي هتي بابا سائين جي آفس ۾ ئي .
تون ڇا پيو ڪرين اڄ ڪلهہ ؟ راج آدرش کان پڇي ٿو.
آدرش ؛ آفس اڳيان لڳل ڇولن جي ريڙهي ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو هي منهنجي ريڙهي آ ، هيءَ ڪندو آهيان.
راج ؛ پر تو تہ مونسان گڏ ايم اي ڪيو هو ، پوءِ هي ڇو .
آدرش ٿڌو ساهہ ڀري چوي ٿو ،
زندگي ۾ اڻ کُٽ جدوجهد ۽لڳاتار ناڪامين کانپوءِ جڏهن سمجهہ نه آيو ته ائين ڪرڻ مون مناسب سمجهو ۽ ان ۾ ڪا برائي ناهي راج ، آخر تون پاڻ واقف آهين سنڌ جي ادارن مان وس وارن مان ، پيرن مان ، جن وٽ اختيار آهن تن مان ، آخر هڪ انسان ڪيترو ذليل ٿي سگهي ٿو هر شئي جي حد ته مقرر ٿيل آهي نہ
...... شايد مون کي به ايترو ذليل ٿيڻو هو .
بابا جنهن جي خواهش هئي تہ مان پڙهي لکي ، وڏو ماڻهو ٿيان سندس ذمهداريون پنهنجي ڪلهن تي کڻان ، ۽ خاندان جا ڏک ڏور ڪيان جيڪي نصيبن ۾ اسان لاءِ آسمان مان لکيا ويا آهن ،
وڏو ماڻهو تہ ٿي نہ سگهيس پر باباجون ذمهداريون ڪلهن تي کڻڻ جو وڏو فخر آ
وڏي پٽ جي حيثيت سان گهر جو بار مون مٿان اچي پيو آ ، بابا جيڪو سِلهہ جي بيماري ۾ اچي کٽ تي پيو آ ، گهر جا 5 ڀاتي جيڪي هاڻ بابا کانپوءِ مون ۾ اميد رکيون ويٺا آهن ته کين گزر سفر جو بندوبست ڪيان .
مناسب لفظ ذهن تي نٿا اچن ، جيڪي انهئي پيڙاه جو اظهار ڪن .
راچ مان انهئي دٻڻ مان چاهيندي به نٿو نڪري سگهان
ڏس آدرش تون اجايو پيو ايموشنل ٿئين آخر تو جهڙا ڪيترا ئي آهن جن وٽ ڊگريون آهن ۽ هو ڪنهن مِل فيڪٽري ۾ ننڍو ڪم ڪندي آر محسوس نٿا ڪن پوءِ تون ايترو جذباتي ڇو ٿو ٿئين .
سچ ٿو چوين راج مان ڪجهه وڌيڪ ئي جذباتي ٿي ويندو آهيان مونکي حقيقتن کام منهن موڙڻ نه گهرجي .
ڪڏهن ڪڏهن سمجه نه ايندو آ ته مان زنده ڇو آهيان .
آدرش تون ڪٿي فيڪٽري يا ڪنهن دڪان تي ڪم ڇو نٿو ڪرين ؟
آدرش ؛مان پنهنجي روز جي ڪيل محنت جي اجوري جو انتظار مهينونٿو ڪرڻ چاهيان ،
جتي ضرورتون ڏينهن جون هجن ۽ نانگ جيان ڦڙ کنيو بيٺيون هجن
اتي مهينو انتظار ڪرڻ ڪنهن موت کان گهٽ ناهي انڪري به مان هي ڇُولا ۽ بن جو ريڙهو
لڳايو آ گهٽ ۾ گهٽ مان انهئي مان پنهنجو ۽ گهر وارن جي روز جي ضرورتن کي پورائتو ڪري سگهان ٿو .
آدرش تنهنجي اکين ۾ پاڻي ؟
اُها جاءِ ملي جتي اوڇنگارون ڏئي روئي سگهان .
تون ته هميشه همت ۽ حوصلي جي ڳالهه ڪندو رهندو آهين پوءِ اڄ ايترو مايوس ڇو ؟
راج آخر مان به انسان آهيان ڪنهن فڪس ٿيل مڪينيڪل پرزي جيان اڻ کٽ سفر ڪندي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ٿڪجي پوڻ منهنجي فطرت ۾ شامل آ .
ڳالهين ڳالهين ۾ وقت جي خبر ئي نہ پئي ۽ رات جا 8 ٿي ويا آهن . .
راج هاڻ مونکي اجازت ڏي ته مان گهر هلان .
ٺيڪ آ آدرش وري ملبو .
آدرش گهر ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو
در کولي اندر داخل ٿئي ٿو ...
ابا اچي وئين .
جي ها امان .
بابا جي طبيعت ڪيئن آ ؟ دوا پياري اوهان ؟
ابا ساڳي حالت اٿس .
من ۾ خيال اڀريس ٿو هڪ مرندڙ وسامجندڙ زندگي مٿان جيئرن جو جيڪي وڌيڪ حقدار آهن انهن حقدارن جو خرچ مرندڙ زندگي مٿان ڪرڻ انصاف ٿيندو ؟
من ۾ ڀڙڪي ٿو
هي ڇا پيو چوان ، آخر منهنجو والد آ مان هر آخر حد تائين ان جو علاج ڪندم خرچ ڪندم .
ابا ماني کائيندين ؟
نه امان مان ٻاهران کائي آيو آهيان اڄ منهنجي يوني جو دوست راج مليو هو ان سان گڏ .
ابا راج اهو آ نه جيڪو تنهنجو يوني جو گهاٽو دوست هو ؟
جي ها امان ،
ابا راج ته وڏي پيءَ جو پٽ آ
پنهنجي لاءِ ڪا سفارش ئي ڪرينس .
.............
............
............
امان تون ڇا ٿي چاهين مان وري ساڳين حالتن ڏانهن موٽ کائي وڃان ؟
ڪيتري مشڪل سان مان پاڻ کي مطمئن ڪيو آ ۽ سمجهايو آ ته هاڻ منهنجو اهو ئي نصيب آ جيڪو مان ڪيان پيو .
۽ توکي ته خبر آ امان راج کان منهنجي حالت لڪل ته ناهي جي چاهي ته...... خير .
کٽ تي ليٽي اکيون ٻوٽي ٿو .
ڪنهن فلم جيان سمورو ماضي اکين اڳيان ٿو اچيس.
سڄو ڏينهن هلي هلي رلي پني ٿڪجي گهر ناڪام موٽڻ
وڏيرن وٽ ، وس وارن وٽ ، سنڌي آفيسرن وٽ سندن در تي ڪتي وانگر ، لوسي بڻيو پاڻ کي محتاج ذليل ڪريل پيش ڪرڻ ..
افففف
ڪيڏو نه ڀوائتو آ ماضي.
زندگي .... جهدِ مُسلسل اڻ کُٽ سفر .... ڪڏهن بيزاري وچان بُڇان زندگي مان .... پر وري بہ پياري آ .
من ۾ سوچي ٿو هاڻ سمهڻ گهرجي ڪافي رات ٿي وئي آ وري صبح جو سوير اٿي زندگي جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻو آ
ريڙهو لڳائڻو آ .
ع،ح، ڪليري
https://www.facebook.com/photo.php?...24593.100001216062693&type=1&relevant_count=1