آدرش تون هتي ؟ راج آدرش کي حيدرآباد ۾ پنهنجي والد جي آفس اڳيان ڏسي سوال ٿو ڪري . آدرش خاموش تون هتي ڇا پيو ڪرين ؟ راج کان آدرش پڇي ٿو. راج وراڻي ٿو ، هي منهنجي بابا جي آفس آهي مان بابا سائين سان ملڻ آيو هئس ۽ نوڪري جي جوائننگ ڪرڻي هئي هتي بابا سائين جي آفس ۾ ئي . تون ڇا پيو ڪرين اڄ ڪلهہ ؟ راج آدرش کان پڇي ٿو. آدرش ؛ آفس اڳيان لڳل ڇولن جي ريڙهي ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو هي منهنجي ريڙهي آ ، هيءَ ڪندو آهيان. راج ؛ پر تو تہ مونسان گڏ ايم اي ڪيو هو ، پوءِ هي ڇو . آدرش ٿڌو ساهہ ڀري چوي ٿو ، زندگي ۾ اڻ کُٽ جدوجهد ۽لڳاتار ناڪامين کانپوءِ جڏهن سمجهہ نه آيو ته ائين ڪرڻ مون مناسب سمجهو ۽ ان ۾ ڪا برائي ناهي راج ، آخر تون پاڻ واقف آهين سنڌ جي ادارن مان وس وارن مان ، پيرن مان ، جن وٽ اختيار آهن تن مان ، آخر هڪ انسان ڪيترو ذليل ٿي سگهي ٿو هر شئي جي حد ته مقرر ٿيل آهي نہ ...... شايد مون کي به ايترو ذليل ٿيڻو هو . بابا جنهن جي خواهش هئي تہ مان پڙهي لکي ، وڏو ماڻهو ٿيان سندس ذمهداريون پنهنجي ڪلهن تي کڻان ، ۽ خاندان جا ڏک ڏور ڪيان جيڪي نصيبن ۾ اسان لاءِ آسمان مان لکيا ويا آهن ، وڏو ماڻهو تہ ٿي نہ سگهيس پر باباجون ذمهداريون ڪلهن تي کڻڻ جو وڏو فخر آ وڏي پٽ جي حيثيت سان گهر جو بار مون مٿان اچي پيو آ ، بابا جيڪو سِلهہ جي بيماري ۾ اچي کٽ تي پيو آ ، گهر جا 5 ڀاتي جيڪي هاڻ بابا کانپوءِ مون ۾ اميد رکيون ويٺا آهن ته کين گزر سفر جو بندوبست ڪيان . مناسب لفظ ذهن تي نٿا اچن ، جيڪي انهئي پيڙاه جو اظهار ڪن . راچ مان انهئي دٻڻ مان چاهيندي به نٿو نڪري سگهان ڏس آدرش تون اجايو پيو ايموشنل ٿئين آخر تو جهڙا ڪيترا ئي آهن جن وٽ ڊگريون آهن ۽ هو ڪنهن مِل فيڪٽري ۾ ننڍو ڪم ڪندي آر محسوس نٿا ڪن پوءِ تون ايترو جذباتي ڇو ٿو ٿئين . سچ ٿو چوين راج مان ڪجهه وڌيڪ ئي جذباتي ٿي ويندو آهيان مونکي حقيقتن کام منهن موڙڻ نه گهرجي . ڪڏهن ڪڏهن سمجه نه ايندو آ ته مان زنده ڇو آهيان . آدرش تون ڪٿي فيڪٽري يا ڪنهن دڪان تي ڪم ڇو نٿو ڪرين ؟ آدرش ؛مان پنهنجي روز جي ڪيل محنت جي اجوري جو انتظار مهينونٿو ڪرڻ چاهيان ، جتي ضرورتون ڏينهن جون هجن ۽ نانگ جيان ڦڙ کنيو بيٺيون هجن اتي مهينو انتظار ڪرڻ ڪنهن موت کان گهٽ ناهي انڪري به مان هي ڇُولا ۽ بن جو ريڙهو لڳايو آ گهٽ ۾ گهٽ مان انهئي مان پنهنجو ۽ گهر وارن جي روز جي ضرورتن کي پورائتو ڪري سگهان ٿو . آدرش تنهنجي اکين ۾ پاڻي ؟ اُها جاءِ ملي جتي اوڇنگارون ڏئي روئي سگهان . تون ته هميشه همت ۽ حوصلي جي ڳالهه ڪندو رهندو آهين پوءِ اڄ ايترو مايوس ڇو ؟ راج آخر مان به انسان آهيان ڪنهن فڪس ٿيل مڪينيڪل پرزي جيان اڻ کٽ سفر ڪندي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ٿڪجي پوڻ منهنجي فطرت ۾ شامل آ . ڳالهين ڳالهين ۾ وقت جي خبر ئي نہ پئي ۽ رات جا 8 ٿي ويا آهن . . راج هاڻ مونکي اجازت ڏي ته مان گهر هلان . ٺيڪ آ آدرش وري ملبو . آدرش گهر ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو در کولي اندر داخل ٿئي ٿو ... ابا اچي وئين . جي ها امان . بابا جي طبيعت ڪيئن آ ؟ دوا پياري اوهان ؟ ابا ساڳي حالت اٿس . من ۾ خيال اڀريس ٿو هڪ مرندڙ وسامجندڙ زندگي مٿان جيئرن جو جيڪي وڌيڪ حقدار آهن انهن حقدارن جو خرچ مرندڙ زندگي مٿان ڪرڻ انصاف ٿيندو ؟ من ۾ ڀڙڪي ٿو هي ڇا پيو چوان ، آخر منهنجو والد آ مان هر آخر حد تائين ان جو علاج ڪندم خرچ ڪندم . ابا ماني کائيندين ؟ نه امان مان ٻاهران کائي آيو آهيان اڄ منهنجي يوني جو دوست راج مليو هو ان سان گڏ . ابا راج اهو آ نه جيڪو تنهنجو يوني جو گهاٽو دوست هو ؟ جي ها امان ، ابا راج ته وڏي پيءَ جو پٽ آ پنهنجي لاءِ ڪا سفارش ئي ڪرينس . ............. ............ ............ امان تون ڇا ٿي چاهين مان وري ساڳين حالتن ڏانهن موٽ کائي وڃان ؟ ڪيتري مشڪل سان مان پاڻ کي مطمئن ڪيو آ ۽ سمجهايو آ ته هاڻ منهنجو اهو ئي نصيب آ جيڪو مان ڪيان پيو . ۽ توکي ته خبر آ امان راج کان منهنجي حالت لڪل ته ناهي جي چاهي ته...... خير . کٽ تي ليٽي اکيون ٻوٽي ٿو . ڪنهن فلم جيان سمورو ماضي اکين اڳيان ٿو اچيس. سڄو ڏينهن هلي هلي رلي پني ٿڪجي گهر ناڪام موٽڻ وڏيرن وٽ ، وس وارن وٽ ، سنڌي آفيسرن وٽ سندن در تي ڪتي وانگر ، لوسي بڻيو پاڻ کي محتاج ذليل ڪريل پيش ڪرڻ .. افففف ڪيڏو نه ڀوائتو آ ماضي. زندگي .... جهدِ مُسلسل اڻ کُٽ سفر .... ڪڏهن بيزاري وچان بُڇان زندگي مان .... پر وري بہ پياري آ . من ۾ سوچي ٿو هاڻ سمهڻ گهرجي ڪافي رات ٿي وئي آ وري صبح جو سوير اٿي زندگي جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻو آ ريڙهو لڳائڻو آ .