• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حڪومت ۽ سماجي تنظيمون ٻنهي جا رويا

سنڌ ۾ جتي ڪيترائي مسئلا آهن جيتوڻيڪ اهي سڀئي پنهنجي پنهنجي جڳهه تي حل گهرن ٿا هاڻي موجوده حڪومتون جڏهن پنهنجي موڊ ۾ اچن ته اهي غريب عوام جي مسئلن تي نظرثاني ڪن.

اسان وٽ ڪهڙا مسئلا ۽ ڪهڙن تي آواز اُٿارڻ گهرجي، انهن جي چونڊ ڪرڻ جو طريقو گهٽ اچي ٿو. جڏهن مسئلا انتهائي سنجيده موڙ اختيار ڪري ويهن ٿا پوءِ حڪومت کي محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي يا وري اهي مسئلي تي اُٿندڙ آواز کي دٻائڻ چاهيندا آهن جو وڌيڪ تنقيد نه ٿئي.

حڪومتن جي مٿان ذميواري عائد ٿئي پئي، اهي مسئلن کي حل ڪن جتي حڪومت جي ڪلهن تي مسئلن کي حل ڪرڻ جو فرض اهي اتي سياسي پارٽين ۽ سماجي تنظيمن تي به فرض اچي ٿو ته اهي صرف هٿن ۾ بينر جهلي احتجاج ڪرڻ کانسواءِ به ڪم ڪن.

اخبارن جي پوئين پيج تي هميشه ننڍڙي تصوير سان خبر لڳل هوندي آهي ته هارين کي وڏيري جي قيد مان آزاد ڪرايو ويو. آزاد ٿيل هاري زندگي گذارڻ لاءِ بنيادي ضرورتون گهرڻ لاءِ احتجاج ڪندي نظر ايندا. بنيادي ضرورتون پري جي ڳالهه پر انهن کي هڪ ويلي ماني کائڻ جي به مدد نه ڪئي ويندي.

وڏيري جي قيد مان آزاد ٿيل هارين سان فوٽو ڪڍرائي ۽ پنهنجي سماجي تنظيم فائلن کي ڀري، رڪارڊ مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اسان وڏيرن جي ظلم کان غريب ماڻهن کي آزاد ڪرايوسين، عمل بهتر آهي جو نجي جيل جي سلاخن پٺيان معصوم ماڻهن کي آزاد ڪرايو پر نجي جيل کان ٻاهر نڪري جڏهن روڊن تي زندگي گذارڻ لڳن ٿا، ڇا اُهو ظلم ناهي جو معصوم ماڻهن جي پٺيان ڪير مدد به نه ٿو ڪري.

حڪومت ۽ سماجي تنظيمون ٻنهي جا رويا اِن حوالي سان سرد نظر اچن ٿا، پنهنجا نمبرز وڌائڻ لاءِ غريبن جي تذليل مٿان تذليل ڪئي وڃي ٿي.

اسان کي ان ڳالهه سان انڪار ناهي ته نجي جيلن مان مظلوم ماڻهن کي آزاد نه ڪرايو وڃي، يقينن آزاد ڪرايو. اسان حڪومت کان به پڇڻ چاهينداسين ته آخر نجي جيل هينئر تائين موجود ڇو آهن؟ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ ۾ حڪومت قدم ڇو نه ٿي کڻي؟

جيڪي تنظيمون ۽ سماجي اڳواڻ نجي جيلن مان هارين کي آزادي ڏيارين ٿا انهن کي به ڏسڻ گهرجي، آزادي ملڻ کان پوءِ انهن هارين جو ڇا ٿيندو؟ اهي پنهنجي زندگي جو گاڏو ڪيئن گذاريندا؟

وڏيري جي قيد ۾ رهندڙ اهي هاري، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وڏيري جون ڌمڪيون برداشت ڪندا هوندا ۽ وري مٿان واپس ڳوٺ به وڃڻ مشڪل ٿيندو هوندو. ان ڪري جيڪڏهن انهن کي آزاد ڪرايو وڃي ٿو پوءِ انهن جي ايتري مدد ڪئي وڃي جو اهي پنهنجي زندگي کي هڪ ڀيرو ٻيهر سهارو ڏئي سگهن. ائين ئي هڪ ٻيو ڪيس عمر ڪوٽ ۾ ٿيو جنهن ۾ 72 هارين کي زبير سهتي جي قيد مان آزادي ڏيارڻ ۾ ڪردار ويرجي ڪولهي وڪيل جو آهي جنهن انسانيت جي بنياد تي اِن کي ڪيس کي کنيو. 72 هارين کي آزاد ملي وئي پر ان کان پوءِ هارين جي زندگي ڪيئن گذري؟ ان جي شاهدي حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران ويٺل معصوم هارين جي رنجيده چهرا واضح پيغام ڏنو پئي. حيدرآباد جي ڪنهن به سياسي اڳواڻ انهن 72 هارين جي مدد نه ڪئي نه ئي سماجي اڳواڻن جي چيمپئن انهن جي مدد لاءِ ٻه قدم کڻي اڳتي آيا. ان دوران ويرجي ڪولهي تي حملو به ٿيو، ظاهر آهي جڏهن هڪ وڏيري جي قيد مان هارين کي آزاد ڪرايو ويندو ته موٽ ۾ اُهو گلن جا هار نه موڪلندو.

ويرجي ڪولهي، هارين کي آزادي ڏياري بهترين ڪم ڪيو پر انهن جي اڳتي زندگي ڪيئن گذريندي ان حوالي سان به ڪو ڪم ڪرڻ گهربو هو ته جيئن اهي حيدرآباد پريس ڪلب جي در تي نه ويهن ها. ويرجي ڪولهي مطابق ته هو راڄوڻي فيصلي تحت هارين جي مال و سامان کي وڏيري قبضي ۾ کڻي ڇڏيو اهو واپس ڏنو ويندو. جيڪو پنهنجي پَرَ ۾ سٺو سنوڻ آهي.

عدالتي فيصلي جو اختتام هڪ راڄوڻي فيصلي تي اچي ٿيو. اسان ايترو ئي چونداسين ته هارين کي نجي جيلن مان آزادي ڏيارڻ کان پوءِ اُنهن جي مدد ڪرڻ لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن کي به ڏسڻ گهرجي ته قيدي کان آزاد ٿيل هارين جي مدد ڪير ڪندو؟ ان ڪري ٺوس قدم کنيا وڃن جو جيئن هاري آزاد ڪرائيندڙ ۽ ٿيندڙن کي تحفظ ملي سگهي. حڪومت اِن حوالي سان ڪا پاليسي آڻيندي جنهن ۾ نجي جيل مان آزادي ماڻيندڙ هارين کي تحفظ ملي سگهي!
 
Back
Top